• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 31 آڪٽوبر تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 31 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:


31 آڪٽوبر 1451ع عظيم سياح ڪرسٽوفر ڪولمبس جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
31 آڪٽوبر 1795ع مشهور انگريز شاعر جان ڪيٽس جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
31 آڪٽوبر 1931ع مشهور وڪيل ۽ سماجي ڪارڪن غلام سرور عباسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
31 آڪٽوبر 1942ع صحافي حسين بخش ٽالپر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
31 آڪٽوبر 1943ع نامور ڪهاڻيڪاره پروفيسر ڊاڪٽر رشيدہ حجاب جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
31 آڪٽوبر 1944ع سياستدان ۽ سموري عمر جدوجهد ڪندڙ ڄام ساقي جو جنم ڏينهن آهي.
31 آڪٽوبر 1966ع ليکڪ روشن ڪنڀر جو جنم ڏينهن آهي.
31 آڪٽوبر 1966ع صحافي اي جي چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

31 آڪٽوبر 1854ع مذهبي اسڪالر مولانا مير فخر الدين علوي (شڪارپور) جي وفات ٿي.
31 آڪٽوبر 1890ع بزرگ هستي سيد علي گوهر شاھ ثاني جو انتقال ٿيو.
31 آڪٽوبر 1972ع شاعر ۽ نثرنويس شفيع احمد ’اوج‘ علوي جو انتقال ٿيو.
31 آڪٽوبر 1975ع برصغيرجي مشهور موسيقار ايس ڊي برمن جي وفات ٿي.
31 آڪٽوبر 1977ع سياستدان چاڪر علي جوڻيجو جي وفات ٿي.
31 آڪٽوبر 1984ع ڀارت جي اڳوڻي وزير اعظم اندرا گانڌي پنهنجي محافظن هٿان قتل ٿي وئي.
31 آڪٽوبر 2005ع پنجابي ٻولي جي عظيم شاعره ۽ ناولنگار ۽ ڪهاڻيڪاره امرتا پريتم جو انتقال ٿيو.
31 آڪٽوبر 2005ع ناليواري شاعر محمد ابراهيم ”راحم“ صديقيءَ لاڏاڻو ڪيو.
31 آڪٽوبر 2023ع سنڌ ۾ جبري پورهئي خلاف جدوجھد ڪندڙ عورت اڳواڻ ويرو ڪولهيءَ لاڏاڻو ڪيو.

اڄوڪي ڏينهن 31 آڪٽوبر جا ڪجهہ اهم واقعا

1923ع – رضا شاھ محمد ، ايران جو وزيراعظم چونڊيو ويو.ھ1947ع – ڀارتي فوج جهونا ڳڙهه تي قبضو ڪيو.
1984ع – هندوستاني وزيراعظم اندرا گانڌي (تصوير) کي سندس ئي محافظ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
2011ع – دنيا جي آبادي ست ارب کان وڌي وئي. هن ڏينهن کي گڏيل قومن جي اداري ست ارب جو ڏينهن طور مقرر ڪيو آهي.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top