• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 25 آڪٽوبر تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 25 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

25 آڪٽوبر 1866ع سنڌ- هند جي مشهور ڀڳت، سنت سترام داس جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 آڪٽوبر 1881ع جڳ مشھور مصور، مجسمہ ساز ۽ چترڪار پبلو پڪاسو (Publo Picasso) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 آڪٽوبر 1904ع شاعر سترامداس ڪيولرام ڀڳواناڻي (روهڙي / پونا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 آڪٽوبر 1906ع شاعر مرزا قمر علي بيگ حيدري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 آڪٽوبر 1926ع نامياري چترڪار اسماعيل گل جي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 آڪٽوبر 1937ع ليکڪ لڪشمڻ جسوجا (سنڌ / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 آڪٽوبر 1947ع ليکڪ سريچند ڪيسواڻي جو جنم ڏينهن آهي.
25 آڪٽوبر 1949ع مشھور ڳائڻي ۽ اداڪارہ سلمہ آغا جو جنم ڏينهن آهي.
25 آڪٽوبر 1959ع اداڪار امبرت واسواڻي جو جنم ڏينهن آهي.
25 آڪٽوبر 1961ع آرٽسٽ ذوالفقار هيسباڻي جو جنم ڏينهن آهي.
25 آڪٽوبر 1961ع ناليواري ليکڪا ۽ شاعرہ شاهدہ کوکر جو جنم ڏينهن آهي.
25 آڪٽوبر 1964ع شاعر آڪاش سومرو جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

25 آڪٽوبر 1980ع نامور راڳي شادي فقير جي وفات ٿي.
25 آڪٽوبر 1980ع اردوءَ جي مشهور شاعر ساحر لڌيانوي جي وفات ٿي.
25 آڪٽوبر 1995ع نامياري ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر نجم عباسي جي وفات ٿي.
25 آڪٽوبر 2005ع لوگ گلوڪاره، استاد، ڪهاڻيڪار ۽ سياسي ڪارڪن جيجي زرينہ بلوچ جو انتقال ٿيو.
25 آڪٽوبر 2005ع شاعر راحم صديقي جو انتقال ٿيو.
25 آڪٽوبر 2023ع مشھور اديب، محقق ۽ تعليمدان پروفيسر سيد گل محمد شاھہ بخاريءَ جو انتقال ٿيو.

واقعا:

1869ع – مشھور سائنسدان ايڊيسن، نئين مشين ٽيلي گرافي متعارف ڪرائي.
1962ع –يوگنڊا اقوام متحدہ جو رڪن بڻيو.
2002ع – پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ آرڊيننس نمبر 85 تحت قلم 489F شامل ڪيو ويو، جنهن تحت بي ايماني سان ڏيتي ليتيءَ يا قرض عيوض جاري ٿيل چيڪ جي بينڪ مان پاس نہ ٿيڻ کي ڏوھ قرار ڏنو ويو.
2018ع – سهالي ورڪ زيوڊي ايٿوپيا جي پهرين عورت صدر چونڊي وئي.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
آخري ترميم:
Back
Top