اڏ ترا اهڙا ڏونگر کي ڏاڪاڪيم آه عجيب کي سڪ منجهان سا ڪاپيئي هٿيڪي هوت کي، ڪوڪ وڃي ڪن ڪامنهنجو وس واڪا، ٻُڌڻ ڪم ٻروچ جوشاڳ عبدلالطيف ڀٽائي رحمت الله عليهسُر ديسي داستان ڇهون بيت پرهريون شرح ڪلياڻ آڏواڻي شرح يا ترجمو : جبل تي چڙهڻ جون واٽون ڏنگيون آهن۔ مان پنهنجي پرين لاءِ سڪ منهجان آهون پيئي ڪريان منهنجي پڪار پرين جي ڪن تي پڪي ريت وڃي پئي ۔ منهنجو ڪم آهي فرياد ڪرڻ ٻُڌڻ ڪم ٻروچ جو۔ اڏ ترا اهڙا ڏونگر کي ڏاڪا ڪيم آه عجيب کي سڪ منجهان سا ڪا سسئي پنهون جي سُر ۾ لڪل لطيفي پيغام يقينن پنهنجي دامن ۾ ڪئي متشابه معناؤن رکي ٿو۔ هن شعر ۾ ٻه ڳالهوين اڀريل آهن هڪ سڪ ٻيو يقين۔ هن مان وري اهو به سبق ملي ٿو ته سڪ انسان کي محبوب جي ملاقات لاءِ سست يا ڪاهل ناهي بڻائيندي پر جنهن به سڪ ۽ مُحبت هوندي آهي اهو ڏکن پيچرن کان گذري ڪري ان قيمتي محبوب کي ماڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۔ منهنجو وس واڪا، ٻُڌڻ ڪم ٻروچ جو هي دنيا جيڪا انسان جي گذرگاه آهي هن کان ڪاميابي سان گذرڻ ڏکيو ڪم آهي ٻي ڳالھ ته هن دنيا ۾ اوهان جي ڪوشش ڏٺي ويندي اوهان ان جاءِ تي پهتا يا نه هي معاملو اوهان جي هٿ ۾ ناهي اوهان جي وس ۾ ته صرف ڪوشش آهي ۽ اوهان جي ڪوشش ئي کي جاچيو ويندو ته اوهان پنهنجي ڪوشش ۾ ڪيترا مخلص آهيو۔ ان ڳالھ کي احسن طريقي سان لطيف سرڪار سمجهايو آهي ته منهنجي وس ۾ واڪا آهن سي آءُ ڪندي ٿي رهان هي جبل جهانگيان پئي۔ ٻئي طرف هُن کي هي به يقين آهي ته پيئي هٿيڪي هوت کي، ڪوڪ وڃي ڪن ڪا منهنجي هي ڪُوڪ پنهنون جي ڪنن تي لامي پئي ٿي هو ٻوڌي ٿو منهنجي حالت کان واقف آهي ته بس منجهجي وس ته ڪوشش آهي سا ڪريان پئي سو انسان جي به ڪوشش ڏٺي ويندي انجي ڪوشش جو تعلق نيت سان آهي انجي ڪوشش ته نظر اچي پر انجي پٺيان انجي نيت ڇا آهي ان نيت جي حساب سان ان ڪوشش کي قبوليو ويندو۔ اسان کي جيڪو سمجھ آيو سو اهو آهي باقي وارث لطيف ۽ سندس طالب۔ وسلام