
پاڪستان نه صرف ڪئي سالن تائين آمريڪي ڊرون حملن جي حمايت ڪندو رهيو آهي بلڪه انهن حملن ۽ مارجي ويندڙ ماڻهن جي باري ۾ کيس بريفنگ پڻ ڏني ويندي رهي آهي۔۔۔
اها دعوى ڪئي آهي معروف آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ۔۔ جنهن جي چوڻ مطابق آمريڪي اداري سي آئي اي وٽ اهڙا سيڪريٽ ڪاڳر موجود آهي جن ۾ ڊرون حملن کان اڳ ۽ بعد جون تصويرون ۽ نقشا به شامل آهن ۽ اهي سمورا ڪاڳر هُو پاڪستان حڪومت کي ڏيڻ لاءِ تيار آهن۔۔۔ ايسيتائين جو 2010 جي هڪ دستاويز ۾ ايتري تائين به لکجي چڪو آهي ته هي حملو پاڪستان حڪومت جي درخواست تي ڪيو ويو آهي۔۔۔

ماضي ۾ به هڪ اهڙي قسم جي رپورٽ سامهون آئي هئي جنهن مطابق ڊرون حملن لاءِ ڊرون جهاز بلوچستان ۾ موجود شمسي ايئر بيس استعمال ڪندا آهن۔۔۔۔
دلچسپي رکندڙ دوست هتي ڪلڪ ڪري واشنگٽن پوسٽ جي مڪمل رپورٽ پڙهي سگهن ٿا۔۔۔