• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نواز ليگ جي 4 مهينان حڪومت ۽ مهانگائي جو طوفان

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
مبشر لقمان جو پروگرام کرا سچ ڏسندي حيران ٿي ويم۔۔ گذريل حڪومت دوران مهانگائي جون دانهون ڪندڙ نواز ليگ حڪومت ۾ اچي عوام جو رهيل سهيل ڪسر به پوري ڪري ڇڏي آهي۔۔۔
ن ليگ جي حڪومت ٽن مهينن جي اندر مهانگائي کي سراسري طرح 15 سيڪڙو اضافي ۾ آندو آهي۔۔ ۽ توهان کي خبر آهي ته اهو ڪيترو اضافو آهي۔۔۔
رڌڻي ۾ استعمال ٿيندڙ شين جي قيمت ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو۔۔۔
پيٽرول 98 روپي کان تڪڙو ٽپ کائيندو 114 روپين تي پهچي چڪو آهي۔۔۔
سي اين جي قيمت ۾ 11 سيڪڙو اضافو آندو ويو۔۔۔
جڏهن ته بجلي جو يونٽ جيڪو هن حڪومت اچڻ کان اڳ 5 روپين جو هو ۔۔۔ هاڻي 12 روپين ۾ ملندو ۔۔۔
ڊالر جي قيمت 98 کان چڙهي ريڪار 110 سطح تي پهتي جنهن تي اسٽيٽ بينڪ مصنوعي طور ڪنٽرول ۾ رکيو آهي۔۔

جڏهن ته ايم اين اي، ايم پي جي پگهارن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ رڳو 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو ۔۔۔ سو اِضافو به ڪهڙي طرح ٿيو سموري دنيا کي خبر آهي۔۔۔۔


وڌيڪ وضاحت هن وڊيو ۾​
 
ماڻهن کي ڪافي توقعات هيون ته نئين حڪومت شايد ڪا بهتري آڻيندي ليڪن هن ته رهي سهي ڪسر به ڪڍي ڇڏي لڳي ٿو هاڻي هر نئين حڪومت پهرين کان بد هوندي۔
 
اسان ته اڳ ئي دانهون ڪيون هيون ته نواز ليگ ۾ حڪومت هلائڻ جي اهليت ئي ناهي ۔۔۔۔۔ پر سڀ ڪو بحث ڪندو هو۔ اڃان ته حڪومت کي ٽي مهينا ٿيا آهن۔ 16 سالن جو بکايل ۽ اڃايل شينهن گهٽ ڪونه ڪندو۔۔۔ !!!
 
999071_575240952511681_268265727_n.jpg
 
ها ادا سليمان وساڻ يار هنن ته هاڻ ئي ويل ڪري ڇڏيو آهي پنجن سالن ۾ الائي ڇا ڪندا الله پيو پناهه ڏئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪميڻا پنهنجي پگهار 100 سيڪڙو ۽ ٻين ملازمن جي 10 سيڪڙو اها به وڏي احتجاج کان پوءِ وڏا ڪميڻا آهن ادا
 
Back
Top