پروفيسر محبوب علي چنا هندو راجائن جي راڄ ۾ هت به، ٻين وڏن شهرن وانگر، هڪڙو قلعو هوندو هو، جنهن کي ڪافر قلعو ڪري ٿا سڏين نيرون ڪوٽ درياھ جي ڪناري تي واقع هو، پر دريا ان جي اڀرندي کان وهندو هو. اها خبر ڪانه آهي ته هن شهر جي بنياد ڪڏهن پيئي. پر چند تاريخ جي ڪتابن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اتي نيرون سمني نالي راجا راڄ ڪندو هو، ان جي پٺيان هن شهر جو نالو پيو. فتحنامي ۾ آيل آهي ته جنهن ٽڪريءَ تي هي قلعو ٻڌايل هو، ان جو نالو نيرون هو، ان ڪري هن کي نيرون ٽڪريءَ وارو قلعو _(قلع نيرون) سڏبو هو. ان بعد هي قلعو مقامي طور (نيرون ڪوٽ) جي نالي سان مشهور ٿيو. هي ديبل کان 25 فرسخ، يعني اٽڪل 75 ميلن جي مفاصلي تي هو. مسلمانن جي اچڻ کان اڳ هن شهر جو حاڪم به هڪ سمني هو. ڪتابن مان هي به ظاهر آهي ته هي صاحب ٻڌ ڌرم جو پرچارڪ هو. جڏهن هندن جو راءِ گهراڻو سنڌ جي حڪومت تي فائز هو ته هي شهر ديبل، لوهاڻا، لاکا ۽ سما وانگر برهمڻ آباد جو باجگذار هو. سن 92ھ : 71ع ۾ ج0هن سرانديپ _(سلون) جي راجا جا دمشق ۽ عراق جي درٻارين ڏانهن موڪليل تحفا ديبل بندر وٽ ڦرجي ويا ۽ حجاج بن يوسف واليءِ عراق جي خط موڪلڻ تي به راجا ڏاهر چور هٿ ڪرڻ کان انڪار ڪيو، تڏهن حجاج بن يوسف بديل کي سنڌ تي ڪاھ ڪرڻ لاءِ موڪليو. هو صاحب سمنڊ رستي سنڌ ۾ آيو ۽ اچي نيرون ۾ منزل انداز ٿيو. هن کي هارون واليءَ مڪران وٽان به ٽن هزار سپاھ جي ڪمڪ ملي. ان بعد بديل ديبل تي ڪاهيو، پر ڏاهر جي پٽ جئسين هٿان شڪست کاڌائين ۽ مارجي ويو. انهيءَ وقت نيرون جو حاڪم به هڪ سمني هو، جو بانيءِ نيرون سمنيءَ جي اولاد مان پيو ڀائنجي. هن سمني ڊپ وچانن حجاج کان خط ذريعي معافي ورتي، جا ان کي ملي. پر پوءِ جلد ئي حجاج غازي محمد بن قاسم کي سنڌ وٺڻ لاءِ موڪليو. 93ھ : 711ع ۾ جڏهن ابنِ قاسم ديبل ورتو، تڏهن ديبل جو حاڪم ڀڄي اچي نيرون ۾ جئسين وٽ رهيو.. جئسين، ڏاه جي حڪم تي، سمنيءَ کي نيرون ۾ ڇڏي، پاڻ برهمڻ آباد ڏانهن رخ رکيو ۽ اتي جي نظام کي مضبوط ڪيائين. غازي محمد بن قاسم ديبل هٿ ڪري، پنهنجي ساز سامان سوڌو نيرون ڏانهن رخ ڪيو. پر سمني ڪوٽ جا دروازا کولي اچي پيش پيو ۽ نذرانا به خدمت ۾ آندائين. حضرت محمد بن قاسم قلعو ورتو ۽ اتي پنهنجو نائب مقرر ڪري، هڪ مرڪزي مقام تي مسجد ٺهرائي، شهر لاءِ امام مقرر ڪري، پاڻ سيوستان طرف راغب ٿيو. سيوستان سر ڪري، وري به حجاج جي حڪم مطابق اچي نيرون ۾ مقيم ٿيو ۽ سمني سندس خدمت ۾ چڱا فرض بجا آندا. محمد بن قاسم حجاج جي مشوري سان، سمنيءَ جي آبرو جي خلعت به بخشي، ۽ نيرون جو حاڪم به مقرر ڪيائين، ان لاءِ ته مسلمانن جي لشڪر کي رسد ۽ رسائل پهچندو رهي. برهمڻ آباد وٺڻ بعد محمد بن قاسم وري نيرون ڏانهن متوجھ ٿيو ۽ اتي هڪ نظم و نسق واري شهر جي سٽا ڪئي، ۽ ٺاھ جوڙ به ڪئي. ابن حوقل جڏهن سنڌ ۾ آيو ته هن ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۾ عربن جون مکيه بيٺڪون منصوره، ملتان، ديبل ۽ نيرون ۾ هيون، ۽ اتي جامع مسجدون به ٺهيل هيون. سنڌ جي قديم ۽ متواتر روايات مطابق، موجوده حيدرآباد جو شهر نيرون جي قديم بستيءِ تي آباد ڪيل آهي. محب الله بکريءَ پنهنجي مختصر تاريخ (قلمي) جي ٻئي باب ۾ لکيو آهي ته ”حيدرآباد دراصل نيرون جي نالي سان مشهور آهي. شهر جو بنياد نبوت ۽ هجرت جي درمياني عرصي ۾، پنجين سالن رکيو ويو. پوءِ هالن جي فتح کان پوءِ هي شهر حيدرآباد جي نالي سان مشهور ٿيو، ڇوته حيدر قلي (شايد ارغون) هن شهر کي ازسر نو تعمير ڪرايو.“ هت محب الله جي بيان جو آخرين حصو درست نه آهي، ڇوته هن شهر جو نالو ”حيدرآباد“ سنڌ جي ڪلهوڙي حڪمران ميان غلام شاھ، 1182ھ : 1768ع ۾، جڏهن هن صاحب حيدرآباد جو موجوده قلعو تعمير ڪرايو، رکيو هو. قلعي ڪي سنگِ تڪميل تي عربيءَ جي هي سٽ ڪُنده آهي : ”يارب اجعل هذا البلد آمنا“، جنهن مان ابجد طور 1182 سال نڪري ٿو. ڪوٽ جي تعمير مڪمل ٿيڻ کان هڪ سال پوءِ، يعني 1183ھ : 1769ع ۾، جنهن سال ميان غلام شاھ ڪلهوڙي سابق يرون ڪوٽ ۾ اچي قدم رکيو ۽ ان کي ”حيدرآباد“ جو نالو ڏئي سنڌ جي گادي مقرر ڪئي، ته نيرون ڪوٽ جوحليو هٿ ڦري ”حيدرآباد“ جي قالب ۾ آيو. حيدرآباد شهر جي لطيف آباد واري حصي سان لڳ گنجو ٽڪر ۡڪَر کنيو بيٺو آهي. جو سنياسين، سيارن ۽ الله وارن جو مقام هو. شاھ ڀٽائي رحه به هن کي سر کاهوڙيءَ ۾ ڏاڍو ساراهيو آهي۔