پروفيسر محبوب علي چنا ابن حوقل مکيه مسلم جغرافيه دان (986ع) جي لکيت موجب، ”منصوره ۽ ملتان جي اڪثر حصن ۾ عربي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون.“ ان ڪري، ملتان شريف کي سنڌ جو حصو تصور ڪري، سندس گذشته عظمت جو ذڪر ڪجي ٿو. ملتان سنڌ پرڳڻي جي جهونن شهرن مان هڪ آهي. هن کي آباد ڪندڙ قوم مالهي قوم هئي ــ ڪن روايتن مطابق مالوه قوم، جا سڪندر جي وقت ۾ موجود هئي. اسلام جي آمد کان اڳ، يعني 811ع ۾، ملتان هندو رائن يا راجائن جي حڪم هيٺ هوندو هو. اروڙ کي فتح ڪري، اتر سنڌ زيرِ ڪمان آڻي، غازي محمد بن قاسم ملتان طرف وڌيو. انهن ڏينهن ۾ ملتان هندو ياترين جو مرڪز هو ۽ هن ۾ شِوَ جو وڏي ۾ وڏو مندر موجود هو. هي شهر سنڌ جي اترئين ڇيري ۾ وڏي ۾ وڏو شهر هو، ۽ مظبوط قلعي اندر محفوظ هو. مسلمانن لاءَ هيءَ وڏي ڳالھ هئي ته اهڙي مضبوط ۽ محفوظ شهر کي زير ڪيئن آڻين. پر رب سائينءَ جي نصرت ساڻ هين ۽ لاڳيتو ٻن مهينن جي محاصري بعد، 813ع ۾، ملتان شهر مسلمانن جي قبضي ۾ آيو. حضرت محمد بن قاسم حسبِ دستور اتي نظم و نسق لاءِ بندوبست ڪيو ۽ زياده تر انتظام رکڻ لاءِ مڪاني ماڻهن کي مامور ڪيائين، ۽ قنوج کي فتح ڪرڻ لاءَ فوج رواني ڪيائين. 815ع ۾ سليمان بن عبدالمالڪ دمشق ۾ خلافت جون واڳون ورتيون ۽ غازي محمد بن قاسم جي معزوليءَ جو حڪم صادر ٿيو. محمد بن قاسم جي لاءِ سنڌ واسين جون دليون جدائيءَ جي تنور ۾ جلي رهيون هيون. ان واقعي جو اثر هي ٿيو جو ملتان ۾ هڪوراي هندو راجائن جي حڪومت شروع ٿي وئي، تان جو محمود غزنويءَ ملتان کي انهن هندو راجائن جي قبضي مان ڇڏايو ۽ ملتان غزنويءَ جي قبضي ۾ رهيو. ان بعد، 1183ع ۾، ملتان غوري خاندان جي قبضي ۾ رهيو. غزنوي، غوري ۽ قرامطي خاندانن کان پوءِ 847ھ : 1443ع تائين، ملتان دهليءَ جي مسلمانن جي هٿ هيٺ رهيو. پوءِ ته اچي ملڪ ۾ افراتفري پيدا ٿي ۽ هر هنڌ خودمختار حاڪم هويدا ٿيا. ملتان ۾ روحاني حڪومت حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جي هئي. اتي جي زميندارن ۽ با اثر ماڻهن درگاھ جي متولي، شيخ محمد يوسف قريشيءَ کي ملتان جو حاڪم مقرر ڪيو. پر سگهو ئي لانگاھ قوم جو هندو سردار، راءِ سهيره، مذڪور شيخ صاحب جو اچي مريد ٿيو ۽ پنهنجي ڌيءَ جو سڱ به شيخ کي ڏنائين. ان بعد، دغا ڪري، شيخ صاحب کي مارائي، پاڻ سلطان قطب الدين جي لقب سان ملتان جو بادشاھ ٿيو. ارغونن جي حڪومت تائين، يعني 928ھ : 1820ع تائين لانگاهن جي حڪومت هلي. ان بعد شاھ حسن ارغون پنهنجو قبضو ڪيو ۽ ملتان جو شهر نذر طور بابر بادشاھ کي ڏنو. ان وري اهو شهر پنهنجي پٽ ڪامران کي ڏنو، ۽ اهڙي طرح هي شهر مغلن جي قبضي ۾ آيو. نادر شاھ هن مرڪزي شهر کي پنهنجي هٿ هيٺ آندو، *۽ بعد ۾ احمد شاھ ابداليءَ هن تي قبضي جو ڪمند اڇلايو. هي شهر خصوصي طور هڪ مردِ خدا جي وجود مسعود ڪري مشهور آهي، ۽ اڄ به ڪيترا روحاني پياسي پنهنجي پياس ٻجھائڻ لاءِ ملتان جو سفر ڪندا آهن. اها شخصيت عاليه آهي حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتاني رحه جي. ان جي اولاد مان به ڪيترا صاحٻِ حال پيدا ٿيا، جنقال وارن جو ڪلنگيون ڪھ ڪري ڇڏيون. انهن مان حضرت بهاءُ الدين جي فرزند صدر الدين ۽ پوٽي رڪن الدين جا نالا نشانبر آهن. انهن کان سواءِ ملتان ۾ ٻيا به بزرگ مدفون آهن، جن مان مشهور صاحب هي آهن: (1)* حضرت عمر بن حضرت علي مرتضى جي اولاد مان حضرت جعفر، جو ”المويد من السماء“ جي لقب سان مشهور هو، (2) حضرت فضلي، (3) مخدوم حسام الدين، (4) سعيد قريشي، (5) شهزادي مراد بخش بن عالمگير جو ملازم ۽ مشهور شاعر. هت ملتان پرڳڻي جي ٻئي شهر ”اُچ شريف“ جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي، جنهن جو نالو ملتان سان گڏ آڻڻ لازم آهي. جئن اڳ ذڪر آيو آهيان، هن جو قديمي نالو ”اسڪلنده“ هو ۽ هندو رائن جي زماني ۾ ستن وڏن قلعن مان هڪ هو. اُچَ ۾ اڳ ست وڏا ڳوٽ هوندا هئا، جن کي گڏي ”اُچَ“ سڏبو هو، پر هاڻي انهن مان وڃي ٽي بچيا آهن: هڪڙو اُچ مخدوم جھانيان، جنهن ۾ حضرت جلال سرخ بخاري ۽ مخدوم جھانيان جھان گشت جا مقبرا آهن ۽ سندن متعلق رهن ٿا، ٻيو اُچ مغليه، جنهن ۾ مغلن جو اولاد سڪونت پذير آهي؛ ۽ ٽيون اُچ گيلاني، جتي حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحه جي اولاد مان پير ۽ سندن معتقد رهن ٿا. هن خطي جي زمين مٿانهين هئي، ان ڪري ان تي ”اُچ“ پيو. هن شهر ۾ به ڪيترائي ڌڻي ڌوئل هئا، جن جو مزارون مرجع خلائق آهن. انهن مان مذڪور جھانيان بزرگ، مخدوم شيخ عبدالقادر ثاني، قاضي ابوالخير، قاضي عبدالرحمان، شيخ شجاع بخاري، ميان سڄڻ صديقي، شيخ جمال ڪوري، شيخ محمد بن با يزيد ۽ بزرگ ۽ شاعر محمد علي بن شيخ عبدالواسع مشهور آهن.
واهه جهانداد واهه تمام بهترين شيئرنگ آهي، مٺا توهان جي اهڙين ناياب پر ڄاڻ سان ڀريل شيئرنگس جو بي چيني سان انتظار رهندو آهي، پر خبر ناهي ته الاهي توهان وچ ۾ الاهي ڪيڏانهن سير سپاٽي تي نڪري ويندا آهيو.