زندگي ڀلي عذاب ۾ گذري هجي، گناهن يا غلطين سان ڀرپور ! پر مان زندگي کان ٻيو موقعو نٿو چاهيان. مون کي جيڪر اها چوائس ڏني وڃي ته مان پنهنجي بچپن يا ماضي ۾ موٽي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏو ٿيان ۽ پنهنجون غلطيون سڌاريان ته مان هرگز راضي ڪونه ٿيندس. ڇو جو ايئن ڪرڻ منهجي وس ۾ ناهي. مان وري به غلطيون ڪندس، وري گناه ڪندس. اهي سڳيا نه ته ڪي ٻيا. وري درد جي داستان بڻبس، وري ڪرندس وري اٿندس، وري سکندس. ڪنهن شاعر چواڻي، ”مين آدم هون مجهي بهڪ جاني ڪي عادت هي!“. مون جيڪو ڪجھ ڪيو حالتن ۽ صلاحيتن پٽاندڙ ڪيو مون کي زندگي کان ڪابه شڪايت ڪونهي. هونئن به پرفيڪٽ يا آئيڊيل زندگي گذارڻ نه رڳو ناممڪن آهي بلڪه بي لذت پڻ آهي ۽ ڪو بيوقوف ئي اهڙي بي سواد زندگي گذارڻ چاهيندو. بغير تجربن مان گذرڻ جي سکڻ جو ڪهڙو سواد ، بنا ڪنهن درد جي پيڙا جي مسرت ۾ ڪهڙو مزو ، بنا جستجو جي حاصلات جو ڪهڙو حسن، بنا فراق جي وصال جي ڪهڙي فرحت. زندگي جيترا ڀيرا به مونکي مجبور ڪيو ٻيهر جيئڻ تي، مان هر ڀيري ايئن ئي جيئندس جيئن جيئندو رهيو آهيان. مان ٻين بجاءِ پنهنجي تجربن مان سکڻ جو عادي آهيان. ننڍڙو ٻار هلڻ لڳي پوي ته ڪيئن هر هر هٿن مان ڇڏائي ڀڄي ويندو آهي. هر هر ڌڪ کائڻ جي باوجود به ڪنهن جو سهارو وٺڻ يا مايوس ٿي ويهي رهڻ کان انڪاري هوندو آهي. زندگي پنهنجن پيرن تي بيهي پهريون قدم کڻڻ جي ان تجسس جو نالو آهي. زندگي ڪنهن ٻار جي معصوميت سبب باه ۾ هٿ وجھڻ جو نالو آهي. زندگي رسڪ آهي، تجسس آهي، تجربو آهي، عمل آهي، احساس آهي، حسن آهي، مزو آهي، جذبو آهي، جنون آهي.زندگي نه ماضي آهي نه مستقبل ! زندگي حال آهي، زندگي اڄ آهي، هاڻي هلندڙ لمحو، هينئر گذرندڙ پل آهي. نه گذري ويل لمحو اسان جو رهيو ۽ نه ايندڙ وقت اسان جو يقيني آهي. هي گھڙي، هي سائت ئي زندگي آهي جيڪا پاڻ جيئون پيا. ان کي جيئڻ گھرجي، ڀرپور جيئڻ گھرجي. بي ڌڙڪ ۽ بي باڪ “زندگي درد جو ٻيو نالو آهي يا آزمائش آهي. پل صراط پار ڪرڻ ڏکيو مرحلو آهي يا زنده رهڻ وڌيڪ تڪليفده !. هر ماڻهو وٽ پرکڻ جا پنهنجا پنهنجا انداز ۽ زاويه هوندا آهن جنهن جي روشني ۾ ماڻهن زندگي لاءِ مختلف نالا ۽ وصفون گھڙيون آهن. پر جتي اها هڪ حقيقت آهي ته تقريبن هر شخص زندگي کي ڪٺن ۽ ڀيانڪ ثابت ڪرڻ لاءِ مختلف پر هم معنا تشبيهون ڏنيون آهن اتي زندگي سان لاشعوري طور تي پيار ۽ موت کان نفرت جو فطري جذبو پڻ هر ماڻهو ۾ موجود رهيو آهي. انسان ڪونه ڪو فاعدو حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جي وڏي ۾ وڏي تڪليف سهڻ لاءِ ته تيار ٿي سگھي ٿو پر موت کيس ڪنهن به مراعت جي بدلي ۾ قبول ڪونهي. الائجي ڇو پر زنده رهڻ جي چاهت هر اذيت تي غالب اچي ويندي آهي