جسو زنجيرن ۾، راتون ڏيهان روءِ

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2013۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    الاءِ ائين مَ ه، جيئن جيئن آنَ مران بند ۾
    جسو زنجيرن ۾، راتون ڏيهان روءِ
    پهرين وڃان لوءِ پوءِ مَرَ پُڄنَمَ ڏينهنڙا
    شاح عبد الطيف ڀٽائي رحمت الله عليه
    بيت سُر مارئي داستان ڇهون
    شرح لکندڙ آڏواڻي
    اي الله شل ائين نه ٿئي جو مان قيد ۾ مري وڃان، منهنجو جسم زنجيرن ۾ قابو هُجي ۽ مان راتو ڏينهان روئندي رهان۔ مان پهرين پنهنجي وطن وڃان پوءِ ڀل منهنجا ڏينهن پورا ٿين۔
    هن شرح ۾ مترجم ترجمي ۾ لفظ مان جو استعمال ڪيو آهي جڏهن ته عارفين جي نظر ۾ جڏهن انسان جي اندر پنهنجي گناهن جو يا خطائن جو احساس پيدا ٿيندو آهي ته اهي لفظ مان کان پرهيز ڪندا آهن ۽ جي اوهان غور سان پڙهند۽ ته شاھ صاحب جي شعر ۾ به لفظ مان ناهي پر لفظ آنَ آهي خير منهنجو خيال شايد غلط به ٿي سگهي ٿو هون به فقير جي ٻولي ۾ لفظ مان آهي ئي نه، نه ان جي ٻولي ۾ جنهن کي پنهنجي گناه جو احساس ٿئي۔
    الاءِ ائين مَ ه، جيئن جيئن آنَ مران بند ۾
    هي بظاهر دعا آهي مارئي جي۔ توبه واري يا احساس گناه جي بعد هي الفاظ جڙي نڪرندا آهن يا هي دعا گهرندا آهيون ته شل خاتمو ايمان تي ٿئي ۔ هي دنيا قيد خانو آهي مومن جي لاءِ پر ان کان به وڌي غلامي خواهشاتِ نفس جي غلامي آهي سو هتي دعا اها گهرڻي آهي ته ائين نه ٿئي جو انسان جڏهن مري ته هن جي ساھ هن دنيا جي خواهشن ۾ اٽڪيل رهجي وڄي۔ حضرت علي عليه السلام جو هڪ فرمان ۾ آهي ته دنيا ۾ هلڪا ڦلڪا رهو ته جيئن اڳتي وڌڻ وارن کي پهچي سگهو ان مان مراد صرف جسماني هلڪو ڦلڪو رهڻ ناهي پر ان مان مراد هر معاملي ۾ مال دولت خواهشات جي معاملي ۾ هلڪو ڦلڪو رهڻ آهي ۔
    دنيا ۾ رهو ليڪن دنيا اوهان ۾ نه رهي اهڙي ريت جهڙي ريت ٻيڙي پاڻي ۾ رهي ته هلندي رهندي آهي ۽ مسافر کي پنهنجي منزل تائين پهڇائيندي پر جي پاڻي ٻيڙي ۾ اچي ويو ته ٻيڙي بُڏي ويندي ائين هن دنيا جي جي تعريف ڪجي ته سادن لفظن ۾ هي آهي جيڪا شي يا جنهن شي جي محبت اوهان کي حق (الله) جي نافرماني تي اڀاري اها دنيا آهي۔ ته هتي به شايد شاھ صاحب جو مقصد اهو آهي ته ائين نه ٿئي جو هن دنيا جي محبت منهنجي نفس ۾ رهجي وڃي ۽ موت اچي وڃي
    جسو زنجيرن ۾، راتون ڏيهان روءِ
    حُبِ دنيا ئي سڀ کان وڏيون زنجيرون آهن جيڪو خواهشاتِ نفس جو غلام آهي اهو سڀ کان وڏو غلام آهي ( حوَس هو جس بادشاه ڪي مشير، درويش اس بادشاه پر مسڪراتا) هم فقيرون سي دوستي ڪر لو گُر سکا دين گي بادشاهي ڪي) سڀ کان وڏيون زنجيرو انسان جي جسم ۾ يا نفس ۾ زر زمين ذن آهي انهن جو قيدي ايترو ڪري سگهي ٿو جنهن جي ڪا حد ناهي جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته بيضمير کان هر بُرائي جي اميد رکو۔ جنهن پنهنجي خواهشات کي فتح ڪري نفس کي الله جي تابع ڪيو سو مرد آهي جيئن حضرت علي عه جو فرمان آهي ته مرد اهو آهي جيڪو خواهشاتِ نفس کي لغام ڏئي ان کي الله جي تابع بڻائي۔ اهي خواهشون ئي سڀ کان وڏيون زنجيرون آهن۔ جڏهن انسان مرندو آهي ته قرآن جو فيصلو آهي ته جنهن حالت ۾ مرندو انهي حالت ۾ رهندو (هُم فيها خالدون) بس پوءِ راتو ڏينهان اها ڪيفيت رهندي جا نفسِ انسان تي رقم ٿيل آهي جنهن کي هي پڙهندو رهندو جيڪو ڪُجھ هن جي نفس جي ڪتاب ۾ لکيل آهي يقينن نفس جي سزا پنهنجي آهي هن جسم جي سزا پنهنجي آهي اها سزا ڪهڙي هوندي جنهن ۾ انسان جو ماس نه ڳرندو نه نه ڪي سڙندو ليڪن هي باھ جنهن جي باھ ۾ هي نفس سڙندو تنهن جي تپش هن دنيا جي باھ کان 40 ڀيرا وڌيڪ هوندي اتي چاليھ مان مراد بيشمار آهي ۔
    پهرين وڃان لوءِ پوءِ مَرَ پُڄنَمَ ڏينهنڙا
    پهريان پنهنجي وطن وڃان پوءِ ڀل مران ان جو هڪ مقصد اهو به ٿي سگهي ٿو ته جيسيتائين مان پنهنجي مقصد کي منهنو ملڪ الله جي بندگي آهي نه ڪي نفس جي بندگي جو ملڪ سو جڏهن آءُ ان ملڪ مقام پهچان ته پوءِ ڀل موت اچي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڏاڏل صاحب شاهه صاحب جي فڪر کي ٻين تائين پهچائڻ جي توهان پنهنجي انداز سان سٺي ڪوشش ڪئي آهي۔ دعا آهي ته رب پاڪ عمل ڪرڻ جي هدايت ڏئي۔ ادا اصل ڳالهه عمل آهي۔هت ته هر ڪو دنيا ميڙڻ جي ڊوڙ ۾ لڳو پيو آهي۔۽ هر ڪو پيٽ جي باهه وسائڻ لاء ايتري ته (جائز ناجائز) ڪوشش ڪري ٿو جو وڃي ٿو پهچي دوزخ جي باهه ويجهو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو