• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اجايو ڊپ

جميل احمد

سينيئر رڪن
اجايو ڊپ
رات جا نو ٿي رهيا هئا،هڪ والده پنهنجي ڇهن سالن جي ڌيءَ کي پينگھي ۾ لولي ڏيئي سمهاري رهي هئي،ان وقت ڳوٺ ۾ بجلي به نه هئي،ڪمري ۾ ٽارچ ٻري رهي هئي.پينگھي جي پٺئين ڀت تي والده کي ڪجھ نشان نظر آيا،هن ورانڊي ۾ موجود ٻين گھر وارن کان پڇيو ته ”ڀت کي اڏوهي لڳي آهي ڇا؟“ هنن جواب ڏنو ته ”ها!“ڇوڪري جي ماءُ پريشانيءَ مان وراڻيو ته ”اڏوهي گھر ۾ لڳندي آهي ته پوءِ ان مان جند ڏاڍي ڏکي ڇٽندي آهي.“اها ڳاله ٻڌي ڇهن سالن جي ننڍڙيءَ کي تمام گھڻو خوف ٿيو ۽ ڊپ مان هانءُ ڏاريندڙ رڙيون ڪرڻ لڳي.

 
Back
Top