سنڌ سلامت وسرڻ جهڙي ئي ناهي، پر مسئلي انهي منجهايو آهي ته هُتان جيڪو ليپٽاپ کڻي آيس سو ته ٻارن ڦُري ورتو آهي۔ هتي منهنجي سپروائزر هڪ ٻي ليپٽاپ ڏنو آهي۔ جيڪو منهنجي ئي حوالي هوندوآهي پر هنن قومپرستن وٽ هر شئي آهي ترڪش ٻولي ۾۔ ڪم ته هلي پيو پر رائيٽ ڪلڪ ڪر ته به سڀ آپشن ترڪي ۾ ٿا اچن۔ ڪو ايرر آهي ته به ترڪش ۾۔ هتي هڪ همراهه زور لڳايا پر رجسٽرڊ ونڊوز جي قرباني ڏيڻ بنا هن کي انگريزي ۾ آڻڻ مُشڪل پيو لڳي۔ مون کي لڳي ٿو رشيد هي ڪم ڪري وٺندو۔ ڪمپيوٽر جا اسپيڪ ۽ ونڊوز وغيره هن ريت آهن۔
