يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن
رڍ ۽ انب، شيدي ۽ شيمپو جهڙين املهه چوڻين کي نظرانداز ڪري مون فقير انڊرائيڊ سيٽن جي مقبوليت جي ڦيري ۾ اچي samsung galaxy duos S6102 سيٽ ورتو آهي، سيٽ هلائڻ ته هونهن به ڪنهن مزدوري ڪرڻ کان گهٽ ناهي پر اصل مزدوري هن سيٽ ۾ سنڌي يا اردو پڙهڻ آهي جيڪا هڪ هڪ اکر ڌار ڌار ٿي ايندي آهي، اصل جاسوسن وانگر پهريان ميسيج کي ڪاغذ کڻي ڊي ڪوڊ ڪرڻو پوندو آهي پو وڃي خبر پوندي آهي ته ڇا لکيل اٿس، ڊي ڪوڊنگ ۾ مهارت نه هجڻ جي ڪري ڪيترائي ڀيرا غلط مطلب نڪريو وڃڻ جنهن سان خاص طور تي ”هوم منسٽري” مان آيل نياپا صفا موچڙا ٿا کارائين۔۔ ٻيلي يا ته انهي سيٽ ۾ سنڌي يا اردو انسٽال ڪرائڻ ۾ مدد ڪريو يا پو خريدار ٿيو ته آئون هٿ ڪڍان هروڀرو وڌيڪ مارون نه کاوان