دلربا ماڻهون دلربا شاعر دادن فقير جويو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    دلربا ماڻهون دلربا شاعر دادن فقير جويو ​


    جويو قوم ــــــــ محترم سائين جي ايم سيد صاحب پنهنجي ڪتاب ــ جنب گذاريم جن سين ـ ۾ محترم جناب محمد ابراهيم جويوصاحب واري مضمون ۾ لکن ٿا ته ـ جويا قوم جا ماڻهون جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ٿورا آهن، پر پنجاب، راجستان، ۽ بهاولپور ۾ انهن جو تعداد تمام گهڻو آهي. هي راجپوتن جي ڪيچي شاخ جي شجري مطابق راجپوتن جي 36 ڪٽبن ما ن هڪ قبيلو آهن،جي اصل ڏهين قبيلي جي ويجهو ستلج واديء جي ڀر ۾ رهندا هئا. جتان لڏي مختلف طرفن ۾ ويا.
    هنن مان ڪيترا اڃان تائين گهر ۾ سرائڪي ڳالهائيندا آهن.

    دادن فقير جي پيدائش ــــ دادن فقير سنڌ جي عظيم سياستدان عالم اديب ۽ وڏي ماڻهو محترم سائين جي ايم سيد کان پورا ٻه سال پوء 17 جنوري 1906ع ۾ موجوده ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي واره جي ڳوٺ ميانداد چنجڻيء ۾ ڌڻي بخش جويو جي گهر ۾ اک کولي.
    دادن فقير جو نالو داد محمد رکيو ويو مگر اهو داد محمد مان ڦري دادن فقير جي نالي سان مشهور ٿيو
    .
    تعليم ــــ دادن فقير شروعاتي تعليم ڳوٺ محراب سنديلو ۾ جناب صاحب خان شاهاڻيء وٽ حاصل ڪئي. تنهن کانپوء عربي فارسي جي به ڪجهه تعليم لالو رائنڪ جي نالي واري عالم ۽ شاعر نجف علي ــ تارڪ ـــ وٽان حاصل ڪئي. ۽ جناب نجف علي تارڪ کي پنهنجو شاعري جو استاد ۽ پنهنجو مرشد ڪري مڃيائين.
    دادن فقير زندگي جا شروعاتي ڏينهن نصيرآباد ضلعي لاڙڪاڻي ۾ گذاريا. ۽ نصيرآباد ۾ تقريبن زندگي جا 23 سال گذاري تنهن کانپوء دادو ضلعي جي شهر راڌڻ ۾ اچي پنهنجو ديرو ڄمايو .راڌڻ شهر راڌڻ اسٽيشن جي نالي سان مشهور آهي. راڌڻ شهر جو نالو اتي رهندڙ راڌڻ ذات جي ماڻهن جي ڪري پيو.

    شادي ــــ دادن فقير سڄي زندگي ڇڙهائپ ۾ گذاري ۽ شادي بلڪل نه ڪئي. هميشه فقيري رنگ ۾ رهيو. ان جو مک سبب شايد غريبي هو.
    شاعري ــ دادن فقير سنڌي سرائڪي ۽ پڻ اردو ۾ شاعري ڪئي مگر اردو واري شاعري ايتري عام ۽ مقبول ڪونهي. جيتري سنڌي ۽ سرائڪي شاعري هن جي مقبول بڻي.
    شاعري ۾ دادن فقير بيت، قصيدا، مولود، ڪافيون، ۽ ڏوهيڙا چيا. ڏوهيڙا ته دادن فقير جا هاڻي عام و خاص ۾ مقبوليت ماڻڻ لڳا آهن. دادن جي شاعري کي ڪافي فنڪارن ڳايو آهي مگر سنڌ جي مشهور راڳي ممتاز لاشاري دادن جي شاعري کي مقبوليت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو آهي. جئين استاد بخاري جي شاعري کي بهتر ۽ سهڻي نموني منظور سخيراڻي ڳايو اهڙي ريت دادن جي شاعري کي وري ممتاز لاشاري خوب ڳايو آهي، ممتاز لاشاري هر محفل ۾ دادن فقير جي شاعري کي مان ڏيندو آهي، مون کي ته ممتاز لاشاري جي اها محفل .ئي ڪانه ٿئي سجهي جنهن ۾ ممتاز دادن کي وساريو هجي. داد فقير کي خوش خير محمد فقير جي صحبت پڻ نصيب ٿئي . جنهنجي ڪري دادن پڻ تصوف ڏانهن منهن موڙيو.


    دادن فقير جي ڪچهري ــــ دادن فقير ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ محفل جو مور هوندو هو، مان جڏهن دادو ۾ رهندو هئس ته تقريبن روزانا سائين حافظ خليل صاحب وٽ وڃڻ ٿيندو هو ۽ علم ادب تي خوب ڪچهريون ٿينديو هيون. ۽ انهن ڪچهرين ۾ حافظ صاحب دادن فقير جو پڻ ذڪر ڪندو هو، حافظ صاحب ٻڌايو هو ته دادن فقير قد جو ننڍو هوندو هو ۽ بلڪل سادو سودو فقير ماڻهون هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن مون وٽ ڪچهري تي ايندو هو ۽ پنهنجي شاعري پيو ٻڌائيندو هو. بار بار چانهن لاء پيو چوندو هو ۽ چانهن ۽ ڀنگ جو وڏو شوقين هو. چانهن سان گڏ پڪوڙا پڻ پسند ڪندو هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي آواز ۾ پنهنجي شاعري ۽ ڪلام پڻ ٻڌائيندو هو، بقول حافظ خليل صاحب ته دادن جو آوار مزي وارو ڪونه هوندو هو مگر پوء به پيو ڳائيندو هو ۽ پنهنجي ۽ ماڻهن جي دل پيو وندرائيندو هو.
    عشق محبت ــــ دادن حقيقت ۾ سونهن پسند شخص هو کيس هر محبتي ماڻهون وانگر سهڻي شيء ، سهڻا ماڻهون، سهڻا نظارا، پسند هئا. دادن لاء اهيو پڻ مشهور آهي ته دادن جي هڪ فقيراڻي پڻ محبوبه هئي جيڪا پڻ دادن وانگر سائي پاڻي جي سڪايل هئي . دادن ان سان ڪڏهن ڪڏهن قرب ڪچهريون پڻ ڪندو هو باقي حقيقت جي خبر خدا کي.
    گذرسفر ــــ دادن جو گذرسفر شاعري ۽ راڳ رنگ هو، باقي ڪجهه دوست هن جي مدد ڪندا رهندا هئا. اهل عيال ته هن وٽ به ڪونه هو هميشه فقيري رنگ ۾ رهيا. ( جڏهن ته ائين هجڻ نه گهرجي عالم اديب شاعر کي پڻ پنهنجي گذر سفر لاء محنت مزدوري ڪرڻ گهرجي. اهيو بهتر آ ) دادن جي ڳوٺ دوست علي خان جو زميدار سرائي محمد نواز نائچ تمام گهڻي عزت ڪندو هو ۽ دادن فقير جي مدد پڻ ڪندو هو، دادن فقير کي لٽو ڪپڙو اناج ۽ پيئسو ڏوڪڙ پڻ پهچائيندو هو جنهن مان پڻ دادن جو گذرسفر پيو ٿيندو هو. .
    دادن جو هليو ـــــ دادن قد جو ننڍو، رنگ جو ڪڻڪا.ئون ۽ بت ۾ سنهو مڙس هو، هميشه پنهنجون وڏيون مڇون. ۽ هلڪي ڏاڙهي رکندو هو. مٿي تي هميشه پٽڪو ٻڌندو هو .
    دادن جي همعصر شاعرن جا نالا ـــــــ استاد بخاري، احمد خان مدهوش، احمد خان آصف مصراڻي، حافظ احسن چنه، اسحاق راهي،
    دادن جي شاعري جا شاگرد ـــ گل حسن گوپانگ شاد، حمزه علي مولائي، الطاف لاکير، ۽ سلطان فقيردادن جي شاگردن ۾ اچي وڃن ٿا، سلطان فقير دادن جي پيارن شاگردن مان هو..
    دادن جي شاعري جي ٻولي ـــــ
    دادن جي شاعري ۾ ٻولي تمام آسان ۽ سادي ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي . دادن جي شاعري هر ماڻهون شهر جو رهاڪو، توڙي ٻهراڙي جو رهاڪو آساني سان سمجهي وڃي ٿو. دادن جي ٻولي ۾ اهي الفاظ استعمال ٿيل آهن جيڪي اسان جي روزمره جي استعمال ۾ ايندڙ الفاظ آهن ، جنهن جي ڪري هر عام و خاص ننڍو توڙي وڏو، پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل دادن جي شاعري کي سمجهي وڃي ٿو. ۽ پڻ دل سان پسند ڪري ٿو. دادن پنهنجي شاعري ۾ معاشري ۾ عام بيمارين ناانصافين جو ذڪر تمام سهڻي نموني سان ڪيو آهي، دادن جي شاعري ۾ ڪوڙ ۽ ڪچ کي نديو ويو آهي، دادن جي شاعري ۾ ڪٿي ته بلڪل کري زبان استعمال ٿيل آهي، جيڪا گهڻن ماڻهن کي منهن تي چماٽ وانگر لڳندي آهي.
    """""”””””””مثال ""”””””””

    مان ڪنهن وانگي چمچو چغلخور ناهيان
    مان حق چوندو آهيان گلا خور ناهيان
    سڃاڻي ڇڏيو آ سڀ ڪنهن کي دادن
    مان انسان آهيان ڍڳو ڍور ته ناهيان

    قارون جي خزاني سان عزت نه ٿي ملي
    دولت سان ڪميڻي کي شرافت نه ٿي ملي


    رفاقت ۾ ملاوت آ قرآبت ۾ ملاوت آ
    صداقت ۾ ملاوت آ امانت ۾ ملاوت آ
    عدالت ۾ ملاوت آ امانت ۾ ملاوت آ
    اي دادن ڇا ڪجي جو خود ملاوت ۾ ملاوت آ



    سڀ ڪجهه هلي رهيو آ شرافت جي اوٽ ۾
    آخر عيوض انهيء جو خراب آهي موٽ ۾
    پڌمن جي هوندي ڪنهن جي ڀي پوري نٿي پوي
    پورو آ هر ڪو سوٽ ۽ نيڪ ٽاء ڪوٽ ۾
    اک سڀ ڪنهن جي تڏهن کلي ويندي دادنا
    ماڻهون کي لڳندو موت جو ڌڪ جڏهن چٽ ۾ ​


    دادن جي چونڊ شاعري ـــ ​



    منهنجا مٺا اوهان لاء دلڙي ڪباب آهي
    رڳ رڳ ۾ راتيان ڏينهان تنهنجو رباب آهي

    ڪاغذ لکيم مٺا مل ورندو مليو نه مشڪل
    ارمان خط ۾ نلڪل ڏاڍو جواب آهي


    ليڪن تڪيندي تارا گذري ٿي رات پيارا
    ٿي موم دل خدارا ڏاڍو عذاب آهي
    دادن چوي ثنا گر آيو هلي اوهان در
    درويش کان اي دلبر ڪهڙو حجاب آهي

    ....................................................................................................
    اڄوڪي وقت جي ياري آ ڄڻ اونده ۾ دونهون
    ڏسڻ ۾ ڪين ايندو آ مگر محسوس ٿيندو آ

    ...................................................................................................

    مزو ياد تنهنجيء جو ورتم گهڻو ٿي
    هينئر مون کي تنهنجو ٿو ديدار گهرجي
    ...................................................................................................

    ڪنهن جي درد جو ڪنهن کي خيال ڪونهي ڪو
    بچاء يا خدا ماڻهن جو حال ڪونهي ڪو
    ...................................................................................................
    ميار ڪهڙي آ اغيار تي ادا دادن
    جي حق چئبو ته خود پنهنجو ڀي رسي پوندو
    اي بلبل خوش نه ٿي وقت خزان آهي اچڻ وارو
    ڪري گلڙن سان وٺ ڳالهيون باغبان آهي اچڻ وارو
    ...................................................................................................
    عجب اڄ زمانو مزيدار آهي
    ڪو اغيار آهي ڪو دلدار آهي
    ڪو غدار آهي ڪو غمخوار آهي
    ڪو هوشيار آهي ڪو بيڪار آهي
    ڪو زردار آهي ڪو نادار آهي
    عجب اڄ زمانو مزيدار آهي
    اتي ئي محبت اتي ئي عداوت
    اتي ئي رفاقت اتي ئي بغاوت
    اتيئي حڪايت اتيئي شڪايت
    اتيئي شرافت اتيئي شرارت
    ٿيو ڀاء کان ڀاء بيزار آهي
    عجب اڄ زمانو مزيدار آهي
    ...................................................................................................
    ستا ڪر سجاڳي سمهڻ بند ڪر
    تون غفلت ۾ پنهنجو هجڻ بند ڪر

    وڌي وير ٿو واقفيت منجهان
    گهڻو اڄ گهڻن سان ملڻ بند ڪر
    نه راحت رسي روح کي جن وٽان
    وري در انهن جي وڃڻ بند ڪر
    سياڻو آ اڄ سڀڪو دنيا اندر
    چرئي کي چريو چوڻ بند ڪر
    غلامي ڏي اشراف جي صدق سان
    ڪميڻي کي پيرين پوڻ بند ڪر
    پڙهين ۽ عمل ڪين ان تي ڪرين
    انهيء لان ته بهتر پڙهڻ بند ڪر
    برايون تون پهريان ڏس پنهنجون عزيز
    پرايون برايون ڏسڻ بند ڪر
    بي غيرت جي جائز نه آهي نماز
    بي غيرت سان کا.ڻ پيئڻ بند ڪر
    جي غيرت جو مادو آ تو ۾ اگر
    ته گهر واري جو ٻاهر گهمڻ بند ڪر
    سڏائين ٿو الله وارو ته پوء
    مريدن کان پهريان پنڻ بند ڪر
    جو پئسي جي خاطر وڃائي وقار
    انهيء ساڻ رشتو رکڻ بند ڪر
    محمد جو آهين اگر امتي
    ته ڌيء ڏوڪڙن تي ڏيڻ بند ڪر
    خدارا تون اڄ پاڻ ڪاليج اندر
    ننڍين نينگرين جو نچڻ بند ڪر


    گهڻا چوندا هوندا ائين دل اندر
    اهو شعر شاعر چوڻ بند ڪر
    اجايو نه ڪنهن تي کلو خواهمخواه
    بي معنه بي لذت کلڻ بند ڪر
    دلي حال ڪنهن سان نه ڪر دادنا
    خبر بي خبر کان پڇڻ بند ڪر


    دادن جي شاعري جا ڪتاب ــــــــ دادن جي شاعري جو هڪ ننڍو ڪتاب محترم ذاڪر حسين راڌڻ صاحب جن پڻ ڇپرايو هو (( راڌڻ صاحب انهن ڏينهن ۾ دادو ميونسپل ۾ ڪنهن آفيسر جي پوسٽ تي ڪم ڪندا هئا. ۽ راڌڻ صاحب جي دوستي محترم روشن علي مستوئي صاحب سان هئي. ۽ روشن علي مستوئي صاحب جو ڀاء محترم علي شير مستوئي صاحب وري منهنجو پڳ مٽ دوست هو ، ۽ آهي، ۽ اهو دادن جي شاعري جو ننڍو ڪتاب مون کي منهنجي دوست محترم علي شير مستوئي صاحب تحفو ڪري ڏنو هو.))

    دادن جي شاعري جو هڪ ڪتاب ــــ دادن فقير جو ڪلام ــــــ نالي روشني پبليڪيشن وارن پڻ ڇپرايو آهي جنهن کي محترم اياز لاکير صاحب جن ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ دادن جي شاعري ، حمد نعت، مدح، بيت، ڏوهيڙا، ڪافيون، ٻه سٽا، چوء سٽا، نظم، غزل ڏنا ويا آهن،
    ٿئي سگهي ٿو ته دادن جو ڪلام اڃان باقي ڪٿي ڪنهن وٽ محفوظ هجي جيڪو اڃان ڇپجي ناهي سگهيو. ڇو جو دادن جو ڪافي ڪلام عمر رسيده ماڻهن ۽ بزرگن کان پڻ حاصال ڪيو ويو آهي،

    اهيو به ٿئي سگهي ٿو ته دادن جو ڪافي ڪلام ضايع پڻ ٿئي ويو هجي. ڇاڪاڻ جو هميشه اسان جي سنڌي شاعري ۽ ادب کي ضايع ڪرائڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي وئي،

    دادن جو شاعري ۾ تخلص ـــــــ دادن ، دادنا


    دادن جي بنا ٽٻڪي جي شاعري ​

    دادگر گاروء گوهر ڪو دلدار ڪر
    سرس آ سوداء واهر ڪر سگهو ڪا سار ڪر

    دائما آ درد م سڪ سدا سائل مدام
    ڪارگر هڪ وار ڪا ساڻس مدد سالار ڪر


    وفات ـــــــ سنڌ جو هي فقير صفت شاعر دادن فقير عمر جي آخري حصي ۾ ڪجهه وقت بيمار رهڻ کانپوء آخرڪار19 آڪٽوبر 1979ع تي اسان کان هميشه هميشه لاء موڪلائي ويو
    ۽ انهي پار وڃي پهتو جتان اڄ ڏينهن تائين ڪو به ناهي موٽيو.


    دادن جي آخري آرام گاه ـــــــ دادن فقير جي آخري آرام گاه ضلعي دادو جي شهر راڌڻ ڀرسان گهڙي واري قبرستان ۾ موجود آهي.





    زندگي ڇا جي هي ڇا جا مشغله
    زندگي ڪهڙي سا جنهن ۾ زلزله
    دوءر زاغن جو اچي ويو در چمن
    ويا اڏامي بلبلون ۽ بلبلا
    (دادن )





    سنڌ سلامت جي دادن جي شاعري جي وڊيو

    http://www.youtube.com/watch?v=X97HAgKPoY4


    http://www.youtube.com/watch?v=kEnGRJXoGKs

    سوڍل فقير جي آواز ۾ دادن جو ڪلام

    http://www.youtube.com/watch?v=OFr9LwLslmg&feature=related

    ممتاز لاشاري جي آواز ۾ دادن جا ڪجهه بيت، ۽ ڏوهيڙا

    http://www.youtube.com/watch?v=9dacPDC2DyI

    http://www.youtube.com/watch?v=2cU9fY7GU4o

    http://www.youtube.com/watch?v=diDqTUdIkBE

    http://www.youtube.com/watch?v=dBUeF-7N928

    http://www.youtube.com/watch?v=-XQm3YX4sN8

    http://www.youtube.com/watch?v=AYk2GYC60tg

    بشڪريه نئين زندگي، ڪلام دادن، ۽ (حافظ خليل صاحب کان ورتل معلومات )
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو