• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 27 آڪٽوبر تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 27 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:


27 آڪٽوبر 1819ع ليکڪ ننديرام ميراڻي (سيوهڻ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
27 آڪٽوبر 1900ع شاعر احمد خان شيدا (هالا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
27 آڪٽوبر 1927ع شاعر ۽ راڳي منوهر ڇتارام بجلاڻي المعروف داس طالب (لاڙڪاڻو / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
27 آڪٽوبر 1937ع تعليمي ماهر آر اي شاھ جي پيدائش جو ڏينهن آهي
27 آڪٽوبر 1929ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحيم لغاري جي پيدائش جو ڏينهن آهي
27 آڪٽوبر 1936ع اداڪار اندر ڪيولراماڻي (ڀريا / دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
27 آڪٽوبر 1946ع شاعر خير محمد آزاد جلباڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
27 آڪٽوبر 1953ع مشهور صحافي ۽ سياستدان حميد هارون جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
27 آڪٽوبر 1958ع سنڌ جي ناليواري سرجن ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، ڄام شوري جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نوشاد احمد شيخ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
27 آڪٽوبر 1959ع سياستدان سيد غلام مصطفيٰ شاھہ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
27 آڪٽوبر 1964ع دادوءَ جي نامور صحافي گلڻ خان ڀنڊ جو جنم ڏينهن آهي.
27 آڪٽوبر 1965ع شاعرہ نسيم حيدري جو جنم ڏينهن آهي.
27 آڪٽوبر 1967ع شاعر لالڻ ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
27 آڪٽوبر 1969ع شاعر، ليکڪ ۽ اديب مشتاق بخاري جو جنم ڏينهن آهي.
27 آڪٽوبر 1983ع شاعر مير حسن کوسي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

27 آڪٽوبر 1959ع شاعر اختر هالائي جو انتقال ٿيو.
27 آڪٽوبر 1978ع ليکڪ، ترجما نگار، عربي ٻوليءَ ۽ ادب جي عالمي شهرت يافتہ اسڪالر ۽ استاد مولانا عبدالعزيز ميمڻ جو لاڏاڻو ٿيو.
27 آڪٽوبر 1992ع فلمي اداڪاره نير سلطانہ جي وفات ٿي.
27 آڪٽوبر 2006ع سياستدان ۽ پاڪستان جي اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان جي وفات ٿي.
27 آڪٽوبر 2011ع سگهڙ حبيب الله مڱڻهار جو انتقال ٿيو.
27 آڪٽوبر 2016ع مشھور سگهڙ شاعر مُبارڪ ‘عاطف’ لغاري جو انتقال ٿيو.

واقعا:

1941ع – سيراليون کي آزادي ملي.
1958ع – صدر اسڪندر مرزا پنهنجا سمورا اختيار جنرل محمد ايوب خان جي حوالي ڪري ڇڏيا، ايوب هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ ملڪ تي حڪمراني ڪئي.
1959ع – صدر محمد ايوب خان کي فيلڊ مارشل جو عھدو ڏنو ويو.
1959ع – ايوب خان اقتدار تي پنهنجي قبضي جي پهرين سالگره جي موقعي تي ملڪ ۾ بنيادي جمهوريتن جي نظام جو اعلان ڪيو۔ ان نظام جي تحت ملڪ کي 80,000 انتخابي حلقن ۾ ورهايو ويو۔
1961ع – منگوليا اقوامِ متحدہ جو رڪن بڻيو.
1961ع – ماريطانيہ اقوام متحدہ جو رڪن بڻيو.
1991ع – ترڪمانستان سويت يونين کان آزادي حاصل ڪئي.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
آخري ترميم:
Back
Top