• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت کوليو هڪ نئين انداز سان۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
اڪثر ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ گوگل سرچ انجڻ کي هوم پيج طور رکندا آهن۔۔۔ ان جو مطلب ته جڏهن به برائوزر کي کوليو ويندو آهي ته گوگل جي سائيٽ پاڻ مرادو کُلي ويندي آهي۔۔۔ هاڻي توهان بجائي URL ۾ تبديلي ڪندي۔۔ گوگل سرچ باڪس ۾ sindh salamat لکو ۽ سرچ بٽڻ بجاءِ I'm Feeling Lucky تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

sindhsalamatq.jpg


توهان حيران ڪن طور تڪڙي رفتار سان سنڌ سلامت فورم جي مرڪزي صفحي تي موجود هوندو۔۔۔ يقين نه اچي ته چيڪ ڪري ڏسو۔۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت کوليو هڪ نئين انداز سان۔۔۔

مبارڪ هجي سائين مطلب ته گوگل ڊائريڪٽ سنڌ سلامت جي لنڪ ڏانهن ريفر ڪري ٿي۔۔۔ اهو توهان جي محنت جو ۽ سينيئر دوستن جي ڪاوشن جو نتيجو آهي۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت کوليو هڪ نئين انداز سان۔۔۔

ادا عبدالرشيد صاحب يار اوهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو ڇو ته اڄ ڪل هوندا ئي سنڌ سلامت ۾ آهيون۽ سڄو وقت گذاريو پيا ۽ هاڻي اوهان جي ڏس ڏنل طريقي سان يڪدم پنهنجي مطلوبه ۽ من پسند سائيٽ تي بنا ڪنهن تاخير ۽ دير جي سڌو اچي سلامي ڀريندا سون ، واھ سائين واھ

مهرباني اهڙي ڪارئتي ونڊ لا
 
جواب: سنڌ سلامت کوليو هڪ نئين انداز سان۔۔۔

پر مون وٽ ته چڪر ئي اُلٽو ٿو اچي۔۔۔۔فيس بوڪ تي ڪنهن ڇوڪري جو اڪائونٽ ٿو اچي۔
 
جواب: سنڌ سلامت کوليو هڪ نئين انداز سان۔۔۔

دوستو جادوگرن جا ڪم اهڙائي هوندا آهن هٿ ڪنگڻ کي آرسي ڇا هن ٽپ مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته جادوگر رشيد سمون اصل ڪم کي کڻيو بيٺو آهي، رشيد سمون صاحب جادو جا چلا پچائي پچائي کائي کائي اصل پچي راس ٿي ويو اٿئو۔ زبردست ائين ڪرڻ سان سنڌ سلامت اصل دل جي اندر ۔ واهه واهه ۔​
 
جواب: سنڌ سلامت کوليو هڪ نئين انداز سان۔۔۔

ادا آزمائي ناهي ڏٺي پر اوهان تي اعتبار آهي ، اڄ استاد جي دور ٿي وڃڻ جو درد آهي ، سڀاڻي ڪوشش ڪري ڏسندس ان کان پو اوهان لک دئائون ڏيندس ۔
 
جواب: سنڌ سلامت کوليو هڪ نئين انداز سان۔۔۔

ادا آزمائي ناهي ڏٺي پر اوهان تي اعتبار آهي ، اڄ استاد جي دور ٿي وڃڻ جو درد آهي ، سڀاڻي ڪوشش ڪري ڏسندس ان کان پو اوهان لک دئائون ڏيندس ۔

مهربانيون سائين

مطلب ته اسان شاگرد اهڙا آهن جيڪي اسان کي مِس ڪري رهيا آهن۔ دنيا ۾ سڀ شاگردي استاد جي نه اچڻ تي يا غير حاضر رهڻ تي خوش هوندا آهن پر هتي شاگرد استادن جو انتظار پيا ڪن ۽ استاد غير حاضر هجڻ ڪري خوش آهن ته هنن جهونن شاگردن مان اڄ ته جان ڇٽي۔

باقي اسان جي استاد جادوگر رشيد سمون جي شيئرنگ زبردست آهي۔ اوهان پاڻ به آزمايو نه ته اڄ شام ته انشاء الله گڏ آهيون ۽ اوهان جي سامهون هن ونڊ جي پرک ڪنداسون۔
 
جواب: سنڌ سلامت کوليو هڪ نئين انداز سان۔۔۔

ادا آزمائي ناهي ڏٺي پر اوهان تي اعتبار آهي ، اڄ استاد جي دور ٿي وڃڻ جو درد آهي ، سڀاڻي ڪوشش ڪري ڏسندس ان کان پو اوهان لک دئائون ڏيندس ۔

سائين جيڪڏهن استاد ٻانهن ۾ ڌاڳو نه ٻڌو هجي ته پاڻ ئي همت ڪريو۔۔۔ جو مون کي توهان کان تڪڙيون دعائون وٺڻيون آهن
 
Back
Top