دل اَڙجي وئي دمام سان! ڀاڱو ٽيون. عوامي آواز سنڊَي ميگزين 3 نومبر 2013عوامي آواز جي ٿورن سان سعودي عرب جي اُڀراندي علائقي جي گاديء واري هنڌ دمام ۽ ان جي پسگردائيء ۾ ننڍن وڏن شهرن ۽ تفريحي ماڳن جي سفر کي جاري رکندي هن ليک ۾ القطيف، تارُوت ٻيٽُ، سعودين جي خارجين سان رَوَيَن ۽ ڪجھ عربي طعامن بابت حال احوال اوربو. تنهن کانپوء ڳچ پڙهندڙن ۽ دوستن جي دمام پهچڻ جي طريقيڪار بابت پُڇيل سوالن جي جواب ۾ سندن رهنمائيء لاء سڄو طريقڪار بيان ڪبو.القطيف: دمام کان اُتر- اوڀر ۾ تقريبن ٽِيھن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي القطيف جو شهر آهي. تواريخي لحاظ کان هي شهر سعودي عرب جو سڀ کان قديم شهر آهي. آرڪيالوجي جي ماهرن مطابق هي شهر پنج هزار قبل مسيح کان آباد آهي. جيئن ته القطيف “قطف” لفظ مان نڪتل آهي جنهن جي معنى آهي “ميوا يا ڀاڄيون پَٽَڻ يا چونڊڻ يا گڏ ڪرڻ”، انڪري نالي مان ئي ظاهر ٿيو ته هي ٽڪرو زرخيز هجڻ جي ڪري هت پوکي پڻ ٿئي ٿي. عربي / فارسي نار جي ڇيڙي تي هجڻ ڪري ۽ قيمتي پٿرن ۽ کجيء جي وڻن سان مالامال هجڻ سبب هي شهر هزارين سالن کان مسافرن جي آرامگاھ رهيوآهي. تاريخ جو ڳچ حصو هي شهر موجوده بحرين ملڪ جي گاديء جو هنڌ پڻ رهيو آهي. بادشاھ نِبُوخَذنِصَّر جي حڪمرانيء کان وٺي عثماني سلطنت جي حڪمرانيء تائين القطيف تي ڪيترن ئي بادشاهن جون ڪاهون ٿينديون آيون آهن. سڪندر يونانيء جي فارسي سلطنت تي ڪاھ کانپوء هي علائقو ڪجھ وقت لاء سندس حڪمرانيء هيٺ رهيو. سڪندر يوناني جي حڪمرانيء واري دور ۾ تڏهوڪي الجَرها ۽ هاڻوڪي القطيف ايتري ترقي ڪئي جو انکي دنيا جو امير ترين شهر سمجھيو ويندو هو. تاريخي ڪتابن جي مطالعي مان اها به ڳالھ ظاهر ٿي آهي ته ان وقت ۾ ماڻهو ايترا ته سکيا ستابا هئا جو پنهنجي گھرن جي ڀِتين، اڱڻن، درن ۽ درين کي سون، چانديء ۽ قيمتي پٿرن سان سينگاريندا هئا. القطيف گھمندي ڦرندي ڪيترا ئي تاريخي ماڳ نظر ايندا، جن کي هتان جي موجوده حڪومت سياحن لاء محفوظ رکيو آهي. هن علائقي جا رهاڪو باقي سعودي عرب جي رهاڪن کان وري وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ روشن خيال آهن. ان ڳالھ جو ڀرپور فائدو وٺندي القطيف جي هڪ بزرگ رهاڪو سان ڳالھ ٻولھ ٿي جنهن ۾ هن القطيف جي هڪ تاريخي ماڳ “ قرامطين جي قبلي” بابت معلومات ڏني. ان ماڳ کان اسان اڄ تائين اڻڄاڻ هئاسين. هُن مطابق ته 317 هجري دوران القطيف ۾ قرامطين (اسماعيلي شيعا) جي حڪومت دوران هنن ڪعبة الله شريف تي حملو ڪري ڪيترائي حاجي زخمي ڪري حجرِ اسود چورائي اچي القطيف ۾ هڪ ڪوٽُ اڏي ان ۾ رکيو هو ۽ اُتي ئي انجي عبادت ڪندا هئا. قرامطين جي ان عمل تي فاطمي جيڪي اڳ ۾ هنن جا اتحادي هئا سي سندن مخالف ٿي پيا. پر تنهن کانپوء عباسي خلافت انجي رد عمل ۾ قرامتين سان ڳالهين ذريعي حجر اسود واپس وٺڻ جا وَسَ ڪيا پر پوء به پٿر واپس نه ٿيو. قرامطين جي حڪمران سليمان جي موت کان پوء وري سندس ڀاء احمد القطيف جي واڳ سنڀالڻ کانپوء 339 هجريء ۾ حجرِ اَسود واپس ڪيو.چاچَي پوڙهي جا حال احوال ٻُڌي سندس تواريخ سان لڳاء بابت به اندازو ٿي ويو، ۽ سندس انگريزي به ڀلي هئي، جنهن جو سبب اهو هو ته پنهنجي تقريبن اڌ عمر هن آرامڪو ۾ نوڪري ڪئي هئي. چاچي کان ان ماڳ جو ڏَسُ پَتَو پُڇي اسان به ان تاريخي ماڳَ پَسَڻَ لاء روانا ٿياسين.مَڇيء جي شوقينن لاء القطيف ۾ هڪ تمام وڏي مڇي مارڪيٽ آهي. هن مڇي مارڪيٽ مان تقريبن پوري ملڪ ۾ مڇي موڪلي وڃي ٿي. وڌ ۾ وڌ ذائقي واري مڇي هت “هامُور” جي نالي سان مشهور آهي جيڪا ٻين مڇين کان مهانگي پڻ ٿئي ٿي. مڇيء جي ٻين قسمن ۾ الشهري، گُرگُفام، پامفريٽ، تِلاپِيا، تُونا، جھينگا (الرُبيان)، شيل فِش، ڪِريب، لوبسٽر ۽ ٻيو به ڪيترن ئي قسمن جو سِي فُوڊ هت آسانيء سان مليو وڃي. مڇي مارڪيٽ جي ٻاهران وري هوٽل نما دُڪان ٺهيل آهن جيڪي وري تازي مڇي ڪيترن ئي نمونن سان ڇھ کان ڏھ ريال ڪلو ۾ ٺاهي ڏين. مطلب ته مارڪيٽ مان تازي مڇي وٺو ۽ اُتي جو اُتي ٺهرائي نوشُجانُ ڪيو. القطيف کان ئي هڪ پُل القطيف کي تارُوت جي ٻيٽ سان ڳنڍي ٿي. سَتَر چورس ڪلوميٽرن جي ايراَضيء جي تاروت ٻيٽ تي به موئن جي دڙي جيان هٿ آيل هڪ تاريخي ماڳُ “تل رافيه” “رافيه جو دڙو” 1993ع ڌاري دريافت ڪيو ويو. رافيه جي دڙي مان هزارين سال قديم ٿانوَ، قيمتي پٿرن سان جَڙيل ڳَھَ ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي قيمتي شيون هٿ آيون آهن جن مان ڪجھ ته دمام ميوزيم ۾ ۽ ڪجھ وري رياض ميوزيم ۾ سانڍيل آهن . 5000 قبل مسيح جيتري پراڻي هن ٻيٽ تي ڪيتريون ئي نسلون آباد ٿيون، جن مان دِلمُون، اَڪادين، قديم آشور جا رهاڪو جن کي آشوري يا اَسَائرِيَن سڏجي ٿو، فارسي ۽ پُرتگالي شامل هئا. تاروت ٻيٽ تي گھمڻ دوران هڪ ته اهو اندازو ٿيو ته ننڍو ٻيٽ هجڻ ڪري هت آبادي ايتري نه آهي پر جيڪي به ڪُٽنب هت آباد آهن سي انتهائي پڙهيا لکيا ۽ با شعور ٿي لڳا، جن جا وڏا بنيادي طور تي مُهاڻا هئا. ٻيٽ جي چوگرد ڪوسٽ گارڊن جي اهڙي سخت چوڪي جو شل پکي به ڪو بغير اجازت جي پَرُ هڻندو هجي. ان جو ڪارڻ اهو هو جو القطيف سميت هن ٻيٽ جي چوڌاري هڪ ته تيل جا جامَ ذخيرا آهن ۽ ٻيو ته عربي/ فارسي نارَ کان پنجويھ کان ٽيھ نَاٽِيڪل ميلَ پَريان وري ايران جو ملڪ آهي.سعودين جو خارجين سان ورتاء:خارجي جيڪڏهن بنگالي آهي ۽ ڪنهن سعودي جي وَر چڙهي ويو ته گيسيون ڪرائيندس. بنگالين جا ڪَمَ به ڪجھ اهڙا آهن سو ويچارن جي ايتري عزت ناهي. سعودي عرب ۾ بنگالي سنڌين وانگي هڪ ڪميونٽي ۾ رهن ٿا. اوکيء سوکيء ۾ گڏ. جھيڙو هجي يا ڪو مسئلو سڀ بنگالي گڏ ٿي ويندا آهن. اهڙن ڪجھ جھيڙن ۾ سعودين جا مٿا ڦاڙڻ کانپوء بنگالي هاڻ ويٺا ڊڄندا وتن. پنهنجي سعودي عرب جي ڪيريئر ۾ انجنيئرنگ جي ميدان ۾ مونکي اڄ تائين ڪو بنگالي نه مليو. باقي بنگالي ڊاڪٽرَ پنهنجي ميدان ۾ ملهائن پيا.پاڪستانين جي وري به ٿوري گھڻي عزت آهي. ڪهڙي به شعبي جي ڪمپني هجي، يا مزدوريء کان وٺي پنهنجو ذاتي ڪاروبار جهڙوڪ؛ آٽو مڪينڪ، اليڪٽريشن، هوٽل جو ڪاروبار وغيره هجي اُتي پاڪستاني ته ضرور ملي ويندو. هاڻ معذرت سان هڪ ڳالھ عرض ڪبي هلجي ته ڳالھ ٿي پاڪستانين جي، پر انهن ۾ اسانجا سنڌي سٻاجھڙا ڪنهن مزدوريء جي ڪمَ يا آٽو مڪينڪ، يا اِليڪٽريشن يا ڪنهن ٻئي ذاتي ڪاروبار ۾ اڄ تائين نه مليا. هاڻ ان ڳالھ کي خوش نصيبي چئجي ته سنڌي قوم ڪا ايڏي سُکي سَتابي قوم آهي جو انهن کي مزدوري ڪرڻ جي ضرورت ئي نه ٿي پوي. يا ان ڳالھ کي بد نصيبي چئجي ته اسانکا ڪو ڏکيو ڪم ٿيندو ئي ڪونه آهي يا وري اسانکي کپي وائٽ ڪالَرَ واري نوڪري. اهو فيصلو ڇڏيون ٿا پڙهڻ وارن تي. هندستانين سان به سعودين جو تقريبن ساڳو پاڪستانين وارو ورتاءُ آهي. باقي جي ڪنهن سعوديء کي رستي ۾ يا ڪنهن شاپنگ سينٽر ۾ ڪٿي به ڪو اڇي چمڙي وارو (يورپين) ملي ويو ته پوء ويهي ڏسو سعودين جا مَزا. سَتَن پوتين ۾ ويڙهيل زال سميت ٻارن ٻچن کي ان سان تعرف ڪرائڻ ۾ جُٽي ويندا. هڪ ته عربن کي انگريزي ڳالهائڻ جو اڳيئي گھڻو شوق، وري مٿان جي ڪو انگريز يا ڪو اڇي چمڙيء وارو ملي وڃين ته سندس آڏو پاڻ وڇائي ڇڏيندا آهن.عربي طعامَ(Mediterranean cuisine):شروعات ۾ ته بغير مرچ مصالحن جي ڦِڪا ۽ سُڪا تيلَ ۾ ٻُڏَلَ کاڌا پاڻ کي وڻيا ئي ڪونه ٿي. هاڻ ته وري پنهنجي گھرَ جي ماني ڪونه وڻي. صبح ساجھُر هوٽلُن تي ۽ ننڍن ننڍن بُوفيَن تي ماڻهن جو ميڙ ڏسي اهو محسوس پيو ٿيندو آهي ته سندن مايون سندن وانگي هڏ حرام ناشتو ٺاهين ئي ڪو نه. سعودين جو پسنديده ناشتو وري عَدَس (دال)، افغاني فُولُ (لوبيا / مختلف قسمن جي مَٽَرَن جون ڦَريُون)، فِلافِل (چَڻَن جا ڪبابَ) سينڊ وِچ ۽ شَڪشُوڪه (بيضن جي ڀاڄي) آهي. پنهنجي عادت اهڙي ٿي پئي جو روز نه ته موڪل واري ڏينهن ناشتي ۾ فُول کانسواء مزو ئي نه اچي. منجھند جي مانيء ۾ هت وري چانوَرَ لازمي آهن. چانورن وارو جيڪو عربي طعام آهي سو ڪبسه سڏجي ٿو، پوء اهو يا ته وڏي گوشت ۾ ٿئي يا وري مرغيء ۾ ٿئي ٿو. روايتي کاڌن کي ڇڏي عربن جو اڄڪلھ گھڻو لاڙو فاسٽ فوڊ ڏانهن ٿي پيو آهي. پر حقيقت ۾ سندن روايتي طعام انتهائي لذيذ ٿين ٿا. جيئن حريث. ڪڻڪ ۽ ٻاڪري گوشت مان ٺهيل حريث ائين آهي جيئن اسان وٽ حليم. پر حريث رُڳي لوڻ ئي ڪاري مرچ ۾ ٺاهيو وڃي ٿو. مِٺائين ۾ وري لبناني ۽ مصري مٺايون پنهنجو مَٽُ پاڻ آهن پر مِٺي جو هڪ طعام جيڪو اسانجي دل کڻي ويو سو آهي “معصوب”. هي اصل ۾ يمني ڊش آهي پر هت عام جام آهي. قِيمي واري مشين ۾ ماني، ڪيلا ۽ کجي وجھڻ کانپوء ان مرڪب ۾ ڪريم، چِيز ۽ ماکي وجھي معصوب تيار ڪيو وڃي ٿو ۽ نهايت ئي لذيذ ٿئي ٿو. هت پاڪستاني، هندوستاني ۽ بنگالي هوٽلون به عام جام آهن جتي وري جيڪڏهن بورچي ڀلا مليو وڃن ته پوء جَهِڙو گھر جي ماني پيا کائو.ڪراچيء کان دمام: مغربي توڙي باقي عرب ملڪن جيان سعودي عرب ۾ حج يا عمري کانسواء ٻيا سياحتي ويزا جاري ڪونه ٿين. سو سعودي عرب جي سياحت واري انڊسٽري کي هٿي وٺرائڻ وارن اُپائن مان هي هڪ منفي پهلو آهي. ان بابت ڳچ تحقيق ڪئي پر ان جو ڪو مناسب ڪارڻ سمجھ ۾ نه آيو، نه ئي ان ڳالھ جو ڪارڻ ڪنهن سرڪاري ويب سائيٽ تي ڄاڻايل آهي نه وري ان ڳالھ کي لوڪل ميڊيا اُڀاريو آهي. ها باقي سعودي عرب ۾ ڪنهن ڪمپنيء ۾ نوڪري لڳڻ کانپوء حاصل ڪيل ويزا، ڊپلوميٽڪ ويزا، حج عمري جو ويزا، تعليمي وظيفي جي تحت حاصل ڪيل ويزا يا ڪاروباري ويزا جي ذريعي ئي داخل ٿي سگھجي ٿو. ڪنهن عرب سڳوري جي ڪفالت وٺڻ (جنهن کي آزاد ويزا به چئبو آهي) تي اڄڪلھ حڪومت جي وٺ پڪڙ آهي. آزاد ويزا واري چڪر ۾ ٿيندو ائين هو ته ڪنهن عرب سڳوري پنهنجي ڪا ڪمپني گورنمينٽ سان رجسٽر ڪرائڻ کانپوء پاڻ کي ويزا ڏيڻ جو اهل ڪري، پاڪستان توڙي ٻين پوئتي پيل ملڪن مان سستا مزدور گھرائي کين اڳتي ٻين ڪمپنين ۾ موڪليندو هو، مزدور ويچاري جي ڪمپنيء کان ملندڙ اُجرت جو اَڌُ به پاڻ کڻندو هو ۽ مزدور جي پگھار مان به سَو ٻه سَو ريالن جي ٽُڪَ ڪندو هو. سو هاڻ گورنمينٽ وري اهڙن ويزن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي ته جنهن به ڪفيل(ويزا ڏيڻ وارو سعودي) جو ويزا آهي ڪم به ان وٽ ئي ڪرڻو آهي. اهڙن خارجين جي مدد لاء وري سعودي حڪومت آسان طريقيڪار رکيا آهن ته پنهنجي ان ڪفيل کان اين.او.سي وٺي پنهنجو ويزا ان ڪمپنيء جي نالي تي منتقل ڪرايو جنهن وٽ اوهان ڪم ڪري رهيا آهيو، ٻي صورت ۾ دائمي ملڪ نيڪاليء جي پڻ ڌمڪي ڏني وئي آهي. ڪنهن کي نوڪري ڪرڻي آهي، پڙهڻو آهي، ڪو ڪاروبار ڪرڻو آهي يا وري ڪو هرو ڀرو واندو آهي ۽ کيس سعودي عرب يا وري خاص ڪري دمام گھمڻ جو شوق اٿس ته پوء ڪراچي ته پوري ريڪروٽنگ ڪمپنين سان ڀري پئي آهي. لک ٻن ۾ ڪنهن ڪمپنيء جو ويزا هڻايو ۽ سال کن ڪم به ڪيو ۽ گھمو ڦرو به، يا وري سعودي عرب جي يونيورسٽين ۾ داخلا لاء وظيفا به ايندا رهن ٿا، جن جا اشتهار وري وقت سِر مختلف اخبارن ۾ ۽ نيٽ وغيره تي پڻ ايندا رهن ٿا. يا ڪاروباري ويزا Business Visa هڻائي به آسانيء سان گھمي ڦري سگھجي ٿو. پر ان ويزا لاء ڪروڙ پتي هجڻ ضروري آهي. ها باقي عمري ۽ حج واري ويزا لاء اوهان صرف ۽ صرف جده، مڪو ۽ مدينو پاڪ ئي گھمي سگھو ٿا. جي اُتان شارٽ ڪٽ ڪڍي ڪو ٻيو شهر گھمڻ ڦرڻ لاء نڪتئو ۽ پڪڙجي پيئو ته پوء سڌو جيل ۾. ۽ هاڻ اُهو قانون به ختم ٿي ويو ته ڀاڄوڙن کي عزت ۽ احترام سان پنهنجي ملڪ ڊيپوٽ ڪيو ويندو هو. هاڻ انهن کي پڪڙي مهينو انهن جي بهترين خدمت ڪئي ويندي آهي. جيل واري ان ڪمري ۾ جنهن ۾ ڀاڄوڪڙن کي رکيو وڃي ٿو ان ۾ پاڻي ڇڏيو ويندو آهي ته جيئن سائين جن اُتي ئي وِنهنجي سِنهنجي، تيل ڦُليل ڪري تيار به ٿين ۽ وقت سر سوئمنگ پول جا مزا به وٺن. سو ٻيلي اهو ڪم ڪجو پنهنجي ذميواريء تي متان سُڀاڻي پٽون پاراتا ملن ته ليک ۾ ته اهو اسانکي ڪونه ٻڌايو ويو هو. اهي ته هئا هت پهچڻ جا شارٽ ڪٽ رستا ۽ انهن ۾ پيش ايندڙ پريشانيون، هاڻ اوهانکي ٻُڌائبو هت پهچڻ جو سڌو سنئون طريقيڪار.راڻي پور کان ڊيرا الهيار بلوچستان، تنهن کانپوء نوابشاھ تائين مختلف ڪمپنين ۾ نوڪريون ڪندو ڪراچي اچي هنڌ ڪيم. ٻڌندا پئي آيا سين ته ڪراچي آخري اسٽاپ آهي. ڪراچيء کانپوء جو سفر وري گھڻو اڳتي وٺيو وڃي. سو مون سان به اهو ئي ٿيو. سال کن ڪراچيء ۾ نوڪري ڪئي، لياري ايڪسپريس وَي کي تقريبن تيار ڪيوسين. ان دوران ئي خبر پئي ته هاڻ ڪمپنيء مان ماڻهو ڪڍن پيا. سو مون سوچيو ته ان کان پهرين جو مون کي ڪو اهڙو ليٽر ملي مان پاڻ ئي ٿو ڀڄڻ واري ڪيان. سو ٻاهرين ڪمپنين ۾ اپلاء ڪرڻ شروع ڪيم. ائين اِٽليء جي هڪ ڪنسلٽنگ ڪمپنيء ۾ منهنجو ويزا لڳي ويو. ويزا جو طريقيڪار اهو هوندو آهي ته پهريان ته پنهنجي ڪواليفڪيشن مطابق اخبارن وغيره ۾ اشتهار ڳولهبا آهن. اهي اشتهار ڪڏهن ته سڌا سنوان انهن ڪمپنين جي طرف کان هوندا آهن ۽ ڪڏهن وري پاڪستان ۾ موجود سندن ريڪروٽنگ ايجنٽن طرفان هوندا آهن. سندن ضرورت مطابق پنهنجيون عربيء ۾ ترجمو ٿيل تعلمي سَنَدون سعودي ايمبيسيء ۽ سعودي ڪلچرل سينٽر مان تصديق ڪرائي، سِي.وِي، پاسپورٽ جي ڪاپي ۽ نادرا وارو اووَرسِيز پاڪستانين وارو ڪارڊ NICOP ساڻ ڪيو کين موڪلبا آهن. تنهن کانپوء جيڪڏهن ڪمپنيء ۽ توهان جي وچ ۾ ايجنٽ جو هٿ آهي ته هو پنهنجو خرچ پاڻي به ضرور ڪڍندو آهي، جيڪو لکن ۾ ٿئي ٿو، جنهن کان بچڻ ممڪن ته ناهي پر ٿوري گھڻي مٿي ماري کانپوء ڪجھ رعايت به ڪندا آهن. ڪجھ وڏين ڪمپنين جا ايجنٽ وري هڪ پائِي به نه وٺن. باقي گورنمينٽ جي ته پنهنجي به فِي آهي جيڪا ايتري گھڻي ناهي. هڪڙا وري نقلي ايجنٽ به مارڪيٽ ۾ دڪان کوليوويٺا آهن جيڪي غريب اٻوجھ ماڻهن کي ڦُريو گُم ٿيو وڃن. پر انهن جي اصلي هجڻ جي تصديق جو هڪ آسان طريقو آهي. جيڪڏهن ڪو اصلي ايجنٽ آهي ۽ هو مارڪيٽ ۾ سالن کان ڪم ڪري رهيو آهي ته سندس ويب سائيٽ ضرور هوندي. بس ان ايجنٽ جي ويب سائيٽ تي ٿوري گھڻي نظر ڦيرائڻي آهي، جنهن ۾ سندن ڪم ڪار جو طريقيڪار ۽ سندن ايجنسي جي پوري معلومات موجود هجڻ ئي سندن اصلي هجڻ جا ثبوت آهن. هڪ ٻي آسان نشاني اها آهي ته اصلي ۽ پراڻا ايجنٽ گھٽ پئسا وٺندا آهن، ڇاڪاڻ جو کين ڪمپنيء جي طرف کان به ڪميشن مليو پوي. ان سموري طريقيڪار کانپوء ڪمپني جا نمائندا ان ئي ايجنسيء ۾ موڪليا ويندا آهن جيڪي انٽرويو ذريعي ڇانٽي ڪندا آهن. بس پوء ويزا جو انتظار. ويزا لڳرائڻ کان وٺي ٽڪيٽ ڪرائڻ تائين سڄو انتظام ايجنسي ئي ڪندي آهي. دمام جا حال احوال کُٽڻ جهڙا ته ناهن. پر هت ئي قصو ڪوتاھ ڪري ايندڙ ليک ۾ الخبر کان اڌ ڪلاڪ جي فاصلي تي سعودي عرب جي پاڙيسري بحرين ملڪ جي سيرَ سَپاٽي بابت پنهنجا تجربا ۽ ۾مشاهدا اوربا.فهيم اختر ميمڻ دمام سعودي عرب بلاگ لنڪ عوامي آواز لنڪ
مطلب ته کائڻ پيئڻ جون سڀ شيون مهيا آهن۔ تمام سٺي نموني اوهان دمام بابت ڄاڻ ڏئي رهيا آهيو۔ اها اميد اٿم ته اهو سلسلو جاري رهندو ۽ سفرنامي جي صنف ۾ هڪ وڌيڪ سفرنامي ۽ هڪ نئين سفرنامي نگار جو واڌارو ٿيندو۔
ادا تمام گهٽ ماڻهن جو ليک اهڙو هوندو آهي جيڪو پڙهندي يڪسانيت۔ بوريت يا وري صفا ذري ذري اصل ڳالهه تان ئي ٿِڙِ ي وڃڻ جو شڪار نه هُجي۔ اوهان ۾ ڌڻي اها خوبي رکي آهي جو ليک سان نڀائي ڄاڻو۔ اُميد ته اهو سلسلو جاري رهندو آهي۔ دل دمام کان دور وڃي سگهي ٿي۔ ۽ اُميد ته مَن مديني مڪي ۽ جي جِدي سان جُڙندو۔ ۽ اڃان به همت ڪئي ته ياري ينبو سان به ٿي سگهي ٿي۔ سليمان وساڻ جي اڻ ٻُڌل فرمائش تي ڪڏهن لکڻ ويٺس ته حياتي جي پهرين 7 بهارن جو ذڪر لکي ويهندس جيڪي شداد جي شديد گرمين ۾ گذريون۔ اهي شايد دماغ جي سلامتي تائين نه وِسري سگهن۔
لک لائق عبدالحفيظ صاحب۔۔ادا دمام کان پوء رياض جو وارو آهي انشاءالله سلسلي کي جاري رکبو۔۔ باقي هنن ليکن جو سلسلو اصل ۾ ايڪسڪلوزِو عوامي آواز لاء آهي انڪري مختصر آهي۔مختصر انڪري جو اسپيس جو مسئلو پنهنجي جاء تي پر ان سلسلي کي بس سائين ايوب شيخ صاحب جي چوڻ تي اوچتو شروع ڪيم ڪو سفرنامي جو پروگرام نه هو۔۔۔باقي انکي سفرنامي جي صورت ڏيڻ لاء ڪافي تفصيل سان الڳ ڪم ڪري رهيو آهيان۔۔