• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سهڻي لطيف جي صلاح

نثارابڙو

نائب منتظم
1379212_10151928151093948_1463106785_n.jpg
شاه جو هي بيت آءُ نالي ڪريانٿو سمورن سنڌين جي؛ مرشد لطيف جون صلاحون ۽ هدايتون ائين آهن جيئن لوه لاءِ پارس، اسانجا سنڌي جيڪڏهن مرشد لطيف جي صلاحن تي هلي پون ته هوند ٻنهي جهانن جي زندگي سڦل ٿي پوي ...

سـون ساريڪا هٿــڙا، ڪوهُ نه ڪتيـن رڏِ،
ويهي ڪنڊ، ڪاپوڪر، گھتون گهويون ڇڏ،
تـه صـــرافاڻي ســڏِ، مرڪيـو هــوند مٽائين.
سر ڪاپائتي

اي هوڏ ۽ اجائي آڪڙ سان ڀريل ڇوڪري! تنهنجا هٿ ته سون جهڙا آهن، جيڪڏهن تون هڪ پاسي تي ويهي ڌيان سان پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ جا جتن ڪرين ۽ هي ازرخواهيون ۽ چنڊايون ڇڏي ڪم ڪرين ته هوند اهڙي شئي حاصل ڪري وٺين جيڪا وٺڻ وارن ۽ اگهائڻ وارن جي آڏو توکي سرخرو ڪري ڇڏيندي ۽ تنهنجو سر بلند ٿي ويندو جنهن سان تنهنجون خوشيون موٽي اينديون.​
 
Back
Top