سنڌ، جنهن جو صحيح اچار ”سنڌو“ آهي، سو شروعاتي طرح اُنهيءَ نديءَ جو نالو آهي، جيڪا الهندن ملڪن ۾ ”انڊس“ (Indus) جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. اِهو غلط اُچار انهيءَ ڪري قائم رهيو ، جو اُهو سڪندر اعظم جي ساٿين سندس ڪاهن جي تذڪرن ۾، ڪتب آندو هو، ۽ اُهو پوءِ عام استعمال ۾ اچي ويو. مشرقي اًچارن ۾اهڙي ڦيرگهير واقع ٿيندي رهندي آهي. حضرت عيسيٰ عليه الاسلام کان هڪ صدي پوءِ جوڙيل هڪ ڪتاب ۾ ”سنٿاس“(Sinthos) نالو آيل آهي، جيڪو اصل ۾ ڪجهه وڌيڪ قريب آهي. بعد “ ۾ ”سنڌ“ جو نالو اُنهي ملڪ تي پيو، جنهن کي سنڌو نديءَ جو هيٺيون وهڪرو رجائي ٿو، يعني اهو ملڪ اُنهن ڏاني ندين جي سنگم کان هيٺ تي آهي، جن جي گڏيل نالي تي ۽ ان کان مٿي واري ملڪ کي ”پنجاب“ سڏيو ويو، جنهن منجهان اُهي وهيون ٿي. اها ڳالهه بلڪل مناسب آهي، جو سنڌ جي سر زمين درياهه شاهه جي نالي پٺيان سڏجي، جو ان کي سرجيو ئي درياهه شاهه آهي. ان سموري ڏيهه کي، جيڪو ڊيگهه ۾ سوين ميل ۽ ويڪر ۾ سو ميلن تائين آهي، سنڌوءَ جي پاڻي ڪڻو ڪڻو ڪري آڻي تهه مٿان تهه رکي جوڙيو ۽ ٿانيڪو ڪيو آهي. جنهن پڻيءَ کي اڄ اسان جا پير لتاڙين ٿا، سا اُها ساڳي پئي آهي، جنهن کي موهن جي دڙي وارا ۽ سندن وڏا لتاڙيندا هئا: يعني سنڌوءَ جو لوڙهي آندل لَٽُ، جنهن کي گرميءَ، پاڻيءَ ۽ ساوڪ جي تاثير سڌاري سنواري، هڪ سنئين سڌي ميدان جي شڪل ۾ ماٿريءَ جي ڇيڙن تائين ائين پٿاري ڇڏيو آهي، ڄڻ ته ان جو ڪو ڇيهه ئي نه هجي فرق رڳو ايترو آهي ته جنهن ڌرتيءَ کان هو واقف هئا، تنهن جو مٿاڇرو ڪي پنجاهه صديون اڳ اڄوڪي مٿاڇري کان ڪجهه فٽ هيٺ هو ۽ ان جو سمنڊ سان ميلاپ اڄوڪي هنڌ کان ڪافي اندر ٿي ٿيو، باقي ان جي مٿاڇري جو مهانڊو، ان جا هڪ يا ٻئي پاسي اڻ لکا لاهه اڄوڪي چٽي ۽ بلڪل واضع مهانڊي کان ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه ڦريل هجن. پر اهو فرق به خالي اکين سان ڏسي نه سگهبو. سنڌ جي ان ميدان جي وڌيڪ باريڪ جانچ ڪبي، پر پهريائين ڀر وارين سر زمينن تي نظر ڦيرائي وٺون. سنڌ جي جاگرافي سنڌوءَ جي ويڪريءَ ماٿريءَ جي کاٻي پاسي، يعني اوڀر کان، هندستان جو وسيع ريگستان، ٿر، آهي. جنهن ۾ لاڳيتو ٽي سوء ميل سڃ ئي سڃ آهي ۽ جيڪو هري هري چڙهندو، وڃي ابو ٽڪريءَ ۽ اوالي ٽڪرن تي کٽي ٿو. جمڙائوءَ جي منڍ واريءَ ويڪرائي ڦاڪ جي ڏکڻ کان ويندي ڪڇ جي رڻ تائين ٻنهي علائقن جي وچ وارو ٽڪر ائين واضع ۽ چٽو آهي، جيئن سمنڊ جو ڪپر- واريءَ جا دڙا ائين اوچتو نروار ٿين ٿا، جيئن ڪنهن سڌي سنواٽي ميدان ۾ ڇپن جون قطارون، پريان اُتر ۾، واريءَ جون ڀٽون ڪچي ۾گهڙي اچن ٿيون، ۽ سنڌوءَ جي ليٽ وارياسي علائقي ۾ ڪافي اندر تائين هلي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح، اُنهن ٻنهي ٽڪرن جي وچ ۾، جيڪي طبعي لحاظ کان مختلف مُول منڍ وارا آهن، اصل ويڇو گهڻي ڀاڱي ميسارجيو وڃي. ائين کڻي چئجي ته ٿلهي ليکي، ڪچي کان ٿر جو ويڇو هن علائقي ۾ ڪجهه وڌيڪ اوڀر ڏانهن آهي. ڏاکڻي ۽ اترئين ڀاڱي ۾ وارياسي جي سنڌي جو هيءَ فرق ڏکڻ- اولهه جي چوماسي جي ٻل نٻل ۽ گهاٽيءَ واڌيءَ جي ڪري ڦرندو گهرندو رهي ٿو. ساڄي يا اُلهندي پاسي کان اصل سنڌ جون حدون انهن ڪڪرالين ماٿرين جي ڇيڙي جي سنوت ۾ نظر اينديون، جيڪي بلوچستان جي اندر ڦلهجي ويندڙ ٽاڪرو علائقي تائين هليون وڃن ٿيون. پرحقيقت ۾ ان مٿانهين پٽ سان هڪدم لڳولڳ زمين ٽڪرين تان وهي آيل لٽ منجهان ٺهيل آهي. اها سنڌوءَ جي لٽ کان بلڪل نرالي ٿئي ٿي. اهو تر جنهن کي مڪاني طرح ”ڪاڇو“ سڏيو وڃي ٿو ۽ گهڻي ڀاڱي سوڙهو آهي، سو سليمان جبل ۽ بولان لڪَ کان ڏکڻ طرف ويندڙ جبلن جي وچ ۾، ڊيگهه ۾ وڌندي، ڪيترن هزارين چورس ميلن جو علائقو ٺاهي ٿو. ان جو جيڪو ڀاڱو سنڌوءَ واري ڪچي کي ويجهي ۾ ويجهو آهي، سو چيڪي مٽيءَ جهڙيءَ مٽيءَ جو تراکڙو بيابان آهي، جتي سبزو ۽ ساوڪ نه هئڻ جي برابر آهن. اهو بيابان هڪ قدرتي روڪ آهي- اهڙي ئي اڏول، جهڙا اُهي جبل، جيڪي ان طرف جون ٻيون حدون ٺاهين ٿا. ان بيابان جي ڪري ئي ڪڇيءَ جو هيءَ علائقو گهڻو ڪري سياسي طرح ڏکڻ اوڀر وارين ايراضين جي بدران اُتر وارين ايراضين سان لاڳاپيل سمجهبو رهيو آهي. سنڌ جي ڪچي جي اولهه ۾ جيڪو جابلو ٽڪرو آهي، سو بيهڪ ۾ اوڀر واري ريگستاني ٽڪري سان عجيب مشابهت رکي ٿو. پر ابتيءَ ترتيب سان: يعني اتريون ڀاڱو ڪڇيءَ جي ڇيڙي کان ويندي منڇر تائين بظاهر اڻ ڀڳل ڪوٽ ٺاهي ٿو، جڏهن ته منڇر کان ڏکڻ طرف ڌار ڌار ٽاڪرو ڇپر نظر ايندا، جن جي وچ ۾ سئين پٽ جون ايراضيون آهن، ۽ سمورو تر ڏکڻ ڏانهن هلندي، هوريان هوريان ويڪر ۾ وڌندو ۽ اُچارئيءَ ۾ گهٽبو وڃي ٿو ۽ اولهه پاسي ڪا ظاهري حد ٺاهيندو نظر نٿو اچي. اُنهيءَ پاسي وڌندي، حب ندي ۽ ڪي ننڍيون ٽڪريون اُڪري، اسين لس جي ميدان ۾ پهچون ٿا، جيڪو سمنڊ جي ڪپر کان ساٺيڪو ميل اُتر طرف هليو وڃي ٿو ۽ جنهن جي وڌ ۾ وڌ ويڪر انهيءَ مفاصلي جي اڌ جيتري ٿيندي. اهو ميدان پورالي نديءَ ۽ ڪن ننڍين نين جي آندل لٽ منجهان جُڙيو آهي. ۽ مٿي ڄاڻيل ڪڇيءَ جي ميدان وانگر، جنهن سان اهو گهڻي مشابهت رکي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن سياسي طرح سنڌ سان لاڳاپيل پر گهڻو ڪري ان کان ڌار رهيو آهي. هيءُ انهن علائقن جو مختصر بيان آهي، جن جون ڪڏهن ننڍيون ڪڏهن وڏيون ايراضيون اُن سر زمين سان شامل رهيو آهن، جنهن کي سياسي طور ”سنڌ“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ائين چئي سگهجي ٿو ته طبعي لحاظ کان سنڌ جي اوڀر وارا وارياسا پٽ راجپوتانا جو ۽ اولهه وارا ننڍا ٽَڪر بلوچستان جو حصو آهن. تحقيق، الهندي ڪوهستان يعني ڪاڇي جا ۽ اڀرندي ريگستان يعني ٿر جا رهواسي ”سنڌ ڏي هلڻ“ جي ڳالهه ڪندا آهن: هنن وٽ سنڌ جي معنيٰ اهائي اصل واري آهي، يعني اها سر زمين، جنهن کي سنڌو نديءَ ٺاهيو ۽ سدا تاتيو آهي. اڄ جيڪو پرڳڻو ان نالي سان اسان جي سامهون آهي، تنهن جي بيهڪ 27 ڊگريون 30 منٽ ۽ 23 ڊگريون 35 منٽ اُتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 66 ڊگريون 42 منٽ ۽ 71 ڊگريون 10 منٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ جي وچ ۾ آهي. شروع شروع ۾ جيڪي انگريز سنڌ ۾ آيا هئا، تن کي ان کي ”ننڍو مصر“ سڏيو هو. جيتوڻيڪ هاڻ اسان کي ان تشبيهه تي مٺيان لڳي سگهي ٿي، ڇو ته سنڌ تهذيب کي مصر کان عمر ۾ ايترو ننڍو سمجهيو ٿي ويو، تڏهن به نيل ۽ سنڌوءَ جي هيٺانهين ماٿرين جي وچ ۾ حيرت جهڙي مشابهت آهي: ٻنهي ۾ ساڳيا ئي ٽي پوو-وڇوٽ ٽڪرا- بُٺ ٽڪر، ڪچو ۽ وارياسو- ساڳيءَ ترتيب ۾ ساڄي کان کاٻي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ٻنهي ۾ وچ واريءَ ماٿريءَ جي زرخيزيءَ جو دارومدار برسات تي نه پر سالياني ٻوڏ تي آهي. آبهوا ۽ زمين جي خيال کان ٻنهي ملڪن اندر نباتات ۽ حيوانات جي جيتري هڪجهڙائي آهي، تيترو فرق ناهي. ڪو سنڌ واسي موٽر رستي سوئيز کان قاهري ۽ اتان نيل ڊيلٽا جو ڪجهه ڀاڱو لتاڙي، لبيا جي ريگستان اندر ويندو، ته کيس منزل بمنزل ايتري مشابهت ڏسڻ ۾ ايندي، جو هو سمجهندو ته ريل تي ڪراچيءَ کان حيدرآباد رستي مارواڙ پيو وڃان. البت کيس نيل ڊيلٽا کان مٿي وارو تر سنڌو ماٿريءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه سوڙهو لڳندو: ۽ حقيقت به اهائي آهي. حيدرآباد جي ويڪرائي ڦاڪ کان مٿي ٽن سون ميلن تائين درياهه سان گوني ڪنڊ ٺاهيندي، ڪيتريون به ماپون ڪبيون، ته ڪٿي به سنڌو ماٿريءَ جي ويڪر سٺ ميلن کان گهٽ نه ملندي. سنڌ جي آبهوا سنڌ جي آبهوا جي خاصيت آهي ته اتي ٿڌ به گهڻي پوي ته گرمي به، برسات هڪ پوي ٿوري، ٻيو وڻيس ته پوي وڻيس ته نه پوي. سامونڊي ڪناري وارن علائقن جي آبهوا ٻين جي ڀيٽ ۾ گهميل ٿئي ٿي. ڇو ته اهي سامونڊي هيرن جي پهچ اندر ٿين ٿا. اهي هيرون سال جا چار مهينا لڳنديون آهن. انهن جي ڪري ملڪ اندر پري تائين ٿڌڪار ۽ وائک رهندي آهي. پر ڏکڻ -اولهه واري چوماسي جو زور اُنهن مٿين ويڪرائي ڦاڪن تي پهچڻ کان اڳ ٽٽي چڪو هوندو آهي. جون کان سيپٽمبر تائين چوماسو ملڪ مٿان جيڪي ڪُڪُر ڌڪيندو آڻيندو آهي، تن ۾ مينهن ڪي ڦڙيون مس هوندو آهي. پر اهي کڻي پاڻيءَ سان پُر هجن. تڏهن به ڏکڻ اولهه وارو ٽڪرو علائقو ايترو اُتانهون نه آهي، جو انهن کي روڪي سگهي. ايترو سو آهي ته چوماسي جي ڪري ٽڪرن جي اولهندين لاهين جي ”تاس“ ٿورڙي لهيو وڃي. اُنهي مند ۾جيڪو به مينهن پوي ٿو، سو، هوا جي ٻين لهرن جي چوماسي جي ابُتڙ، مڪاني آبهوا ۾ وڳوڙ جي ڪري پوي ٿو. گهڻي ڀاڱي ڪڪر تپيل زمين مٿان لنگهندي ٻاڦ ٿيندا ويندا آهن ۽ رڳو ايترو فائدو ٿيندو اٿن، جو هوا جي ٿڌاڻ قائم رهندي آهي. اها هوا وقتي طرح تکي ٿي، وڃي ٿر جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ واريءَ منجهان اٿندڙ سخت گرم هوا جي جاءِ وٺي ٿي. سنڌوءَ جي ميداني علائقي ۾ هير جو آخري جهوٽو حيدرآباد کان ڪي سوء ميل اُتر ۾ پڊعيدن تائين پهچي ٿو، پر ان هنڌ ۾ لڪي ٽڪرين جي ڏکڻي ڇيڙي جي وچ ۾ ڪا ليڪ ڪڍبي، ته جهوٽو ان ليڪ جي الهندي پاسي خير ڪو محسوس ٿيندو. جيڪو علائقو اهڙيءَ ريت محروم رهجي وڃي ٿو، سو مٿينءَ سنڌ جي گهڻي سخت آبهوا جي اثر ۾ رهي ٿو. اُتي گرمي سڄا سارا ست مهينا رهي ٿي، جا اتفاق سان ڪڏهن مينهن وسڻ سان ٿورڙن ڏينهن لاءِ گهٽجيو وڃي. اهو اتفاق سان ڪڏهن پوندڙ مينهن به گهڻو ڪري وڏڦڙو ٿئي ٿو، جيڪو جهٽ وسي، وري بند ٿيو وڃي. اپريل کان پوءِ رات جو ڏاڍي ٻوسٽ ۽ گهٽُ ٿئي ۽ گرمي پد گهڻو ڪري پرهه کان اڳ سو کان هيٺ لهندو ئي ڪين. مئي ۽ جون ۾ ڏينهن جو ڇانوري ۾ ٿرماميٽر 120 ڊگرين کان 125 ڊگرين تائين به رهي ٿو. مند ڏاڍي خشڪ ٿئي ٿي ۽ لُڪ جو کهو ائين لڳندو آهي، ڄڻ کوري جو منهن کلي پيو هجي. سنڌ، جيئن اڳيئي ڄاڻائي آيا آهيون، طبعي لحاظ کان ٻن ڊگهائي ڦاڪ وارن ڀاڱن - ٽاڪرو، ڪچو ۽ وارياسو- ۾ ورهايل آهي. پر خود سنڌ وارا ان کي آبهوا جي لحاظ کان ٽن ويڪرائي ڦاڪ وارن ڀاڱن ۾ ورهايل سمجهندا آهن-سرو، وچولو ۽ لاڙ، يعني مٿين، وچولي ۽ هيٺين سنڌ غير سنڌي ان آبهوا واري تفاوت کي سولائي لاءِ ٻن ڀاڱن- مٿين ۽ هيٺين سنڌ- ۾ ورڇيندا آهن. ۽ ملڪ جي سياسي ورڇ به گهڻو ڪري اهائي رهي آهي. مٿينءَ ۽ هيٺينءَ سنڌ ۾ آبهوا ۾ جيڪو فرق آهي، سو ٻنهي ڀاڱن جي نباتات ۾ فرق جي شڪل م نيروار نٿو ٿئي. هن ڌرتيءَ جي نباتات به اها ساڳي آهي، جا ڪنهن برسات کان محروم، وارياسي ۽ گهڻي ڀاڱي ڪلراٺيءَ زمين جي ٿي سگهي ٿي. هت خاص ڪري اهڙا ٻوٽا ۽ وڻ جام ٿيندا آهن، جن ۾ پَن يا ته ٿورا ٿيندا آهن يا ته مرڳو ٿيندا ئي ڪونهن. ان وڻڪار ۾ به وڏو حصو ڪَنڊ جو ٿئي ٿو. هڪڙي پاسي ڪڇي ۽ آبپاشي علائقي جي نباتات ۽ ٻئي پاسي ٽاڪرو ۽ وارياسي علائقي جي نباتات، انهن ٻنهي جي وچ ۾ وڏو فرق گهڻائيءَ ۽ ورڇ جو آهي. ڪچي ۽ آبپاشي علائقي ۾ جيڪا وڻڪار گهڻي نظر اچي ٿي يعني ٻير، ٻٻر، ڪنڊي، لئي ۽ ٻيا ڪئين معمولي ٻوٽا، سا سموري وارياسي ۽ ٽاڪرو علائقي ۾ به ٿئي ٿي. پاڻيار ٻٻر جي ڀيٽ ۾ ٽاڪرو ٻٻر بندرو ٿئي ٿو. جنهن ٻوٽي لاءِ جا زمين سڻائي هوندي، سا هن ملڪ ۾ جتي به هوندي، اُتي اهو ٻوٽو ٿورو ڪي گهڻو ضرور ٿيندو. ساڳيءَ طرح وارياسي جا بي پن ٻوٽا، جهڙوڪ کپ ۽ ڦوڳ، ريجاري ۽ شاهوڪار زمين جي ميلن ۾ ڪٿي ڪٿي ڦاٿل واريءَ جي ٽڪرن تي به ملي ويندا. سنڌ جي نباتات سنڌ جنهن نباتاتي علائقي جو ڀاڱو آهي، تنهن ۾ ذري گهٽ سڄو پنجاب، الهندو راجپوتانا، ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ اچي وڃن ٿا، ۽ جيتوڻيڪ هندستان جي ٻين علائقن ۾ ٿيندڙ ٻوٽا هت به ٿيندا آهن، پر گهڻي نسبت اولهه وارن ملڪن- مڪران، ايراني نار جي گرم ڀاڱن، عراق ۽، جيئن اڳيئي چيو اٿئون، مصر سان اٿس، جتان جي آبهوا ساڳي آهي. سنڌ جي حيواني جيوت سنڌ جي حيواني دنيا خاص ڪري پکين بابت به ساڳي ڳالهه چئي سگهجي ٿي. اهي نسل ۽ قسم جيڪي هت ٿيندا آهن، سي الهندي پاسي وارن ملڪن ۾ به ٿين ٿا. حقيقت اها آهي ته ٿر جو وارياسو سنڌ کي اصل هندستان کان نهايت اثرائتي نموني ۾ الڳ ڪري ٿو، پر الهندي جا ٽڪر اولهه وارن ملڪن سان ان جي انهن مڙني اهم قدرتي ناتن جي آڏو ڪا رونڊڪ نٿا بنجن.