• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران ٻي سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ 2013 جي تقريب

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران ٻي سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ 2013 جي تقريب پهرين نومبر 2013 تي شام جو ستين وڳي ڪراچي ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي جي تعاون سان منعقد ٿي رهي آهي۔ ان سلسلي ۾ تياريون زور ۽ شور سان جاري آهن۔ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين حميد ڀٽو ٻڌايو آهي ته گذريل سال وانگر هن سال به ڇٽيهه مختف ڪيٽيگريز ۾ ايڪسيلنس اوارڊ ڏنا ويندا۔

ان سلسلي ۾ بهترين اداڪار، اداڪاره، موسيقار، ڪمپيئر، نيوز ڪاسٽر، پروگرام هوسٽ،ريڊيو ڊائريڪٽر، ڊراما ليکڪ، ڊراما ڊائريڪٽر، ڪاميڊين، فلم اسٽار، ثقافتي رپورٽر سميت اسپيشل اوارڊ ۽ لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ ڏنا ويندا۔

هن پروگرام ۾ ايڪسيلنس اوارڊ ڏيڻ سان گڏ محفل موسيقي به ٿيندي، ان سان گڏ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي ويبسائيٽ جي مهورت ۽ تنظيم جي عهديدارن جي حلف برداري پڻ ٿيندي۔

سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ 2012 جون تصويري جهلڪيون
1379853_10152011938043674_1124478484_n.jpg
 
سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران پهرين سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ 2012 جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي هئي تمام سٺو پروگرام هيو پوز ڏئي ڦوٽو ڪڍراياهئاسين سائين نثار ناز اسٽائيل سان پئي ڦوٽو ڪڍيا پروگرام ختم ٿيڻ کان پوءِ سليمان وساڻ گهر تائين ڇڏي ويو هيو۔

هن دفعي اڃان ته دعوت ڪون ملي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
اڙي يار عرس حد ڪري ڇڏيئي ۔۔۔ ادا هي دعوت ئي ته هئي۔۔۔۔ باقي هتي شيئر ڪرڻ جو مقصد ڪهڙو آهي۔
 
ادا پوءبه اسان انتظار ۾ هياسين ته توهان ٻڌائيند ،
 
ڪو وقت هو جو دوست ياد ڪندا هئا۔۔۔

ڪو وقت هو جڏهن سنڌ سلامت ئي اهو سورس هو جنهن مان خبر پوندي هئي ته پروگرام ٿي رهيا آهن ۔۔۔ ساڳيو سلسلو اڄ به جاري آهي، بس ڪو هجي جيڪو سنڌ سلامت کي ڏسي ۽ پروگرامن ۾ شريڪ ٿئي۔
 
Back
Top