عاجز سمون
سينيئر رڪن
جهرڪ جي باري ۾ انگريزن جا خيال ( تاريخ جا ورق )
ـ ٺٽو ضلعو طبعي لحاظ کان وارياسي ڀٽن ، ڪلراٺي زمينن ۽ ساحلي ايريا تي مشتمل آهي ، پرجابلو پٽي پڻ هن ضلعي ۾ شمار ٿئي ٿي ـ درياء سنڌ جي ڪنڌي تي اوچين ٽڪرين جي اوٽ ۾ آباد جهرڪـ جو شهر جيڪوبدقسمتي سان حقيقت جي باوجود سرڪاري طور قائد محمد علي جناح جي جنم ڀومي تسليم نہ پيو ڪيو وڃي ! اهو شهر درياه بادشاه جي موجن جي ماٺي ٿيڻ سبب ڏينهنون ڏينهن غربت ۽ افلاس جو شڪار ٿيندو پيو وڃي ، مستين ڀرئي زندگي گذاريندڙ هن شهر جا پيڙاتا "گندي ۽ گدنهہ : لاء بہ پريشان آهن ـ
هن شهر جو ماضي مؤج ۽ مستين ڀريو هو ان جي شاهدي تاريخي ورقن مان انگريز جاسوسن جا خيال ئي ڏين ٿا ـ ناٽن ڪرد 1800ع رپورٽ ٻڌائي ٿو تہ ٺٽي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ جهرڪ جو شهر واقح آهي جتي اَنُ ، چوپايومال ۽ گيھ جام ملي ٿو ـ
رچرڊ برٽن جهرڪ کي 1821ع سنڌو ندي ء جي ڪپ سان ٽڪري ء تي ٻڌل هڪ سهڻو شهر ٻڌايو آهي ـ
ڪئپٽن اي پي دلهو سٽ 1832ع ۾ جهرڪ ڏٺو ۽ لکي ٿو تہ " هي شهر سنڌو درياهه کان 150 فوٽ اونچو آهي شهر ۾ سامان جي رسد جي ڪثرت آهي ۽ ڪراچي کان گهڻو سٺو آهي بازار ۾ ٻہ سئو دڪان آهن ۽ رستن جي صف بندي ٻنهي پاسن کان ٿيل آهي ـ