سنڌ جو سٻاجهو ڏات ڌڻي تاج صحرائي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 آڪٽوبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي




    سنڌ جو سٻاجهو ڏات ڌڻي تاج صحرائي

    نظير حيات سيوهاڻي

    سنڌ سونهاري جي ماڳن کي سمجهڻ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي سنوارڻ ۾ سنڌي جي جن سڄڻ افرادن ڪم ڪيو انهن ۾ سائين مرحوم تاج صحرائي پڻ شامل آهي. سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳن، برن، بحرن، واهڻن سان کيس پيار هو جنهن جواني کان وٺي پنهنجي زندگي جي آخري گهڙين تائين سنڌ جي قديم کنڊرن ماٿرين ڪوٽن قلعن ۽ ماڳن لاءِ تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي مصداق طور جبل جهاڳيارڻ روليا مشاهدا ڪري ڪالم لکي ڪتاب آڻي تحقيق ڪيل هڪ وڏو خزانو ڏنو. اهو تاج سائين اڄ اسان ۾ موجود نه آهي. پر سندن پيار جو پورهيو تحقيقي يادون محبتون هن وقت به اسان جي رهبري ۽ رهنمائي ڪرڻ لاءِ موجود آهن. لاڙڪاڻي ۽ دادو مان پرائمري تعليم حاصل ڪندڙ هن سائين شڪارپور مان مئٽرڪ پاس ڪئي. پاڻ هڪ بهترين استاد وڏو تعليمي ماهر، شاعر، اديب ۽ ذهين آرڪيلاجسٽ هئا. سيرو سياحت جو شوق سندن وٽ جنوني حد تائين هوندو هو. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ مرحوم سائين خير محمد نظاماڻي جي نائبي ۾ صحافت ۾ پير رکيائين. ان وقت دادو مان هڪ هفتيوار اخبار ”آزاد“ جي نالي سان آندائين. ان اخبار وسيلي پاڻ دادو جي ماڻهن کي علم جو روشن دڳ ڏيکاريو. سندن شعوري سطح جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ آزادي جي متوالي جي حيثيت سان خاڪسار تحريڪ جا سرگرم ڪارڪن رهيا ۽ هڪ دفعو دهلي جيل جي ياترا پڻ ڪئي.
    تاج صاحب کي سنڌ جي نوجوان سان تمام گهڻو پيار هو. سندس ڪوشش هئي ته سنڌي نوجوان ۽ نئون نسل باهمت ۽ ذهين هجي. ان ڪري پاڻ تعليمي ادارن ۾ ڪاپي ڪلچر جي سخت مخالفت ڪئي. هن سال 1956ع ۾ دادو ۾ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول جو بنياد وجهرايو. سندن انهيءَ عظيم مقصد ۽ ان وقت جي دادو ضلعي جي ڪليڪٽر مرحوم سيد مدد علي شاهه وڏي مدد ڪئي. ساڳئي مقصد خاطر پاڻ دادو ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي نالي سان هڪ پبلڪ لائبرري شروع ڪرائي سندس اها ئي خواهش هئي ته دادو ۾ لاڙ ميوزم طرز تي هڪ ميوزم ٺاهيو وڃي سندن ڪوشش جي طفيل سندن اها خواهش آخرڪار سيوهڻ ميوزم جي روپ ۾ پوري ٿي. ادب ۽ راڳ سان روماني لڳاءُ رکندڙ تاج محمد ميمڻ عرف تاج صحرائي سان 1972ع ۾ قلندر لعل شهباز ميلا ڪميٽي جي غير سرڪاري طور ميمبر چونڊيو ويو ۽ اڳتي هلي زندگي جي آخري سال تائين سالياني ميلي ۾ ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جو ڪيترائي سال ڪنوينر رهيو. ڪانفرنس دوران هميشه قلندر جي مهندي، لعل ڦيري (ڌمال جو قسم) ۽ لعل ڪنوار جو ذڪر ورجائيندا هئا. جن سائين جي ڪوشش سان هر سال ادبي ڪانفرنس ۾ سنڌ جون ڪيتريون ئي مهمان شخصيتون، نقاد، شاعر ۽ اديب شريڪ ٿيندا رهيا. هر سال هن موقعي تي قلندر سائين جي حوالي سان تحقيقي مقالن تي مشتمل خوبصورت ۽ معياري سووينيئر پڻ شايع ٿيندا رهيا. سندن جنون ۽ سچائي جي اها هئي جو پاڻ ميلي کان اٽڪل ٻه مهينا اڳ سنڌ جي اهل قلم ساٿين کي در تي وڃي دعوت ڏيندا هئا. مختلف عنوانن تي لکڻ جي تياري ڪرڻ جي گذارش ڪندا هئا. سندن اهڙي حڪمت عملي جي ڪري هر سال قلندر جي پڙ ۾ ميڙاڪو ٿيندو هو. سندن اهو ڪمال آهي جو پاڻ هڪ اداري مثلن ڪم ڪندي ڪانفرنس کي ڪامياب ڪري سنڌ جي فائدي وارن مقصدن ۽ مفادن لاءِ ڪم ڪندا رهيا. سال 1981ع ۾ ٽيچر طور رٽائرڊ ٿيل هن سائين ساڳئي سال رني ڪوٽ تي هڪ قومي سيمينار ڪرائي دنيا توڙي سنڌ جي محققن کي رني ڪوٽ جي ويجهو آندو جنهن کانپوءِ سنڌ جي هن اهم آثار جي دنيا جي اندر پذيرائي ملي. تاج صاحب ملازمت جي سلسلي ۾ ڪجهه وقت سيوهڻ ۾ پڻ رهيا جنهن ڪري پاڻ سيوهڻ شهر ۾ سيوهڻ قلعي تي ڪافي ڪم ڪيائون. سنڌ جي سڀني قديم ماڳ مان مليل قديم نوادرات سان سندن ذاتي ڪمرو هميشه ٽمٽار نظر ايندو رهيو. انهن کي ڏسڻ ۽ پرکڻ لاءِ سندن وٽ ڏيهي توڙي پرڏيهي ماڻهن جو اچڻ وڃڻ شامل هوندو هو. آمريڪي آثار قديمه جي ماهر ڊاڪٽر لوئس فليم سان سندن تمام گهڻي ويجهڙائپ هئي. خوددار مزاج هئڻ ڪري پاڻ ڪڏهن به ڪنهن به حڪومت توڙي سياسي ڪارندي سان ويجھڙا نه ٿيا پنهنجي ذاتي زندگي کي سادگي واري رستي هلايائون. ملڪ جي صدارتي ايوارڊ يافته سائين تاج اسان کان 28 آڪٽوبر 2002ع ۾ الوداع ڪري ويو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو