• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مرتضى سيال جي ڪتاب هڪ سڏڪو لکت ۾ جي مهورتي تقريب

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اجرڪ آرٽ اينڊ ڪلچرل يوٿ آرگنائيزيشن خيرپور پاران ناليواري شاعر، ليکڪ ۽ ڪالم نگار مرتضى سيال جي ڪتاب هڪ سڏڪو لکت ۾ جي مهورتي تقريب ڇنڇر 2 نومبر 2013 تي شام جو چئين وڳي خزانه (انڊس ريسورس سينٽر) لڳ ڳاڙهي پل خيرپور ۾ ٿي رهي آهي۔

هن تقريب جا خاص مهمان لطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروين شاهه، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ سيد جاويد شاهه جيلاني، اسحاق انصاري، ممتاز بخاري هوندا۔

دوستن کي شرڪت جي ڪوٺ ڏجي ٿي۔
 
شرڪت ڪرڻ ۾ سنڌ ۾ هوندي به ممڪن نه هو جو انهي پاسي وڃڻ جي همت ئي نه ٿيندي هئي۔ پر ڪتاب جو عُنوان ايترو ڌيان ڇڪائيندڙ آهي جو دِل چئي ٿي رڳو انهي ٽائٽل جو مان رکندي اهو پروگرام جيڪر اٽينڊ ڪجي ها۔ بهرحال ليکڪ ۽ ڇاپيندڙ جڏهن اجازت ڏين اهو ڪتاب سنڌ سلامت جي زينت بڻجڻ گهُرجي۔
 
Back
Top