جهڙي آيس جيئن جي تهڙي وڃان تن ڏي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2013۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جهڙي آيس جيئن جي تهڙي وڃان تن ڏي
    ته لالائي جا ، لطيف چئي ڪر مُندنِ اُٺا مينهن
    ماڙيءَ لڳميم مهڻو، سڀ ڄماندر سيئن
    ٿيس ڪاڻياري ڪنڌ جي، هتِ اَچِي هيئن
    ڪنڌ کڻنديس ڪيئن، منهن ماروڙئن جي؟
    شاھ عبد الطيف ڀٽائي رحمت الله عليه
    سُر مارئي داستان ٽيون بيت پهريون
    هن بيت جو ترجمو جيڪو آڏواڻِ صاحب ڪيو آهي اهو ڪُجھ هن ريت آهي۔
    جهڙي ئي پاڪ دامن هتي آيس تهڙي جي مارن ڏي موٽي وڃان ته اتي هوند لالڻ (منهن ۾ خوشي) جي (چمڪ ) جا مدائتا مينهن وسي وڃن۔(مڙئي مارو شاد و آباد هجن) مونکي سڄي عمر محل ماڙي جيو مهڻو لڳو آهي هتي اچي مالڪ جي ڀتار جي قصوروار ٿي آهيان ماروڙن جي پکن ۾ مان ڪيئن ڪيئن منهن مٿي ڪري سگهنديس۔
    هاڻي جي ان شعر جي ڪيل ٽشريح مان ڏنل ڏنگيون ڪڍجن ڇو جو ڏنگين مان مُراد متجم جو خيال هوندو آهي ٿي سگهي ٿو وارثِ ڪلام ان کان انڪار ڪري ته ڏنل ڏنگين ۾ مترجم جي ان معنى جي ڪا حيثيت ناهي رهندي ته ترجمو هي وڃي ٿيندو
    جهڙي ئي پاڪ دامن هتي آيس تهڙي جي مارن ڏي موٽي وڃان ته اتي هوند لالڻ جا مدائتا مينهن وسي وڃن مونکي سڄي عمر محل ماڙي جيو مهڻو لڳو آهي هتي اچي مالڪ جي ڀتار جي قصوروار ٿي آهيان ماروڙن جي پکن ۾ مان ڪيئن ڪيئن منهن مٿي ڪري سگهنديس۔
    هاڻي جي هن شعر جي شرح ڪجي ته پهريان ان ڳالح کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته اسان ان ڳالھ کي سمجهون ته صاحب عرفان هستيون جڏهن ڪا ڳالھ ڪندا آهن ته انهن جو ڪلام مُبهم هوندو آهي يقينن الفاظن ۾ تفاوت ناهي هوندو پر ملان جي آذان عليحده هوندي آهي مجاهد جي آذان عليحده هوندي آهي ٻنهي جي اڏام هڪ ئي فضا۾ هوندي آهي پر شهباز جو جهان پنهنجو هوندو آهي ۽ ڳجھ جو جهان پنهنجو هوندو آهي (علامه اقبال جي شعر جو ترجمو)۔ عارف جي الفاظن جي پنهنجي دنيا آهي جنهن ديس جو احوال عارف عاشق ڏيندو آهي ان احوال کي اهو ماڻهون سمجهڻ کان قاثر هوندو آهي جنهن اهو جهان ناهي ڌٺو هوندو آهي پوءِ لطف سرڪار هُجي بُلي شاڳ هجي يا سلطان باهو يا ڪو عارف۔ ته لطيف سرڪار جي سُرن ۾ به اهي رز آهن جيڪي پنهنجي حقيقت وسيع پيغام ڏين ٿا۔ اچ ته هاڻي هن شعر مان پنهنجي لاءِ پيغام ڳوليون۔
    جهڙي آيس جيئن جي تهڙي وڃان تن ڏي
    هن دنيا ۾ انسان جهڙو آيو آهي جڏهن انسان پيدا ٿيو هو ته يقينن هو فطرت الله تي خلق ٿيو هو جي سڄي عمر فطرت تي رهي گذاري وڃي ته هي وڌو مقام آحي جڏهن ته عارفين جي نظر ۾ مقامِ فطرت کان به مٿانهون مقام آهي جنهن کي هُنن مقامِ تسليم ورضا ڏيو آهي ( نه ڪر فطرت جي تقاضن تي راھِِ عمل کي بند مقصو آهي ڪجھ ٻيو منزلِ تسليم و رضا کي ترجمو اقبال جي شعر جو)( جان ڏئي ڏنل جو هُن جي هي حق ته هي آهي حق ادا نه ٿيو مرزا غالب جي شعر جو ترجمو) انسان جنهن فطرت تي آيو آهي جي اهڙو ئي وڃي ته
    ته لالائي جا ، لطيف چئي ڪر مُندنِ اُٺا مينهن
    تي هي اهي مدائتيون خوشيون آهن جيئن جنهن دل بُرائي ميسر اچڻ تي ان کان خوفِ خدا جي خاطر منهن موڙيو ته ان دل وقت جو سجدو ڪيو يقينن هي مقام بهترين مقام آهي پر جي هي جيڪو دل جو ٿان جهڙو کڻي آيو هو جي اهڙو ٿان نه کڻي ويو
    ماڙيءَ لڳميم مهڻو، سڀ ڄماندر سيئن
    ٿيس ڪاڻياري ڪنڌ جي، هتِ اَچِي هيئن
    ڪنڌ کڻنديس ڪيئن، منهن ماروڙئن جي؟
    مون تي جي دنيا جا مهڻا لڳا ته جي مالڪ مونکان اهو سوال ڪري ته هي جيڪو تون دنيا ۾ ڪندو رهيو آهين ڇا مون تو کي ان الاءِ خلقيو هو ته آءُ اتي ڪهڙو ڪنڌ کڻندُس
    هاڻي اچو ته هڪ قرآن جي آيت تي نظر وجهون
    ۽ اسان هر انسان جو طائر ( پکي اڄوڪي اصطلاح ۾ ڪمپيوٽر) ان جي ڳلي جو هار بڻئي ڇڏيو آهي ( جنهن کي هو پاڻ کان جُدا نه ٿو ڪري سگهي)۽ قيامت جي ڏينهن اسان ان (انسان) لاء هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ڪڍنداسين جنهن کي هو کليل ڏسندو پڙه ان پنهنجي ڪتاب کي اڄ هي تنهنجي حساب ڪتاب لاءِ ڪافي آهي ۔
    انسان جيڪو ڪُجھ ڪندو رهي ٿو سو ان جي نفس جي ڪتاب تي محفوظ ٿيندو رهي ٿو هن بفس جي ڪتاب تي لکيل کي مٽائن بذاتِ خود انسان جي پنهنجي وس ۾ ناهي ايسيتائين جو تنهائي و خلوت ۾ گذريل خيالن جا نقش به ان ٿي موجود آهن جيڪو يا هي انسان پاڻ ڄاڻي ٿو يا اهو عليم بذاتِ صُدُور۔
    انسان جڏهن به ڪو عمل ڪندو آهي ته ان جو انجام ڀلو يا بُرو نڪرندو آهي ڀلو انجام عارفين جي نظر ۾ جهاد آهي ؤ بُرو انجام فساد آهي۔
    بُرو انجام انسان جي نفسِ ۾ بيچيني پيدا ڪندو آهي ۽ ان عمل کي عارفين جهنم سڏيو آهي جيئن وتائي فقير واري مثال آهي ته سڀ ڪو پنهنجي باه پنهنجي پاڻ سان کڻي ايندو آهي مثال حسرت جي باھ ،مان عُجب رياڪاري غصو وعغيره انسان جي نفس ۾ بيچيني جا اثرات پيدا ڪندا آهن جڏهن ته عاجزي ونيازي صبر احسان نفسِ انسان تي سڪون جي ڪيفيت طاري ڪندا آهن هاڻي عارفين جي نظر ۾ هي اثر نه ڪنهن قوم نه ڪنهن مذهب جي ميراث آهن جيڪو مٿين بُراين ۾ مُبتلا هوندو اهو ان بيچيني ۾ رهندو ۽ جيڪو هيٺين عملن جو مالڪ هوندو سو سڪون امن آشتي ۾ هوندو۔ هن ڪتاب کي پڙهڻ سان انسان پنهنجي نجام تي نظر رکي سگهي ٿو ته هن وقت ڪٿي بيٺو آهي ۔
    وسلام
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو