ذهني طاقت لاءَ ڪجهه اهم نقطا … جيڪڏهن پنهنجي دماغ کي ڦڙت نه رکبو ته، تحقيق ٻڌائي ٿي ته دماغ جون ڪيتريون ئي صلاحيتون عمر جي گذرڻ سان پنهنجي موت پاڻ مري وڃن ٿيون، جنهن سان يادگيري جي ڪمزوري، ذهني موڳائپ ۽ چريائپ جا دورا پڻ ٿي سگهنٿا ... طاقتور ذهن، اوهانجي طبيعت کي تازي رکڻ سان گڏوگڏ اوهانکي خوش، توانو ۽ جسماني طور ڦڙت رکڻ ۾ مدد ڪندو آهي ... هيٺ ذهني ڦڙتي وڌائڻ جا ڪجه ڪارآمد طريقا ٻڌائجن ٿا. اهڙيون رانديون کيڏو جيڪي اوهانجي ذهن کي للڪارن ۽ ذهن تي زور اچي، جيئن تصويرون ٺاهڻ منصوبا بنديءَ تي مبني رانديون لفظن يا اکرن جي ميلاپ سان لفظن يا جملن جو ٺاهڻ پتي راند، لوڊو راند، نوَ ٽڻ وغيره ونڊ ۽ ڪٽ واريون رانديون چتائي ڏسڻ واريون رانديون ڳجهارتون پڙهڻ سان پڻ ذهن سگهارو ٿيندو آهي، پڙهڻ سان ذهن ۾ خاڪا ٺهندا آهن ، پڙهائيءَ سان يادگيري واري سگهه وڌندي آهي مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت پڻ اڳري ٿيندي آهي ... ، تاريخي، مذهبي، افسانوي ۽ جاسوسي قسم جي ڪهاڻين وارا ڪتاب پڙهڻ سان ڪيترن ئي مسئلن جا حل ذهن پنهنجو پاڻ ٺاهڻ شروع ڪندو آهي ... اهڙا ڪتاب جن ۾ حل ڳولهڻ جو چيل هجي اهي ڪتاب پڻ دماغ کي ڦڙت ٺاهڻ ۾ مددگار ٿيندا آهن ... ورزش انسان جي جسم ۾ رت جي ڦيري کي وڌائيندي آهي جنهن سان ذهن تائين تازي هوا پهچندي آهي ... تحقيق ثابت ڪيو آهي ته ورزش ڪرڻ سان جسماني طاقت ۽ ذهني سگهه وڌي ٿي ۽ تخليقي صلاحيتون پڻ پئدا ٿين ٿيون ... خيال گهوڙا ڊوڙائڻ سان پڻ ذهن ڦڙت ٿئي ٿو ... ان عمل سان اوهانجي سوچ جي صلاحيت ۽ خيالي سگهه وڌي ٿي، ٿڪاوٽ ۽ ذهني ڇڪ گهٽجي ٿي، ۽ ذهن جا اعلا ۽ ڪارائتا جذا ڪم ڪرڻ شروع ڪنٿا ... دماغ جا اندريان ۽ ٻاهريان خليه ڪم ڪرڻ شروع ڪنٿا، ذهن جو اهو حصو جت نيون سوچون پئدا ٿينديون آهن اهي جيئرا ٿي پوندا آهن جنهن سبب انساني عمل ۾ جدت پئدا ٿيندي آهي ... وڏن ساهن کڻڻ سان اسانکي پنهنجي ذهن تائين تازي هوا پهچائڻ ۾ مدد ملندي آهي، آڪسيجن اسانکي ڦڙت ۽ سجاڳ رکندي آهي، 10 کان 15 منٽ روزانه وڏن ساهن کڻڻ سان اسين پنهنجي ذهن کي تازو رکي سگهونٿا ... مڇي جي تيل جون ٺهيل گوريون يا مڇيءَ جي تيل جي استعمال سان اسين پنهنجي ذهن جي ڦڙت ۽ چالاڪ ٿيڻ واري سگهه وڌائي سگهونٿا ۽ ڪنهن مسئلي تي جذباتي غور فڪر ڪرڻ واري سگهه ۾ اضافو ڪري سگهونٿا. تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته سنگيت ٻڌڻ سان ذهن جا واڌو جزا حرڪت ۾ اچنٿا ۽ ذهن جي بناوت تي اثر ڪنٿا ... جيڪي ماڻهون سنگيت ٻڌن ٿا انهن جا جذبا سنگيت نه ٻڌڻ وارن کان وڌيڪ تيز ٿين ٿا ... لکڻ سان يادگيري ۽ خيالن جي اظهار جي سگهه وڌي ٿي، مقالا ، ڪهاڻيون يا تجرباتي ڇنڊڇاڻ لکڻ سان ذهني جا تصوراتي خليه وڌن ٿا، جنهن سان ذهني صلاحيت ۾ واڌارو ٿئي ٿو ننڊ دماغ مان خرافات صاف ڪري، دماغي مونجهارن کي گهٽ ڪندي آهي، جڏهن رات جو پوري ننڊ نه ڪبي آهي ته يادگيري جي سگهه ۽ ذهن جو صحيح استعمال متاثر ٿيندو آهي ... تصوير ڪشي يا مصوري پڻ ذهن کي تڪڙي ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي آهي، ان سان تخليقي صلاحيتن ۾ واڌارو ٿيندو آهي، بيشڪ جي اوهان مصوري نه ڪندا هجو پر ڪوشش ڪري ڪريو ته ممڪن حد تائين اوهانجي تخليقي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو ۽ سڪون محسوس ٿيندو. صبح جي شروعات سٺي ۽ صحتمند ناشتي جي ڪرڻ سان ثابت ٿيو آهي ته ان سان دماغ کي سگهه فراهم ٿئي ٿي پورو ڏينهن تازگيءَ سان گذري ٿو. سٺي ناشتي نه ڪرڻ سان اوهان جلد جسماني ۽ ذهني ٿڪاوٽ جو شڪار ٿيندا ... چهل قدمي ۽ گهمڻ سان اوهان جي ذهن تان بار هلڪو ٿئي ٿو، گهمڻ نه فقط جسم لئه سٺي ورزش آهي پر ذهن کي پڻ سٺي کاڌ ملي ٿي ... خراب خيالن کان بچائي ٿي ۽ تازگي مهيا ڪري ٿي .... تازي ميوي جو رس پيئڻ سان ذهني تازگي ميسر ٿئي ٿي، ميوي اندر موجود سگهه جا قسم جسم ۽ ذهن کي پڻ سگهه پهچائن ٿا ۽ وري تازو توانو ڪري ڇڏين ٿا ... نارنگين جو رس هجي يا ڏاڙهون جو رس يا وري ڪمند جو رس، جسم ۽ ذهن کي سگهارو ڪنٿا. جيڪي شاگرد امتحان ۾ ويهڻ کان اڳ ڪجهه مقدار caffeine ڪيفين جو استعمال ڪنٿا انهن جي ڪارڪردگي انهن کان بهتر ٿئي ٿي جيڪي استعمال نٿا ڪن ... ڇاڪاڻ ته ڪيفين دماغ جي سگهه کي اجاگر ڪري ٿي، انجي پيئڻ سان سوچ واري سگهه ۾ اضافو ٿئي ٿو ... پر گهڻي ڪيفين استعمال نه ڪجي ... انهن ذهني صلاحيتن کي وڌائڻ وارن عملن جو صحيح استعمال ڪريو، انهن نقطن جو ست ٺاهيو ۽ مختلف وقتن ۾ مختلف عمل ڪريو صرف ڪنهن هڪ عمل سان نه پر انهن مٿي ڄاڻايل سڀني عملن مان ڏينهن جي مختلف گهڙين ۾ مختلف سگهارا طريقا استعمال ڪيو ....
جواب: ذهني طاقت لاءَ ڪجهه اهم نقطا يار نثار ابڙا، ذهن تي زور ڏيڻ واريون رانديون هاڻي ڪير ڪونه کيڏي، اڄڪلهه آن لائن رانديون، ڪمپيوٽر وڊيو گيمز ۽ هيڪنگ هيڪنگ وارين راندين جو زمانو آهي، ٻهراڙين ۾ اسان اهي رانديون ڏسندا هُئاسين، باقائده انهن راندين جو اهتمام ڪيو ويندو هو، پر اڄڪلهه ٻهراڙيءُ ۾ به بيٽرين تي هلندڙ مني سينمائون ، وي سي ڊي، آڊيو وڊيو ڪيسٽون، ايتريون ته زور آهن جو وڃي ٿيا ست خير، راندين تي چانهه چانهه جون شرطون رکيون وينديون هيون، پر اڄڪلهه ڳوٺ ڳوٺ، ۾ عاشق مجبور آ وارن ڪلامن تي هنڀوڇيون هنيون ٿيون وڃن، انهن ڪلامن تي رقص ڪندڙ ٻهراڙين جي ڪنڌارن جي ناچ تي شرطون رکيون ٿيون وڃن۔ بس يار هاڻي ته هاڻي ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ انشا جي اٺو اب ڪوچ ڪرو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ذهني طاقت لاءَ ڪجهه اهم نقطا سهڻا ناز سائين، دل هلڪي نه ڪريو ۔۔۔ جي حيانءُ نه هارين ڪوهيارل ته هي ڏينهن به گهاري وينداسون ۔۔۔ اميدون گهڻيون آهن، صحت جو خيال رکڻ ته اسان سڀني جو اخلاقي ۽ ديني فرض آهي ۽ پنهنجو ڪم آهي ته ڪي سهڻا خيال هجن ته دوستن سان ونڊ ڪجن، من ڪو پنهنجي جسم کي سهڻو ٺاهي وجهي، من ڪو پنهنجي جسم ۽ ذهن کي صحت جهڙي نعمت سان مالا مال ڪري وجهي ۔۔۔ دوست! ڪجهه سال اڳ مونکي اتفاق سان برطانيا ۾ وڃڻ جو موقعو مليو هو، ات رهندي جڏهن مون لنڊن کان وٺي انڊنبرگ تائين جا شهر گهميا هئا ته مونکي هڪ ڳالهه جو احساس ٿيو هو ته هر محلي ۾ ۽ هر ٻي گهٽيءَ ۾ صحت مرڪز قائم ٿيل هئا، جت اندر وڃي ڏٺو ته نوجوان جوڙا پنهنجي صحت وڌائڻ لاءِ ڪهڙا نه جتن ڪري رهيا هئا ۔۔۔ صحتمند جسم ۽ صحتمند ذهن ئي قومن جون تقديرون بدلائيندا آهن ۔۔۔ ۽ اسانجا سنڌي به اميد ته پنهنجي ان فرض کي ضرور نڀائيندا ۔۔۔ sindhsalamatsaathsal
جواب: ذهني طاقت لاءَ ڪجهه اهم نقطا صحتمند جسم ۽ صحتمند ذهن ئي قومن جون تقديرون بدلائيندا آهن ۔۔۔ ۽ اسانجا سنڌي به اميد ته پنهنجي ان فرض کي ضرور نڀائيندا ۔۔۔ sindhsalamatsaathsal[/QUOTE] زبردست
جواب: ذهني طاقت لاءَ ڪجهه اهم نقطا وا وا ميهرباني ادا جو اهڙيون شيون اوهان اسان سان شيئر ڪيون هاڻي اءُ ب اهڙا ڪم ڪندس جو ذيهن سٺي طريقي سان ڪم ڪري۔
جواب: ذهني طاقت لاءَ ڪجهه اهم نقطا سائين نثار ناز صاحب جي ڳالهه سو ڀيرا صحيح آهي۔۔۔ اڄ ڪلهه ته بس جهان ئي ٻيو آهي۔۔۔
جواب: ذهني طاقت لاءَ ڪجهه اهم نقطا جو کير پئي سو وير ٿئي ۔۔۔ ادا اويس سومرا صاحب، اوهان اهڙا ڪم ڪندا ته بس سمجهو ٻيڙا پار ۔۔۔ رب العالمين اوهانکي سگهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين