ونڊوز ڪنٽرول پينل ۾ Add/Remove يوٽيليٽي ذريعي ڪنهن به سافٽويئر کي رموو ڪري ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ ان باوجود اهڙا کوڙ سافٽويئر موجود آهن جيڪي سولائي سان ريموو ٿي نه سگهندا آهن۔۔۔ ٻيو ته ڪو به سافٽويئر انسٽاليشن جي دوران پنهنجيون انٽريز رجسٽري ۾ ڪندو آهي۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو هڪ دفعو مفت ۾ انسٽال ڏيندڙ ٻيو دفعو مفت ۾ استعمال ڪري نه سگهبا آهن۔۔۔ جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته ڪنهن به پروگرام کي مڪمل طور ان انسٽال يا ريموو ڪجي ته ان لاءِ Uberstaller هڪ بهترين سافٽويئر آهي۔۔۔ هر ونڊوز سان ڪمپيٽيبل هي سافٽويئر بهتر طريقي سان تڏهن ئي ڪم ڪندو جڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ نيٽ فريم ورڪ 0۔2 هجي۔۔۔ سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔
جواب: سافٽويئر ان انسٽال ڪرڻ به ڪو مسئلو آهي ڇا۔۔۔؟ واه ادا رشيد واه ۔۔۔۔۔ ڀائيڙا اوهان ڏنل يا موڪليل ڪمپيوٽر جي باري ۾ اهڙا طريقا اسان جهڙن اٻوجهن جي لا تمام ڪارائتا تڏهن ثابت ٿيندا آهن جڏهن اوهان کان فون جي ذريعي ان بابت تفصيلي ڄاڻ حاصل نه ڪجي تيستائين اسان جي ذهن واري مٿئين خاني کان به اصل مٿان گذري ويندا آهن۔۔۔ پر سائين اوهان جون لکڻيون تمام بهترين ۽ نڪور هونديون آهن۔۔۔۔۔۔
جواب: سافٽويئر ان انسٽال ڪرڻ به ڪو مسئلو آهي ڇا۔۔۔؟ وعليڪم السلام سائين،،، تمام بهترين سافٽ ويئر ڏسيو اٿوَ ۔۔۔ انشاءَ الله ان مان فائدو وٺبو۔۔۔
جواب: سافٽويئر ان انسٽال ڪرڻ به ڪو مسئلو آهي ڇا۔۔۔؟ ادا رشيد توهان جي ڏنل سافٽ ويئر تمام بهترين آهي واقعي به ڪي ڪي سافٽ ويئرس ان انسٽال ٿيڻ ۾ مسئلو پيدا ڪندا آهن هاڻي انهن مان به اوهان جي ڏنل سافٽ ويئر جي بدولت ڇوٽڪارو ملي ويو تمام بهترين شيئرنگ پيش ڪرڻ تي توهان جس لهڻو سدائين گڏ
جواب: سافٽويئر ان انسٽال ڪرڻ به ڪو مسئلو آهي ڇا۔۔۔؟ پر ادا ابوزين جو خيال مختلف آهي۔۔۔۔ هنن ٻڌايو ته هن سافٽويئر ذريعي ٽيم ويوئر مڪمل طور ان انسٽال ٿي نه سگهيو ۔۔۔۔۔۔۔ جيڪڏهن اها ئي ڳالهه آهي ته پوءِ مان کڻي آيو آهيان هڪ وڌيڪ سافٽويئر ۔۔۔ هي آهي IObit Advanced Uninstaller هڪ دفعو چيڪ ڪري ڏسو۔۔۔