ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

'مختلف موضوع' فورم ۾ ابن قابل قاضي طرفان آندل موضوعَ ‏9 مارچ 2010۔

  1. ابن قابل قاضي

    ابن قابل قاضي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2010
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    ”مدح“
    ڀلا ڄام هن غلام” سندو سوال سڻج تون“
    چيل حضرت ميان محمد سرفراز شهيد
    فرزند غلام شاھ ڪلهوڙو

    رسول عربي حضرت محمد صلي الله عليــ وسلم سان عشق ڪرڻ وارن عاشقن تائين پهڇائڻ ۾ هن عاجز جي ڪوشش شامل آهي گذارش هي آهي تـ جيڪو نقل مون وٽ موجود آهي ان کي سمجهـ ۾ ايندڙ انداز ۾ رقم ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن ڪٿ ڪا غلطي سرزد ٿئي ويئي هُجي تـ ان جي نشاندهي ضرور موڪليندا. انمول تحفوآهي_ پنهنجي ڪنهن بـ مشڪل جي لاء ضرور پڙهجو، جڏهن دعا لا۽ ٻاڏايو، تـ دوستن سان گڏ دشمنن لا۽ بـ دعا گهرجو.



    بسم الله الرحمان الرحيم

    ڀلا ڄام هن غلام” سندو سوال سڻج تون “

    بسم الله لڳ الله محمد شاھ ڏي پناھ
    پرين تو منجهـ درگاھ ڪيم آس مٿي راه رسين تون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    جاهل ۽ ڪاهل آهيان ڪچو ڪمينو
    نـ مون حال نـ مون تال ڀلا ڀال ڪرين تون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    آهيان ڏڏ غمن گڏ سچا سڏ سڻج تون
    پسي پاڻ ڪرم ساڻ ڏکين ڏاڻ تون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    چارئي يار جئ جيار ڪندا واهر وري مون
    مون بيڪار سندي سار سگهي شال لهين تون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    صادقين عادلين ذي النورين حنيفينء
    جمالين ڪمالين شجاعين علينء
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    سچا صديق رضـ رڃ رفيق ڏين توفيق سندي مون
    عمر رضـ ڄام تنهنجي سام پئي پانڌ لڳاسون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    حضرت عثمان رضـ ڪيوقران جوڙي سيپارا ۽ سورون
    علي رضـ گهوٽ ڀڳا ڪوٽ سندا ڪفر ڪنارون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    امامين سونهارين سندو آسرو اٿئون
    امام حسن رضـ ۽ امام حسين رضـ ڪندا مهاڙ موٽي مون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    ا صحاب مٺڙا مون تابعين کي سڪ مون
    تن ڀلن وسيلن جي توھ ٿا تڳئون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    سچار ۽ موچار جي مهندار لکيا سون
    تن مڙئني ڀلارن سندي مهڙ آهين تون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    نـ سا خلق نڪي ملڪ نـ هو فلڪ زمينون
    اوھانجو نور ٿيو ظھور آڳاٽو سڀني کنئون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    اول ۽ آخر والي ملڪ سندو تون
    ظاهر ۽ باطن پيون تنهنجي پچارون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    شريعت طريقيت ڪرين نصيب اسان ڪون
    حقيقت معرفت سندي نظر ڪرين تون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    هدايت حمايت عنايت ڪرين تون
    امانت سلامت اچي لڪ لنگهاءِ مون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    سر زمين ڪيم ڪين آهيان ناقص نماڻو
    مٿي دين تو آمين اُڀاريج ا سان ڪون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    صغير ۽ ڪبير ڪيم ڪرت ڪچايون
    محمد صـ مير هن حقير سنديون ميٽ مدايون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    يڪسبون ڪم زبون ڪيم خون خطائون
    مٿئين ڏوھ پنان توھ ڪرين بخش عطائون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    شيطان ۽ دجال سندي شر کان رکين مون
    ظالم سڀ خادم ڪرم ساڻ ڪرين تون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    ڀرم ۽ شرم پنئ ڪرم ڪمينون
    مٿيان وهم لاهين غم پورا ڪم ڪرين تون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    منجهه قبر لهج خبر حضرت پيغمبر سندي مون
    ڀتين ڀيڙ ڪنان مير هن حقير رکين تون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    منڪر ۽ نڪير ايندا پڇڻ پڇاڻون
    روبرو سرخرو ۽ آبرو ڏين مون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    روز قيامت شفاعت ڪندين امت اتي تون
    تنهن وير ڀري پير سگهو شير رسين مون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    امتحان کي عصيان منجهه ميزان وڌائون
    وقت ڀيٽ ڪيو ميٽ ڪرم ساڻ ڪچايون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    پل صراط مٿي واٽ اچي پير رکياسون
    رس راه مٿي راه ٿئي ٻانهن لنگهائ تون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    جمال ۽ ڪمال تنهنجي لاءِ واجهاڻون
    ٿيان شال منجهه وصال وجڻ هوتن ھاڻون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    لنگهيا لڪ لٿا شڪ ھلي حق گڏياسون
    في الحال منجهه وصال اچي محب چلياسون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    بسم الله لڳ الله ڪر نگاھ پرين تون
    آھيم آس توهان ڏانهن خاص من مراد پڄاءِ مون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    چارئي طرف تنهنجي شرف ڪيئي روشن اڀ زمينون
    منجهان نور ٿيو معمور مڪو ملڪ مدينو
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    بسم الله سين مدح تنهنجي شاهه چئي سون
    هي ساره لڳ الله ڪر قبول هٿان مون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    ”سرفراز“ آهي اُدس اٿس آس اوهان ڏانهن
    راه راست بند خلاص خوبي خاص ڏجئين مون
    ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون

    هئ مداح تنهنجي شاهه چيم وصف واکاڻا
    سڻي پاڻ ڪنن ساڻ ڪلمو پاڪ چوائجان
    لا اله الا لله محمد رسول الله .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو