سنڌ سلامت جي دوستن کي عرض ته هڪ ويب سائيٽ آهي صراط مستقيم ان ۾ اسلامي ڪتابن جي لائبريري جو ڪيٽالاگ ٺاهيل آهي هڪ ته ان ۾ سائيڊ سان ايڪپينڊ ڪيلپس لسٽون ٺاهيل آهن جيڪي پلس مائنس جي نشاني سان کلن ۽ بند ٿين ٿيون ٻيو ته جڏهن پيج کلي ٿو ته ڪتابن جي ٿمنيل مٿان وري ٻيون لنڪس مختلف پيجن تي موو ڪرڻ لاء ڏنل آهن انهن لنڪن ۾ اهڙي قسم جي ڪوڊنگ ٿيل آهي جو توهان جنهن لنڪ کي کولي ڏسي رهيا آهيو فقط اها ئي اڪٽو نظر ايندي ٻيون لنڪس سڀ هڪ رنگ ۾ هونديون فقط هڪ لنڪ الگ رنگ ۾ نظر ايندي مون کي انهن ٻن شين جي ضرورت آهي هڪ ته کاٻي پاسي کان ايڪسپينڊ لسٽون پلس مائنس نشاني سان ٻيو ته جيڪا لنڪ کولي ڏسي رهيا آهيون فقط اها ئي اڪٽو نظر اچي اهڙي ڪوڊنگ يا ان ويب سائيٽ تان سورس ڪاپي ڪري هڪ پيج ٺاهڻ يا اهڙو ڪو سافٽوئير جنهن ذريعي اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهجي ان لاء ويب سائيٽس ، بلاگس ، فورمس جا ماهر دوست خاص ڪري محترم ذيشان رشيد ، محترم سجاد علي چنا ۽ محترم عبدالرحيم جن کي عرض آهي ته مدد ڪندا ته سندن مهرباني ٿيندي۔ http://img401.imageshack.us/img401/8182/9ebq.jpg
سائين ان سلسلي ۾ ادا بشيراحمد به اوهان جي سٺي هيلپ ڪري سگهن ٿا، ڇو ته شايد پاڻ ان ويب سائيٽ جي انتظاميه ۾ به شامل آهن۔
سائين جن کي به عرض آهي ته اگر ان متعلق ڪا معلومات رکن ٿا ته مدد ڪن منهنجي خيال ۾ سائين صراط الهدا فورم ۾ منتظم آهن هي ڪا ٻي سائيٽ آهي بهرحال ان جي باوجود جنهن دوست کي ڪا معلومات هجي ته مدد ڪري۔ سندس احسان ٿيندو۔
اسلام عليڪم ادا رحيم بخش ادا توهان جي ڏنل ويب سائيٽ ۾ جيڪو سائيڊ ۾ مينيو آهي اها جاوا ۾ ٽهيل آهي ۽ ڪتابن جي ڪيٽگري تي ڪلڪ ڪرڻ سان ان جو رنگ تبديل ٿي وڄي ٿو اهو سي ايس ايس جو ڪم آهي۔ ٻئي ڪم سولا آهين توهان کي اهي ڪهڙي طريقي سان کپي ان جي تفصيل مونکي ٻڌايو آهون توهان کي ٺاهي ڏيندس
سائين منهنجا توهان پنهنجي اي اميل موڪلڻ جي عنايت ڪيو ته مان توهان کي ٿورو تفصيل موڪلي ڏيان اميد ته توهان کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي۔جو مون ڪجهه ڪم ڪيو آهي اهو به توهان ڏسي وٺندا باقي وڌيڪ توهان مدد ڪندا ته انشآء الله ڪم ٿي ويندو۔