سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ۽ ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي پاران منعقد ڪيل سنڌ ايڪسيلنس ايوارڊ 2013 جي ڪراچي ۾ ٿيل رنگا رنگ تقريب جو اکين ڏٺو احوالرپورٽ : محمد سليمان وساڻقوم جي سڃاڻپ سندس ثقافت، ٻولي، تهذيب، تمدن ۽ رهڻي ڪهڻيء مان ٿيندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن قوم جي پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي مضبوط ناهي ته اها قوم پنهنجي سڃاڻپ وڃائيندي رهندي آهي. سنڌي قوم دنيا جي خوشقسمت قومن مان هڪ آهي جنهن کي پنهنجي ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت آهي. سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ٻولي ۽ ثقافت جي سفير فنڪارن جي سهائتا ۽ مڃتا لاء گهڻي وقت کان ڪوشان آهي. گذريل سال وانگر هن سال به سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ سنڌ جي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جي گڏيل سهڪار سان سنڌي فن سان لاڳاپيل سنڌ ڌرتيء جي شخصيتن سان گڏ قومي ميڊيا ۽ فن سان واڳيل شخصيتن کي مڃتا ۽ ڀيٽا طور سنڌ ايڪسيلنس ايوارڊ 2013 ڏيڻ واري تقريب ڪراچي ۾ نيشنل ميوزم جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي. هن تقريب ۾ سنڌي ۽ اردو ميڊيا ۽ فن سان تعلق رکندڙ ڪيترين ئي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي جن کي ايڪسيلنس ايوارڊ ۽ ميڊل ڏنا ويا. تقريب جي خاص مهمانن ۾ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر سيد ناصر شاهه ، جڏهن ته ٻين خاص مهمانن ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جو چيئرمين حميد ڀٽو، نظر محمد ڳاهو، ثقافت کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري شمس جعفراڻي، اڳوڻو وزير ڊاڪٽر شفقت عباسي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ثقافت کاتو سنڌ اعجاز شيخ، ايس ايس پي عاشق بوزدار، تاج جويو، مختيار ساريو، شهاب منگي، ايس ايس پي روگن ۽ ٻيا شامل هئا. هي تقريب ان ڪري به منفرد هئي جو سنڌ جي سمورن چينلز سان واسطو رکندڙ اداڪار، راڳي، ميزبان ۽ ڊائريڪٽرز هڪ ئي هال ۾ موجود هيا. هن تقريب ۾ محفل موسيقي جو به بندوبست هيو جنهن ۾ لنڊن کان آيل ساره جان پيٽر، مظهر حسين، واحد لاشاري، سجاد يوسف، بادل راهي ۽ نروده پنهنجي ڪلاسيڪل ۽ لائيٽ ميوزڪ ذريعي ماڻهن کي جهومايو. ان موقعي تي ٽرسٽ جي سيڪريتري جنرل رشيد چارڻ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا جڏهن ته چيئرمين حميد ڀٽي چيو ته سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ هميشه ثقافت ۽ فن کي هٿي وٺرائي آهي ۽ ڪوشش ڪئي آهي ته فنڪارن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي. هن چيو ته هن تقريب ۾ اسان ڪوشش ڪئي آهي ته قومي ميڊيا کي پنهنجي ڌارا ۾ آڻيون جيئن سنڌي ثقافت ۽ فنڪارن کي اڳتي اچڻ جا موقعا ملي سگهن. هن سنڌ فنڪار ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي قيام جي ڪوششن بابت به آگاهه ڪيو. ان موقعي تي قومي ميڊيا ۽ فن سان واڳيل شخصيتن کي به اسپيشل ايوارڊ ڏنا ويا. فلم اسٽار سعود چيو ته هي ايوارڊ وٺي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسان جون گهڻيون فني سرگرميون ڪراچي ۾ ٿي رهيون آهن ۽ ڪراچي سنڌ جو حصو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ٻيهر ٿيٽر ۽ فلم انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي جنهن سان سڀني لاء روزگار جا موقعا نڪرندا. نامياري اداڪاره سڪينه سمون پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ فنڪار جي هن سرگرمي تي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ فنڪار قومي ميڊيا ۽ سنڌي فنڪارن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي نئون ٽرينڊ متعارف ڪيو آهي. ان موقعي تي گلوڪار ظفر رامي ۽ اداڪار ماني پڻ پنهنجا ويچار ونڊيا. ان موقعي تي قومي ميڊيا ۽ فنڪارن کي پڻ اسپيشل ايوارڊ ڏنا ويا جن ۾ فلم اسٽا سعود، گلوڪاره ساره جان پيٽر، آج ٽي وي جي مارننگ شو هوسٽ نصرت حارث، لاريب ٿيٻا، عمران زيدي، ميزبان سلمان ثاقب (ماني)، ماڊل ۽ هوسٽ نيلم منير، ليکڪ ۽ اداڪار محسن گيلاني، ڪاميڊين ۽ اداڪار شهزاد رضا، اداڪار اڪبر سبحاني با يونس، گلوڪار احمد جهانزيب، ڪرمنل موسٽ وانٽيڊ جو ميزبان علي رضا، اداڪار اسلم شيخ، ڊائريڪٽر علي اڪبر پٺاڻ، پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر طاهر جتوئي، موسيقار استاد اظهر حسين، هوسٽ ياسمين مرزا، گلوڪار ظفر رامي ۽ شاداب اسٽوڊيو جي اشفاق احمد کي اسپيشل ايوارڊ ڏنا ويا. ان موقعي تي سنڌي ميڊيا مان شهباز دراني، ممتاز ڪنول، گلاب چانڊيو، گلوڪاره ثمينه ڪنول، سائل آزاد کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ، فلم اسٽار وسيم راجا، اداڪار شهباز بلوچ، اسرار لغاري، منير پٺاڻ، مزاحيه اداڪار لطيف منا، نيوز ڊائريڪٽر اشفاق آذر، رزاق سروهي، رئوف چانديو، فياص نائچ، ۽ سنڌي ويب سائيٽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ کي پڻ اسپيشل ايوارڊ ڏنا ويا. ميڊيا، فن، ڊراما، راڳ، نيوز ۽ صحافت جي 33 مختلف ڪيٽيگريز ۾ ٽن نامزدگين مان چونڊ ڪري ايڪسيلنس ايوارڊ ڏنا ويا. جن مان راڳي سيمي ڪلاسيڪل ميوزڪ جو ايوارڊ مظهر حسين، لائٽ ميوزڪ فيميل جو ايوارڊ شهنيلا علي، بهترين راڳي جو ايوارڊ منظور سخيراڻي، راڳي لائيٽ ميوزڪ سجاد يوسف، لائيٽ ڪلاسيڪل ميوزڪ جو ايوارڊ واحد لاشاري، موسيقار جو ايوارڊ عرفان سمون کي ڏنو ويو. فلمي اداڪار جو ايوارڊ اسد قريشي، ڊراما اداڪار ميجر رول ٽي وي اسماعيل چانڊيو، ڪريڪٽر ايڪٽر جو ايوارڊ حسين قادري ۽ قمر ميمڻ، اداڪاره جو ايوارڊ نسرين ناز، شهناز ڀٽي ۽ نسرين ناز، ينگ ڊراما اداڪار جو ايوارڊ مصطفى عباسي، ينگ ڊراما اداڪاره عُروسه قريشي، ڊراما اداڪاره ميجر رول ريحانه کوکر، سپورٽنگ اداڪاره ريحانه تبسم کي ڏنو ويو. بهترين نيوز ڪاسٽر فيميل ناجيه مير، نيوز ڪاسٽر سڪندر بلوچ، ڪاميڊين جو ايوارڊ علي گل ملاح، سينيئر ڪاميڊين جو ايوارڊ رشيد چارڻ، ٽي وي اينڪر فيميل جويريه عبيد، ٽي وي اينڪر فيميل ڪرنٽ افيئر عرفانه ملاح ۽ زاهده تاج ابڙو، ٽي وي اينڪر مارننگ شو سجاد سهاڳ، وي جي ٽي وي پروگرام ياسر شورو، ٽي وي وي جي فيميل ڪرن لغاري، ڪلچرل رپورٽنگ مصطفى ملاح، آر جي ريڊيو ياسر قاضي، ڊراما ڊائريڪٽر آرٽ پلي فاروق رند، ڊراما ڊائريڪٽر جنرل اسلم ڀٽو، ٽي وي ڊراما ليکڪ محمود مغل، ڊائريڪٽر مارننگ شو جو ايوارڊ رزاق مسڻ کي ڏنو ويو. تقريب ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي ويبسائيٽ جي مهورت پڻ ٿي. سنڌ فنڪار جي تخليقي ڪميٽي جي چيئرمين محمد سليمان وساڻ ويبسائيٽ بابت پريزنٽيشن پيش ڪئي ۽ ويب سائيٽ جا تفصيل ونڊيا. ان موقعي تي سنڌ فنڪار ويفيئر ٽرسٽ لاء ڪم ڪندڙ مختلف عهديدارن کي ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا. پروگرام جي ڪمپيئرنگ رشيد چارڻ، حميد ڀٽو، سهراب سومرو، علي گل ملاح، سيد فدا حسين شاهه، ثاقب ابڙو، سيم خان ۽ فصيحا خان ڪري رهيا هيا. آخر ۾ مهمان خاص سيد ناصر شاهه چيو ته ثقافت لاء سنڌ فنڪار جون خدمتون قابل تعريف آهن. هن واعدو ڪيو ته هو فنڪارن جي سهوليتن ۽ سهائتا لاء هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهندو. جڏهن ته مهمانن کي سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي مختلف عهديدارن پاران پيش ڪيا وي. اهڙي طرح رات دير تائين هلندڙ هيءَ تقريب سنهري يادون ڇڏي نين اميدن سان گڏ اختمام پذير ٿي. تصويرن لاء هيٺين لنڪ جو ڀيرو ڀريو. لنڪ نمبر 1 لنڪ نمبر 2 لنڪ نمبر 3 لنڪ نمبر 4
پهرين نومبر 2013 تي سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ۽ حڪومتِ سنڌ جي ثقافت کاتي پاران نيشنل ميوزم جي آڊيٽوريم ۾ ٻئي سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ جي تقريب منعقد ٿي۔ ان تقريب ۾ فن ۽ فنڪارن سان گڏ فن ۽ ثقافت لاء خدمت ڪندڙن کي به اسپيشل ايڪسيلنس اوارڊ ڏنا ويا۔ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام کي سنڌي ٻولي جي ترقي، ثقافت جي خدمت ۽ فن جي خدمتن عيوض مڃتا طور سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ 2013 ڏنو ويو۔اهو اوارڊ سنڌ سلامت جي مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ وصول ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي سرپرست اعلى سائين نثارناز پڻ موجود هيو، ان سان گڏ سنڌ سلامت جا ڪيترائي ميمبر جن ۾ ذوالفقار بهڻ۔ آصف جهتيال، امين سمون، غلام مرتضى وساڻ، ارباب جانوري پڻ موجود هيا۔سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي هن اوارڊ ملڻ تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔اصل ۾ هي اوارڊ سنڌ سلامت جي سموري ميمبرن جو آهي جيڪي ٻولي جي خدمت ۾ پيش پيش آهن۔ مان ٿورائتو آهيان فورم جي سرواڻ ذيشان رشيد جو جنهن هر پل فورم کي سنوارڻ لاء پنهنجو پاڻ ارپيو آهي۔ نه صرف اهو پر سنڌ فنڪار جي ويب سائيٽ ٺاهي سنڌ سلامت پاران کيسن تحفو پيش ڪيو آهي۔اسان جي منزل ڪو اوارڊ ناهي پر اسان جو عزم آهي ٻولي جي خدمت ۔۔۔ اميد ته سڀ دوست ان ڪم ۾ پنهنجون ذميواريون ادا ڪندا رهندا۔
ادا سليمان وساڻ صاحب توهان جون مهربانيون آهن جو توهان اهڙيون علمي ادبي ۽ فنون لطيفه سان لاڳاپل پروگرامن جي پيرائتو احوال ڏيندا رهو ٿا، ادا مان ته توهان جي همت محنت ڪوشش ۽ جدو جهد کي سلام پيش ڪيان ٿو، جو توهان پنهنجي ذاتي زندگي کي به ٽائيم ڏيو ٿا، ۽ ان سان گڏ پنهنجي نوڪري کي به ٽائيم ڏيو ٿا ۽ وري انهن سرگرمين کي به ڀرپور نموني سان انجوائي ڪيو ٿا، تنهن کان پوء سنڌ سلامت تي به توهان جي روز جي اپڊيٽ ملي ٿي، ڀاء اسان جي ته اوهان کي هميشه اهيا دعا آهي ته توهان ائين سنڌي ادب ۽ ٻولي جي خدمت ڪندا رهو، ادا حقيقت ته اهيا آهي ته مون کي پاڻ انهن سرگرمين جو تمام گهڻو شوق هوندو آهي مگر پرائيويٽ نوڪري جي ٽائيمنگ اهڙي آهي جو پوري جا پورا جڪڙيا پيا آهيون ۽ ڪيڏانهن چري به نه ٿا سگهون۔ ۽ انهن مجبورين جي ڪري مان انهن علمي ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺي نه ٿو سگهان۔ ۽ وقت جي قلت جي ڪري مان سنڌ سلامت جي فورم کي به وقت نه ٿو ڏئي سگهان، بس اڄڪلهه ته مان موڪلن تي آهيان ان ڪري ڪجهه گهڙيون لکڻ پڙهڻ ۾ گذرن ٿيون، جنهن کي مان پنهنجي لاء هڪ وڏي غنيمت سمجهان ٿو،برحال اوهان سنڌ سلامت سان تمام سٺو نڀايو ٿا، ۽ سنڌ سلامت لاء ڪم ڪيو ٿا، خاص ڪري سنڌ سلامت جي ، سنڌ سلامت ڪاتب گهرواري سيڪشن سان۔
لک قرب دوستو ۔۔۔ پيارا ممتاز اهو اسان جو فرض آهي ته سنڌي هجڻ جي ناتي پنهنجي سنڌ ۽ سنڌين کي ڀيٽا ڏيون ۽ ٻولي جي خدمت ڪيون۔ اصل ۾ مان اڪيلو ڪجهه ناهيان، مان صرف سنڌ سلامت ڪري سڃاتو وڃان ٿو ۽ سنڌ سلامت اسان سڀني جو گڏيل نالو آهي۔
واڌايون سڀني دوستن کي، سنڌ سلامت جو ڳاٽ مٿاهون ڏسي خوشي پئي ٿئي، شال وڌيڪ ڪاميابيون ماڻي، جڳ جڳ جيئي۔۔