ديک مَ تون تن سين، هي جي مجازياڻيون منهن ۾ ڪين نه سڃاتو سُپرين نهاري نيڻن پرين سي پسن ٻَئِي جنين ٻوٽيونشاھ عبد الطيف ڀثائي رحمت الله عليهسُر آسا داستان ٽيون تر شرح ڪلياڻ آڏواڻي شرح : تون انهن مجازي اکين سان نه ڏس جي منهن ۾ اٿيئي جسماني اکين سان نظر ڪري“ حقيقي محبوب کي ڪين پروڙيو آهي۔ پرين کي ( حقيقي محبوب) اهي ٿا ڏسن جن ٻئي اکيون (جسماني) بند ڪيون آهن۔ هن سُر جا تقريبن شعر ظاهري اکين سان جُڙيل آهن جن مان صلاح اها ڏني وئي آهي ته هي اکيون يار ، (محبوب ،دوست ،پرين ،حُسن) جيڪو به ناءُ ڏجيس جو ديدار نه ٿيون ڪري سگهن ۽ هن لاءِ صلاح به ڏني وئي آهي ته اکيون ٻوٽي ڪري ان کي ڏسي سگهجي ٿو۔ هڪ طرف ته هي حال آهي هاڻي اهو انسان جيڪو ڏسڻ لاء اکين جو محٍتاج آهي سو اکيون ٻوٽي ڇا ٿو ڏسي سگهي۔ ٻي ڳالھ ان سُر ۾ ئي وري شاھ صاحب عجيب ڳالھ ڪئي آهي ته جت آه نه ناھِ ڪا، خاڪي جو خيال جانب جو جمال پسڻان ئي پري ٿيو۔ان جي شرح ۾ ڪلياڻ آڌواڻي لکي ٿو ته جتي آه آهي نه ناه اهو به خاڪ مانٺهيل انسان جو خيال آهي۔ محبوب جو حُسن پسڻ کان پري آهي۔ جنهن کي جي آسان ڪجي ته انسان جي خيال ۾ جتي ڪُجھ به ناهي ۽ اُتي هُو آهي اهو به انسانجو خيال آهي جڏهن ته جيڪا به محبوب جي تعريف آهي سا مخلوق آهي ڇو جو جيڪو به خيال ڪيو ويندو سو ان جو خيال جو خالق انسان آهي ۽ هو بي مثل و مثال آهي ۔ هُو اهو آهي جنهن جو ادراڪ نه ٿو ڪري سگهجي ڪا سوچ ان جو ادراڪ نه ٿي ڪري سگهي۔ بحرحال هن موضوع تي ڪنهن ٻي ساعت لکنداسين في الحال اچون ٿا پنهنجي مضوع ۾ رکيل شعر تي۔ هتي محبوب جي نظاري جي ڳالھ ٿي آهي ته پوءِ پهريان محبوب جي ذهن ۾ ايندو ته هن سان ديدون ٽڪرائبيون ته ان جي جستجو ٿيندي پر هتي ته ماجرا ئي ٻي آهي هتي اکيون بند ڪرڻ سان ان جو نظارو ٿنيدو ٻين لفظن ۾ جڏهن دل جون ديدون روشن ٿينديون ته هي نظارو ٿيندو۔ چون ٿا ته جڏهن منصور کي ڦاسي ڏني ٿي وئي ته صرف ائين نه هو ته هن کي تختِ دار تي آندو ويو لٽڪايو ويو ۽ هُو مري ويو۔ اهڙيون ته ڪيتريون ئي ڦاسيون ماڻهن کي آيون پر منصور جي ڦاسي ايتري مشهور ڇو ٿي ان لاءِ چون ٿا ته منصور جي ڦاسي جو عمل انتهائي دردناڪ هو پهريان هن جي جسم کان ڪئي عضوا جدا ڪيا ويا۔ جنهن وقت هن جي جسم تان کل لاهڻ جو حُڪم ڏنو ٿي ويو ته ان وقت منصور اهو ٿي چيو ته جنهن جسم سان آءُ ان کي محسوس ڪندو آهيان ان لاءِ هن جسم جي ضرورت ناهي۔ جڏهن هن جون اکيو تپيل شيخن سان ڪڍڻ جو حُڪم ڏنو ويو ته منصور چيو آءُ جن اکين سان هُن کي ڏسندو آهيان اهي ڪي ٻيون آهن آءُ هُن کي ڏسڻ لاءِ هنن اکين جو محتاج ناهيان۔ جڏهن هن جي ڪنن ۾ تپيل سيخون هڻڻ جون ڳالهيون ٿيون ته هن چيو جن ڪنن سان آءُ ان جا آواز ٻڌندو آهيان اهي هي ناهن ۔ جڏهن حُڪم ٿيو ته هن جي زبان وڍي وڃي ته هن چيو جنهن زبان سان آءُ هُن سان ڪلام ڪندو آهيان هي اها زبان ناهي ۔ انهن احساسن تائين اوهان جو احساس ئي ناهي۔ ان جي مثال اسان انساني سماج ۾ انڌي ٻوڙي ۽ گونگي کان به وٺي سگهون ٿا ڇا حق جي خبر انڌي کي ناهي پوندي ڇا حق گونگو ناهي ڳالهائيندو جڏهن هن سان ظلم ٿيندو آهي ته هو دنيا تي پنهنجي ان احساس کي آشڪار ناهي ڪندو؟ يقينن ڪندو آهي اهڙي طرح سان هو خوشي جو اظهار به ڪندو آهي۔ جيڪو ٻوڙو هوندو آهي اهو به حق جي آواز ٻُڌي ٿو جي هو نه ٻُڌي ها ته ڪڏهن به احساس ظاهر نه ڪري ها۔ دراصل انڌو ٻوڙو گنگو اهو ئي آهي جيڪو حقيقي يار کي نه ٿو ڏسي نه هن جي آواز ٻڌي ٿو نه هن جي ترجماني ڪري ٿو اصل ٻوڙو اهو ئي آهي جيڪو حق کان جُدا آهي۔ جڏهن هي سڀ زريعا اکيون ڪن جسم زبان نڪ جن کي هن کي عارضي طور تي ڏنو آهي جڏهن اهي سڀ شيون هن کان جُدا ٿي وينديون ته هن وٽ پوءِ باقي ڪهڙي شي رهندي جنهن سان هي هن دنيا جو سفر شرو ڪندو۔ موت انتقالي جو نالو آهي هي نفس هن جهان مان آجو ٿي ڪنهن ٻئي جهان وڃي ٿو هن کي هن دنيا کان هُن دنيا جي سفر جي شروعات جو ٽائيم ڏنو ويو هو۔ هاڻي جي هن انسان هن دنيا ۾ هنن زريعن سان ئي زندگي گذاري هن جي باطني زبان بيدار نه ٿي سگهي هن جي باطني اکي کُلي نه سگهي هن جي باطني سماعتون بند رهيون ته هي نفس انسان محتاج رهجي ويندو۔ بُلي شاه فرمايو ترجمو( پڙھ پڙھ علم هزار ڪتابان تي نفس اڻي نون ڪدي پريا نهين اويونين شيطان دي نال لڙنائين بنديا تي نفس اپني نال لڙيا ناهين آکي بُلي شاه آساماني نون ڦڙنائين تي جهڙا من وچ وسدا اي اونون ڪدي ڦڙيا نائين۔) مون ڪنهن فقير کان پچيو هو ته سائين حُسن ڇا آهي ته هن ڏاڍو سهڻو جواب ڏنو هو چيائين حُسن سچ آهي حق آهي جيڪو هن کان دور آهي اهو انڌو به آهي ته ٻوڙو به آهي گونگو به آهي جنهن هن کي سڃاتو جيئن وقار انبالوي جو شعر آهي ترجمو( جي انسان تي پنهنجي ذات جو حُسن عيان ٿي وڃي ته ماڻهون ڪثرتِ انوار سان حيران ٿي وڃي۔)۔ اصل ۾ هي محبوب سان ملاقات ڪرائينڙ آهي هن جي پيروي ۾جڏهن زندگي گذرندي ته ان حقيقي جو نظارو ٿيندو۔ هن حُسن کي ڪنهن الله جي آواز سڏيو ته ڪنهن ضمير جي صدا ته ڪنهن خودي ته ڪنهن فطرت سڏيو آهي۔ هن جي حڪم جي تعميل ئي حقيقت ۾ بندگيءِ الاهي آهي جيئن اقبال جو شعر آهي ترجمو( خودي سان هن دنيا جي طلسم کي ٽوڙي سگهجي ٿو دراصل اها ئي توحيد هئي جنهن کي نه تون سمجهين نه آءُ سمجهيس۔) يا خودي خُد خدا خودي جي سامهون سڄي خدائي هتي خودي مان مراد انسان جي پنهنجي اندر واري ضمير نفسِ لوامه جي اتباع آهي جنهن کي باطني رسول چيو وڃي ٿو۔ هن جي حڪم جي تعميل لاءِ ايتري تائين چيو ويو آهي قرآن جي جيڪا هي آيت آهي ته ترجمو( پنهنجي آواز کي نبي جي آواز کان هيٺ رکو نه ته اوهان جا سڀ اعمال ضايع ٿي ويندا ۽ اوهان کي خبر به نه پوندي) ٻين لفظن ۾ خواهشاتِ نفساني کي هن جي تابع رهڻ گهرجي۔ جنهن هن جي حُڪم تي قيام ڪيو سا بندگي جنهن هن جي حُڪم جي تعميل ڪئي تنهن بندگي کي سر انجام ڏنو۽ جنهن هن جي حُڪم، تي لبيڪ نه ڪيو سا بندگي ئي ناهي بيضمير ماڻهون جانور کان بدتر آهي ۔ اقبال جو هي شعر جنهن جي ترجمي تي هن موضوع کي تشنا سمجهندي به طوالت جي ڪري ختم ٿو ڪجي ( هي مصرع لکيو آهي ڪهڙي شوخ مزاج محرابِ مسجد تي ۔ نادان ڪري پيا سجدن ۾ جڏهن وقتِ قيام آيو انهي اقبال جي جستجو ۾ آءُ رهيو آهيان سالن کان وڏي مدت کان پوءِ هي شاهين زيرِ دام آيو ) وسلام
پڙهيا ڪڙهيا ڪين ڪي توڙي پڙهن چين۔۔۔بنا حُب حبيب جي ڪجهه به ملندن ڪين۔۔۔جنهن جو الله تي يقين، سي اڻ پڙهيا ئي عالم ٿيا۔۔۔(لطيف)
ادا بيشڪ هڪ پڙهڻ اهو آهي جيڪو ڪتابن ۾ آهي هڪ علم انسان کي خدا ڏئي ڪري خلقيو آهي هن دنيا ۾ پڙهيل ان کي سڏيو ٿو وڃي جيڪو ال ب پرهي ڊگريو ماڻي ٿو پر جنهن پنهنجي من جي ڪتاب کي پڙهيو آهي تن جي در تي هي دنيا جا پڙهيلو جهڪندي ڏٺاسون سچ پيا فرمايو سهڻا۔ وسلام
اصل علم عشق آهي۔ حضرت شمس تبريز جو هڪ قول آهي ته۔۔۔ پڙهڻ جي ذريعي سکي ته سگهجي ٿو، پر سمجهڻ جو عمل عشق کانسوا ممڪن نه آهي۔