• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مبهم نه ٿيو ماڻهو

مبهم نه ٿيو ماڻهوڪيو ڳاله صفا سڪ جي
دوکاته دلين کي ٻيا به ڪيئي ڏين رڪجي
هي حسن ڏنو الله ڪجه قدر ڪيو ان جو
ملال ڏيئي ماڻهن نه حيران ڪيو هٽجي
بي چين آهي دلڙي بي درد ٿي ويو آ ديس
هت ويس وڳا ڪارا چنڊ آهي ويو وٺجي
هت رات اماوس ڇو هت ڏيهن اڀاڳن جو
هن ديس جا دودا ڇو بي موت وڃن ڪسجي
هڪ عشق اسان کي ڇو راهن ۾ پيورولي
هو نينهن واري ناري ۽ ديس ويو لٽجي
دشمن جو نه آ ڪو ڏک هو ويري دروهي آ
ڏک پنهنجن جو ٿي ٿو جت سڪ نه ٿي ترجي
 
Back
Top