مھنجي سنڌ امڙ جي ليڊرن (خاص ڪري قومپرست ) کي درد ڀري فرياد آھي ته خدارا پھنجا جھيڙا ڇڏي ڏيو، سنڌ امڙ ۾ تعليم ڏانھن توجه ڏيو۔ امن و امان جو مسئلو ڏاڍو خراب آھي، جيڪڏھن صرف امن ٿي وڃي ته روزگار به اچي ويندو۔ اسان جا نوجوان بلڪل پوئتي پيل آھن ڪاپي ڪلؓچر عام ٿي چڪو آھي۔ ان ۡۡکي روڪڻ اسان جي ذميداري آھي۔shal judy hujeen
جواب: فرياد تمام سٺي فرياد آهي، shabash اسين سڀ سنڌي چاهيون ته ٻڌي ۽ ايڪي سان پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ تي خوشحاليءَ جو سج اڀاري سگهونٿا ۔۔۔ جيڪڏهن اسين پنهنجا ننڍا ننڍا اختلاف وساري صرف ۽ صرف سنڌ ۽ سنڌين جو ڀلو چاهيون ٿا ته ادي سلمان جي فرياد تي ڪن ڌرڻو پوندو ۽ عمل ڪري پاڻ ملهائڻو پوندو ۔۔۔ مهرباني دوست، اميد ته ايئن ئي هر جڳهه تي هر فورم تي هر هنڌ سنڌ واسين کي چهنڊڙيون پائيندا رهندا، ممڪن ته ڪٿي ڪا جوت جلي پوي ۔۔۔ رب العالمين سنڌين ۾ ٻڌي ۽ ايڪي جي قوت پئدا ڪري ۔۔۔ آمين sindhsalamatsaathsal