ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
هن موضوع کي هتي ئي ختم ڪجي ٿو جيتوڻيڪ يزيد بابت اڃا به ڪافي ڄاڻ ڏيڻ جي خواهش آهي پر دوستن پاران بار بار اختلافي موضوعن کي ڇيڙڻ جي ڪري منهنجي خيال ۾ هاڻ هن موضوع کي پڄاڻي تي پهچائجي۔
انشاالله ڪنهن ٻئي موضوع ۾ ڪربلا جي تاريخ بابت به ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪندس۔
آّخر ۾ نه چاهيندي به مان ادا ذيشان کي اها گُذارش ڪندس ته هن موضوع کي هاڻ ڀلي تالو هڻي ڇڏين ڇو جو هي موضوع پنهنجو مقصد پورو ڪري چڪو آهي۔ يزيد سان محبت يا نفرت اهو فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏجي ٿو۔
اسلام عليڪم سنڌ سلامت جي انتظاميه کي۔
عرض احوال ته سنڌ سلامت تي اگر ڪو اهڙو موضون هلي پوندو آهي، جنهن کيانتظاميه( جن وٽ سنڌ سلامت جي ڪنهن موضون کي بند ڪرڻ وغيره جا اختيار هونداآهن ) ڪجهه سبب جي ڪري وڌيڪ هلڻ پسند ناهي ڪندي ته ان کي مجبورن تالو هنيون ويندو آهي۔ ۽ تالي هڻڻ کان پوءڪو به ميمبر ان ۾ وڌيڪ لکي ڪو نه ٿو سگهي۔ سواء انتظاميه جي۔مگر هت هن ڀيري ائين ناهي ٿيو۔ ان جو مان سبب پڇي سگهان ٿو۔ مان به هن سنڌ سلامت جو پراڻو ميمبر آهيان۔جيتوڻيڪ ڪجهه ڳالهيون سچ چوڻ جي ڪري مان هن سنڌ سلامت جو منظورِ نظر ميمبر ٿئي نه سگهيو آهيان۔ مگر ان هوندي به مان ميمبر ته آهيان.
تفصيل ڪجهه هن ريت آهي.
يزيد سان محبت يا نفرت؟ فيصلو اوهان تي۔۔وارو موضون جڏهن اسان جي دوست محترم سائين ممتاز قريشي صاحب جن مٿان الفاظ لکي ڪري ختم ڪيو هو ته ان موضون کي سنڌ سلامت جي انتظاميه تالو هنيو هو. ............. مگر ان تالي هڻڻ کان پوء اسان جي دوست محترم عاشق سولنگي صاحب جي هڪ پوسٽ لڳل آهي جنهن ۾ مون کي ئي مخاطب ڪيو ويو آهي ، جنهن کان پوء وري انتظاميه ميمبر محترم سائين سليمان وساڻ صاحب جن جي به پوسٽ لڳل آهي. جڏهن ته تالو هٽائڻ جا اختيارات صرف سنڌ سلامت جي انتظاميه وٽ آهن. ۽ محترم دوست سليمان وساڻ صاحب جي ته خبر آهي ته ان پنهنجا (انتظاميه جي ميمبر جي حيثيت ۾ )اختيارات استعمال ڪندي. اهيا پوسٽ لڳائي آهي.. مگر مون کي محترم دوست عاشق سولنگي واري پوسٽ تالي لڳڻ کان پوء شامل ٿيندي ڪجهه عجيب ٿو لڳي. ۽ سوال پيدا ٿو ٿئي ته ڪٿي هي سنڌ سلامت جي انتظاميه ڪو ناني ويڙهو ته نه آهي؟ ڇو جو هت من پسند ماڻهون کي پنهنجا اختيارات استعمال ڪندي، ان کي واهه ڪڍي ڏني وڃي ٿي، بنسبت نا پسند ماڻهون جي............. ساٿيو پوء ته فيس بڪ بهترين فورم آهي جنهن تي هر هڪ کي فڪري هڪ جيترو حق حاصل آهي، پوء اهو ڪهڙي به فڪر جو ماڻهون هجي۔
سنڌ سلامت جا ساٿيو. ۽ سنڌ سلامت جي انتظاميه وارا ساٿيو.وڌيڪ موضون کي ڏسڻ لاء هت لنڪ ڏجي ٿي جنهن تي ڪلڪ ڪري توهان پاڻ ڏسي ڪري پنهنجي دل جو فيصلو ڏئي سگهو ٿا. پوء اهو دل جو ڏنل فيصلو توهان ڀلي سنڌ سلامت جي فورم تي ڏيو يا نه ڏيو. مگر فيصلو ڪجو ضرور. جيڪو حق هر ڪنهن دوست کي حاصل آهي..
يزيد سان محبت يا نفرت؟ فيصلو اوهان تي۔۔.