رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
تاثر
اسان جي سنڌي ادب جي افق تي ھڪ تمام روشن ستارو نمودار ٿيل آھي پر جيڪو نھ صرف تعريف جي لائق آھي پر ان جون ڪيل سنڌي ادب لاءِ خدمتون ڳائڻ جھڙيون آھن جنھن وٽ ٻڌو آ تھ لڳ ڀڳ 26 تصنيفون آھن جيڪي گھڻي وقت کان قلمي نسخي مان ڪتابي صورت ۾ اچي نھ سگھيون آھن..افسوس آ جو اھڙي آدرشي انسان جو جيئري قدر نھ ڪري سگھياسين ..ھونءَ بھ اسان سنڌي ڪنھن ماڻھو ڪنھن شخصيت کي ان جي مرڻ کان پو ئي منڃتا ڏيندا آھيون مانگر مڇ جا ڳوڙھا ڳاڙيندا آھيون...جڏھن تھ پو ان ڀيٽا جي ان کي ڪا ضرورت نھ ھوندي آھي...ھتي اڄ مان ان شخصيت ان عڪس ان ساڻيھ جي سڪ واري مھان ماڻھون جي ڳالھ ڪريان ٿو جنھن جي سڪ سنڌ جنھن جي جاڳرتا سنڌ جنھن جي سوچن لوچن ۾ سنڌ سنڌي قوم ۽ سنڌي معاشري جي لاءِ ھميشھ تڙپ رھي آھي ان جي شاعري يا نثر سڄو جو سڄو سنڌ کان شروع ٿي ۽ سنڌ تي ختم ٿي جنھن کي سنڌ جي ھر شيءِ سان پيار پاٻوھ سڪ سلوپ رھيو آھي ۽ ھميشھ سنڌ جي آسودگي جا خوب سٽيندي رھي آھي ھن جي جاڳرتا جي جھان ۾ صرف سنڌ ئي رھي ...واھ ڇا تھ شاعري جو شوق آ ذوق آ ھڪ ضميواري سان پاڻ ملھائيندي پئي اچي ۽ سنڌ جي وڏي ۾ وڏي عورتاڻي صنف ۾ وڏي ادبي ساک رکندڙ وڏي شخصيت آھي جيئن اسان جا دوست ڪڏھن شيخ اياز کي تھ ڪڏھن استاد بخاري کي پيا ڀيٽا ڏيندا آھن مان چوندس تھ عورت اديبھ جي روپ ۾ اگر ڪا ھن دور جي وڏي قداور شخصيت آھي تھ اھا آھي محترمھ سائڻ زيب نظاماڻي جنھن جون لکڻيو پاڻ ٿيون ڳالھائن ....جنھن جو ھڪ پنھنجو سٽاءُ آ ساءُ آ سواد آ شاعري ھجي يا نثر تنھن ۾ پنھنجي الڳ حيثيت ۽ نماءَ نمودار ڪريو پئي ھلي ...واھ شمشيرالحيدري جي ھڪ تمنا ھئي تھ ڪو ڊگھو نطم جو سٽاءُ ڪرڻ گھرجي ۽ ان جي تاثر ۽ خواھش جي تڪميل ھن گھڻو اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏي ھئي لڳ ڀڳ چئن صفحن تي نظم ھن جو پڙھي جڏھن ڏٺم...سو اھا منھدار مائي سچ سان سلھاڙيل سگھڙ سياڻي آھي زيب نظاماڻي دوستن اديبن کي عرض گذارش آھي تھ ٻيلي پنھنجي ادب دوستن جو احساس ڪن ۽ انھن سان ساٿ ڏين جيڪي قلم جو پورھيو ڪري پنھنجي ھن قوم جي خدمت ڪري رھيا آھن..انھن جي حوصلھ افضائي اسان سنڌي نھ ڪنداسين تھ پو ڪير ڪندو اميد آ تھ ھن جون لکڻيون ھن جي ئي زندگي ۾ ڪتابي شڪل ۾ اسان جي معاشري کي فائدو ڏينديون ۽ اسان جا پبلشر ھن مھان مائي سان لھ وچڙ ۾ ايندا ۽ قلمي پورھي کي سھيڙي ڪارگر بنائيندا