دل نه آهيو ادا سعيد۔۔۔ سنڌ سلامت به توهان جو ئي فورم آهي۔۔۔
اصل ڳالهه فورم، ويب سائيٽ يا بلاگ ٺاهڻ ناهي۔۔۔ اصل ڳالهه آهي ان کي هلائڻ۔۔ ساٿين جي لاءِ فورم يا سائيٽ کي سهل ٺاهيندي پرڪشش بنائڻ ۽ سڀ کان اهم ته فورم تي ڪاپي پيسٽ ڪرڻ بجاءِ نئون مواد لکي اپڊيٽ رکڻ۔۔۔
ڪجهه ڏينهن ۾ فورم کي اپگريڊ ڪبو۔۔۔ ان کان پوءِ واندڪائي ملندي ئي ساٿين کي فورم ٺاهڻ سيکاربو۔۔۔
سنڌ سلامت جا پروجيڪٽ ماشاءَ الله سان ايترا آهن جو واقعي ٽائيم ٿورو هجي ٿو، اوهان کي هي ساري محنت جيڪا اڱڻ تي نظر پئي اچي ان لاءِ خاموش دوست بيڪ گرائونڊ ۾ مسلسل جاکوڙ پيا ڪندا آهن، ان شاءَ الله دوستن جي سهڪار سان ويب سائيٽ ٺاهڻ به سکي ويندا سون۔۔۔
ادا توهان جي بلاگ تمام بهترين آهي پنهنجي ڪوشش کي جاري رکندا اچو انشآء الله نيٺ منزل مقصود تي پهچي ويندا ٻيو عرض ته اگر ڪو مواد جيڪڏهن ڪٿان کڻي پنهنجي بلاگ تي لڳايو ته بهتر آهي ته ان سائيٽ يا ليکڪ جو حوالو به ڏيو ته وڌيڪ سٺو لڳندو باقي توهان جي محنت کي سلام آهي بلاگ ته توهان خوبصورت ٺاهي چڪا آهيو سنڌ سلامت تي بلاگ متعلق ڪافي معلومات آهي ان کي به نظر مان ڪڍندا ته توهان کي وڌيڪ آساني ٿيندي۔