مهراڻ جا موتي: عطا حسين شاهه موسوي محمد عثمان ميمڻ موسوي سيد عطا شاهه سنڌ جي وڏي بلند مرتبي جي عالمن اديبن ۽ تعليمي ماهرن مان هڪ هو. پاڻ ميرڪي سادات گھراڻي جو چشم و چراغ هو. سندس والد جو نالو سيد وڌيل شاهه هو. شاهه صاحب 12 جمادي الثاني 1316هه/ 28 آڪٽوبر 1898ع تي پنهنجي اباڻي شهر روهڙيءَ ۾ جنم ورتو. سيد عطا حسين موسوي ابتدائي تعليم روهڙي ۾ پرائي، عربي ۽ فارسي جي تعليم قاضي ميان غلام مهدي بن قاضي پير محمد وٽان حاصل ڪيائين. سن 1916ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي مان مئٽرڪ جو امتحان نهايت ئي امتيازي حيثيت ۾ پاس ڪيائين. هن 1921ع ۾ ڊي. جي ڪاليج مان بي. اي جو امتحان پاس ڪيو. جيئن ته سندس والد بزرگوار سيد وڌيل شاهه پڻ تعليمي محڪمي سان لاڳاپيل هو ۽ سندس علمي شوق ۽ مشغلي ڪري هن پنهنجي فرزند کي پڻ علمي ۽ تعليمي ماحول مهيا ڪيو ۽ ان ئي ماحول ۾ سندس اعليٰ تربيت ڪئي. اهو ئي ڪارڻ هو جو سيد عطا حسين موسوي تعليم مان فراغت حاصل ڪرڻ کانپوءِ تعليم کاتي کي اهميت ڏني ۽ ان ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. پاڻ هڪ قابل ۽ محنتي استاد جي حيثيت ۾ ترقي ڪندي آخر سنڌ جي تعليم کاتي جي هڪ اعليٰ عهدي تي پهتو. شاهه صاحب سن 1921ع ۾ شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. سن 1923ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان بي ٽي جو امتحان پاس ڪيائين. ان کانپوءِ پاڻ ساهتي پرڳڻي جي مشهور تعليمي درسگاهه مدرسه هاءِ اسڪول نوشهري فيروز نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد جي بورڊنگ هائوس جو سپرنٽينڊنٽ پڻ ٿي رهيو. پوءِ اتان بدلي ٿي. ميرپور خاص جي هاءِ اسڪول ۾ اسسٽنٽ هيڊ ماستر مقرر ٿيو. سن 1927ع ۾ کيس ترقي ڏيئي اتي ئي هيڊ ماستر ڪري رکيو ويو. پاڻ هتي 1919ع تائين انهيءَ معزز منصب تي رهيو. ان عرصي دوران پاڻ عليڳڙهه يونيورسٽيءَ مان فارسي ادب ۾ ايم. اي جو امتحان پڻ پاس ڪيائين. سيد عطا حسين موسوي ڪجهه وقت لاءِ ملا محمدن اسڪولس آف سنڌ جو ڊيپوٽي ايڊويڪشنل انسپيڪٽر ٿي رهيو. شاهه صاحب ان کانپوءِ ٿرپارڪر ضلعي جو ايڊمنسٽريٽِو آفيسر ٿيو. پاڻ انهيءَ عهدي تي 1941ع تائين فائز رهيو. پاڻ انهيءَ سموري عرصي دوران ٿر جي علائقي جو تعليم ۾ واڌاري ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيائين. شاهه صاحب سخت محنت ۽ اورچائي سان ٿر ۾ تعليمي ماحول پيدا ڪيو. موسوي صاحب ٿر جي استادن ۽ شاگردن ۽ عوام ۾ تعليمي روح ڦوڪيو. ان دؤر ۾ انگريزي تعليم لاءِ ٿرپارڪر ضلعي ۾ ميرپور خاص کان سواءِ ٻيو ڪو به اسڪول قائم ڪونه هو. شاهه صاحب انهيءَ ڏس ۾ ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ جتن ڪري سموري ٿرپارڪر ضلعي ۾ هر هنڌ اي پي ڪلاس ۽ اي وي اسڪول قائم ڪري ٿرواسين کي جديد انگريزي تعليم کان روشناس ڪرايو. ان کانسواءِ ڪن هنڌن تي ان وقت جي سنڌ سرڪار طرفان پڻ هاءِ اسڪول کولرايائين. مٺي شهر ۾ مسلم هاسٽل ۽ مسجد شريف ۽ ڏيپلي ۾ هاءِ اسڪول به سندس اڻٿڪ ڪوششن ۽ محنتن جو نتيجو آهي. سن 1941ع ۾ شاهه صاحب کي اتر سنڌ جي اسڪولن جو اسسٽنٽ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ڪري رکيو ويو. پاڻ انهيءَ عهدي تي 1947ع تائين رهيو. 1947ع ۾ کيس زميندارن جي ڇوڪرن جي اسڪولن جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. شاهه صاحب کي سکر ڊويزن جي اسڪولن جو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو. 1950ع ۾ کيس سنڌ جي تعليم کاتي جو ڊيپيوٽي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. پاڻ سن 1953ع ۾ پنهنجي ملازمت جو عرصو نهايت عزت ۽ احترام سان پورو ڪري پينشن تي لٿو. پنهنجي ڀاءُ سيد عبدالحسين موسوي، جيڪو پڻ ان وقت ڌاري ملازمت جو عرصو پور ڪري پينشن تي لٿو. ان سان گڏجي 57-1956ع ۾ سکر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيائين. روهڙي شهر ۾ تعليم جي سهولت لاءِ ڪاليج قائم ڪيائين، جيڪو هن وقت سيد عطا حسين شاهه موسوي ڊگري ڪاليج جي نالي سان سڏجڻ ۾ اچي ٿو. سيد عطا حسين موسوي ٻه شاديون ڪيون. پهرئين شادي ڀمياڻي خاندان مان ڪيائين پر سندس گھرواري 13 صفر المظفر 1337هه/18 نومبر 1918ع تي وفات ڪئي. شاهه صاحب ان کانپوءِ ٻي شادي بيبي بچل بنت احمد علي خواجاڻي سان ڪئي، جنهن مان کيس ٻه فرزند هڪ سيد شفقت حسين موسوي ٻيو سيد احداد حسين موسوي ٿيا. سيد عطا حسين موسوي کي علم موسيقي تي به ڪافي مهارت حاصل هئي پاڻ راڳ جو پارکو هو. دلي تي خود راڳ ڳائيندو هو وٽس چوتار، تنبلو، هارمونيم، ۽ بينجو پڻ موجود هئا. شاهه صاحب کي علم رمل ۾ به وڏو درد حاصل هو. روهڙي جي وڏي رمال قاضي ميان غلام مهدي بن قاضي پير محمد کان رمل جو علم حاصل ڪيو هئائين. وٽس هڪ نادر الوجود ڪتبخانو هو، جنهن ۾ هر فن ۽ صنف تي ناياب ۽ قيمتي ڪتاب موجود هئا. سندس پونئرن انهيءَ ڪتبخاني جا اٽڪل ٽي سؤ کن ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شوري کي عطيي طور ڏنا. شاهه صاحب سنڌي، هندي، سنسڪرت، انگريزي، فارسي ۽ عربي ٻولين تي ڪافي عبور رکندو هو. شاهه صاحب جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جا نالا هي آهن: 1. ڪڇ ڪوڏيون، 2. ڪشڪول، 3. اڻ ڇپيل مضمون، 4. مذهبي مضمون، 5. جنس ڪوش سنڌي، 6. ڪير سمجھائي، 7. سيد صاحبڏني شاهه بلڙي وارو ڪلام، 8. فقير خوش خير محمد هيسباڻي، 9. مصري شاهه جو ڪلام، 10 رباعيات سرمد شهيد، 11. رباعيات عمر خيام، 12. سنڌ جا قديم ڪتبخانا، 13. سنڌي ٻولي جي قدامت ۽ ڪهنگي. سيد عطا حسين موسوي جي انهن مٿين ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن کان سواءِ سندس لکيل ڪتابن جي نشاندهي ٿئي ٿي. 1. فلسفه حج، 2. عرب، عربستان ۽ عرب جو ملڪ، 3. سوانح امام علي نقي، 4. نصيحت آميز ڳالهيون (مولانا رومي جي مثنوي جو سليس ترجمو)، 5. تواريخ روهڙي. سيد عطا حسين موسوي 18 صفر المظفر 1386هه/8 جون 1966ع تي اربع جي ڏينهن پنهنجي زندگيءَ جو سفر طئي ڪري هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو.