• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سچ جي سرواڻن کي سلام

نثارابڙو

نائب منتظم
آزاديءَ ۽ سچ جي سرواڻن کي سلام ...



5 مارچ 2010 جمعي واري ڏينهن پريس ڪلب حيدرآباد ۾، بلوچستان جي آزاديءَ جي سرواڻ شهيد شير محمد بجاراڻي (مري) تي سنڌ جي اديب ليکڪ منصور جوڻيجي جي لکيل اردو ڪتاب جو مهورت ٿيو ...

شير محمد مري، بلوچن جو قومي اڳواڻ ، قبائلي سردار ۽ بلوچستان جي آزاديءَ واري ويڙهه جو اڳواڻ هو ... هو پاڪستان جي خلاف ٿيندڙ جدوجهد جو سخت حامي هو، کيس ماڻهو پيار مان بابو شيرو، شيرو مري، جنرل شروف ۽ بلوچي ٽائيگر پڻ چوندا هئا ... هي پهريون بلوچ اڳواڻ هو جنهن جديد دور جي گوريلا جنگ واري انداز سان، بلوچستان تي قابض ڌرين خلاف ويڙهه جو بنياد رکيو ...

هن ڪتاب جي مهورت ۾ شامل شير محمد مريءَ جي پوٽي نواب دائود مريءَ ، گل محمد جکراڻي، اظهر جتوئي چئرمين هاري ڪاميٽي، ايڊوڪيٽ عثمان بلوچ، بلوچ شاگرد تنظيم ٽنڊوڄام ايگريڪلچر يونيورسٽي جي اڳواڻ ، سليم چنا، ادريس چانڊئي ۽ ليکڪ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي شير محمد مريءَ کي خراج تحسين پيش ڪيو ...

ڪتاب جي ليکڪ منصور جوڻيجي جنرل شيروف جون نيون ڳالهيون ونڊ ڪيون جنهن ۾ سنڌ سان محبت ۽ بلوچن جي آزاديءَ لئه سندس تڙپ جا قصا شامل هئا ... مهورت ۾ شامل دوستن پاڪستان جي موجوده بدترين صورت تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ شامل قومون آهن ۽ انهن قومن جا علائقا صوبا نه پر مملڪتون آهن ... پاڪستان هن وقت گهڻ قومي فيڊريشن ملڪ هجڻ جي بجاءِ فوجي ڀيٺڪي راڄ تي عمل پيرا آهي ...

موجوده پاڪستاني نظام ۾ ايتري صلاحيت ناهي جو هو پاڪستان ۾ موجود قومن جا مسئلا منصفاڻي طريقي سان حل ڪري سگهي ... انڪري سڀني قومن کي آزادي ڏني وڃي ته هو پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪري سگهن ...

آخر ۾ ذوالفقار علي ڀٽي، محترمه بينظير ڀٽو، نواب اڪبر بگٽي، بالاچ مري، جنرل شروف ۽ سڀني اهڙن لڪل هيروز کي سلام ڏني وئي جن پنهنجي جان جون قربانيون ڏئي سچ ۽ قومي آزديءَ جو ڳاٽ اوچو رکيو آهي ...
 
Back
Top