سنڌ جي تعليمي صورتحال

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏7 نومبر 2013۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ليکڪ: پروفيسر منظور ڇڄڙو
    سنڌ جي تعليمي صورتحال
    ڪٽ ڪڙهي لوه ٻري دوڌا جت دڳن
    مترڪن منهن ڪڍيو سانداڻيون سهڪن
    اڄ پڻ آڳڙين ميڙو آهي مچ تي.
    سنڌ ۾ هن وقت اونداهو دور هلي رهيو آهي هر طرف اڻ سهپ، ڇڙواڳيءَ، بي راه رويءَ، لاپرواهيءَ ۽ ماراماريءَ جو راڄ آهي، سياست دان موقعي پرست پنجي ويا آهن، استاد پڙهائيءَ کان آري ٿيندا وڃن، شاگردن جي وڏي اڪثريت ڪاليجن ۽ اسڪولن مان غير حاضر رهي ٿي، اڪثر ڪاليجن ۾ شاگرد ليڊر پڙهڻ بجاءِ داد اگيري ۽ ڀتا خوري ڪري رهيا آهن. حڪمران بي ضمير بنجي ملڪ ۽ قوم جي تباهيءَ پويان ڪاهي پيا آهن. ادارن جو تقدس پائمال ڪري اهليءَ تي نااهليءَ کي قابض ڪيو ويو آهي، هر ادارو ڪرپٽ بنجي چڪو آهي ۽ يڪي تي ڏهليءَ کي قابض ڪيو ويو آهي. اهڙي برباديءَ واري ڪاري دور ۾ سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچررس ايسوسيئيشن سنڌ جي تعليم بابت سيمينار ڪرائي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي سهارو ڏنو آهي. ان لاءِ سپلا سچ پچ هزارين ۽ لکين مبارڪن جي لائق آهي. آءٌ سپلا جي سڄي ٽيم ۽ ليڊرشپ کي مرشد لطيف جي لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪريان ٿو.
    جت نه پکيءَ پير، تت ٽمڪي باهڙي
    ٻيو ٻاريندو ڪير کاهوڙڪي کير ري
    يا
    هي جي پهڻ پٽ جن ۾ چرپر ناه ڪا
    جي تون چورين چنگ کي ته جاڳي اٿن جھٽ
    گونج م ڀائج گھٽ ڀڙڪي ته ڀنڀت ٿئي.
    محترم ساٿيو! اڄ جڏهن تعليم بابت سوچجي ٿو ۽ ان جي ڪَٿ ڪجي ٿي ته اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته ماضيءَ ۾ استاد رهبر هيو، اڄ استاد مان ڦري ماستر ٿي ويو آهي ۽ رهبر مان رهزن بنجي ويو آهي. مون کي ياد ٿو اچي ته جڏهن آءٌ پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هيس ته اسانجي ڳوٺ ڇڄڙا جي پرائمري استاد محترم عبدالله قاضيءَ ٻڌايو هيو ته ”مون کي هڪ وقت ٻه آفر ليٽر مليا هئا. هڪ پرائمري استاد جو ۽ ٻيو اسسٽنٽ مختيارڪار جو پر مون استاد ٿيڻ پسند ڪيو.
    اهڙيءَ طرح پروفيسر لعل محمد سولنگي صاحب، پروفيسر لياقت عزيز سولنگي صاحب ۽ پروفيسر رياض احسن صاحب جن جا مثال پڻ اسان جي سا منهن آهن، جن ڪامورڪي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسڻ بجاءِ استاد بنجڻ پسند ڪيو هيو.
    اڄ جي صورتحال ڇا آهي؟ اڄ جڏهن تعليم حاصل هئڻ بدران سکڻي ڊگري هجڻ سبب ڪا به نوڪري نٿي ملي تڏهن ماڻهو مجبوراً وڃي ماستر ٿئي ٿو، سو به لکين رپيا ڀرڻ کان پوءِ. اڄ سپاهي ۽ ڪلارڪ ٿيڻ کي اوليت ڏني وڃي ٿي ۽ آخري مجبوريءَ ۾ ماڻهو استاد ٿين ٿا
    محترم ساٿيو! تعليم چئن ٿنڀن تي بيٺل آهي. پهريون استاد، ٻيو شاگرد، ٽيون والدين ۽ چوٿون رياست. جڏهن کان تعليم ۾ سياست ۽ سياستدان ملوث ٿيو آهي تڏهن کان استاد پڙهائڻ ڇڏيو آ. شاگرد غلط سياست، غنڊه گردي ۽ ڀتا خوريءَ تي لهي آيو آ. ڇاڪاڻ جو سياستدان استاد ۽ شاگرد کي پنهنجي مفاد لاءِ استعمال ڪري ٿو ۽ کين بچاءُ به ڪري ٿو. جيئن ته سياستدان جو گھڻي ڀاڱي تعلق جاگيرداري سماج سان آهي، انڪري هو شعوري طور تي تعليم کي تباه ڪرڻ لاءِ استاد ۽ شاگرد کي استعمال ڪري ٿو. خاص طور تي پرائمري ۽ سيڪنڊري ليول تي استادن ۽ ڪاليج ۽ يونيورسٽي ليول تي شاگردن کي استعمال ڪري ٿو. والدين وري ذاتي ڌنڌي، ڪاروبار، نوڪري ۽ ٻين وسيلن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻارن کي تعليمي ادارن ۾ داخل ڪرائي پنهنجي فرض کان پاڻ کي آجا سمجھي ٻارن ۽ تعليمي ادارن کان لا تعلق بنجي ٻارن ۽ تعليمي ادارن جي تباهيءَ جو سبب بنجن ٿا.
    چوٿون ۽ اهم ٿنڀو رياست آهي. هن وقت تائين اسان جي رياست تعليم بابت ڪو به مشت رول ادا نه ڪيو آهي. انڪري تعليم جي تباهيءَ ۾ مرڪزي رول رياستي ادارن جو آهي. جيڪڏهن رياست تعليم بابت سنجيده هجي ها ته اڄ اسان جي تعليم جو ههڙو حال نه هجي ها. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين رياستي ادارن تعليم کي سنجيده ايجنڊا تي ئي نه رکيو آهي.
    اچو ته رياست طرفان هن وقت تائين ڪيل تعليمي پلاننگ جو مختصر جائزو وٺون.
    سڀ کان اول 1947ع ۾ هڪ قومي تعليمي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ قائداعظم محمد علي جناح صاحب پنهنجو پيغام موڪليو، هن چيو ته ”تعليم سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، انڪري تعليمي طريقهء ڪار تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏنو وڃي. ٻار اسان جي مستقبل جا معمار ٿيندا. اسان جو مقابلو سڄي دنيا سان ٿيندو تنهنڪري ان مقابلي لاءِ اسان کي تيزيءَ سان تعليم بابت ڪم ڪرڻو پوندو“.
    ان قومي ڪانفرنس ۾ ڪيتريون ئي ڪميٽيون ٺهيون. ٻارن کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو پر ان تي عمل ٿي نه سگهيو پلاننگ صرف ڪاغذن ۾ محفوظ رهي.
    ان کانپوءِ 57-1951 تائين جو 6 ساله پلان جوڙيو ويو. هن پلان ۾ 86 هزار استادن کي ٽريننگ ڏيڻ ٽريننگ ڏيڻ جا ادارا کولڻ، نوان اسڪول ۽ ڪاليج کولڻ جي پلاننگ ڪئي وئي.
    جيڪي ٻار اسڪولن ۾ داخل ناهن، انهن کي داخل ڪيو ويندو. بالغان کي خاص تعليم ڏني ويندي. زرعي ۽ انڊسٽريل تعليم ڳوٺ ليول تائين ڏني ويندي. تعليمي ريٽ وڌايو ويندو. 1955 ۾ جائزه ڪميٽي ٺاهي جائزو ورتو ويو ته مٿين ڳالهين مان ڪنهن تي به عمل نه ٿيو. نه صرف ايترو پر لٽريسي ريٽ جيڪو 1950 ۾ 16.4 هيو گھٽجي 16.3 ٿي ويو.
    60-1955 تائين پهريون 5 ساله پلان ٺاهيو ويو جنهن تي 2 ½ سالن تائين ڪو به عمل نه ٿيو بعد ۾ نالي ماتر عمل ڪيو ويو. ان جي ناڪاميءَ کان پوءِ 1959 ۾ قومي تعليم بابت هڪ ڪميشن ٺاهي ويئي. ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته ”عوام جو ادارن ڏانهن صحيح رويو نه آهي. 50% کان به گھٽ ٻار پرائمريءَ ۾ داخل ٿين ٿا، تنهنڪري گھٽ ۾ گھٽ اٺن سالن لاءِ زوري تعليم جو قانون لاڳو ڪيو وڃي“.
    65-1960 تائين ٻيو پنج سال پلان تيار ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت 70-1965 تائين ٽيون پنج ساله پلان تيار ٿيو جيڪو پڻ ڪاغن جي زينت بنيو.
    1970 ۾ نئين تعليمي پاليسي ڏني ويئي. اها 80-1970 لاءِ ڏني ويئي. هن دور ۾ ڪافي نوان ڪاليج، هاءِ اسڪول ۽ پرائمري اسڪول قائم ڪيا ويا هن کي چوٿون 10 ساله پلان جو نالو ڏنو ويو.
    80-1978 تائين پنجون پنج ساله پلان ٺاهيو ويو، جنهن تي پڻ عمل نه ٿيو جنهن ڪري 1979 ۾ قومي تعيليمي پاليسي ٺاهي ويئي، جنهن ۾ 9 نڪاتي پروگرام رکيو ويو، اهي. نقطا هيٺ ڏجن ٿا.
    1. سمورا ڇوڪرا 1987 تائين ۽ سموريون ڇوڪريون 1992 تائين پهرين ڪلاس ۾ داخل ڪيون وينديون.
    2. پڙهندڙن جي شرح 1983 تائين 60% بعد ۾ 100% ڪئي ويندي.
    3. تيرهن هزار وڌيڪ، پرائمري اسڪول ٺاهيا ويندا.
    4. سترهن هزار پرائمري اسڪولن جي مرمت ڪئي ويندي.
    5. پنج هزار ڇوڪرن لاءِ مسجد اسڪول قائم ڪيا ويندا.
    6. ٻارنهن هزار موجوده اسڪولن کي سامان مهيا ڪيو ويندو.
    7. پرائمري ليول جي سمورن ٻارن کي مفت ڪتاب مهيا ڪيا ويندا.
    8. سمورن نون ۽ پراڻن اسڪولن کي گھٽ ۾ گھٽ هڪ ٽيچنگ ڪِٽِ ڏني ويندي.
    9. پرائمري ليول تي اسڪولن جي ترقيءَ لاءِ گڏيل سرمائيڪاري ڪئي ويندي.

    هيءَ تعليمي پاليسي پڻ ڪامورا شاهي ۽ سياستدان جي نااهلي ۽ ڪرپشن ڪري ناڪام ٿي. هن جي ناڪاميءَ کان پوءِ 88-1983 تائين جو نئون، ڏِهه نڪاتي پروگرام ڏنو ويو. اهي نقطا هي هئا.
    1. سال جي هر اونهاري ۾ تعليمي ريليون ڪڍيون وينديون جنهن ۾ تعليمي ادارا ۽ سمورا تعليم سان واڳيل نمائندا، فوج، اين جي اورز، گائيڊس ۽ اسڪائوٽ ۽ سماجي ادارا هن ۾ حصو وٺندا.
    2. گرجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ کي تيستائين ڊگري نه ڏني ويندي جيستائين قرآن شريف پڙهي پورو نه ڪندو.
    3. سمورا ادارا ان ڳالهه جا پابند هوندا ته اهي پنهنجن اڻ پڙهيل ملازمن کي پڙهائيندا
    4. قيدين کي جيل ۾ تعليم جو بندوبست ڪري ڏنو ويندو.
    5. هٿيارن جا ليسن، ڊرائيونگ ليسن يا ڪي ٻيا ليسن ۽ پر مٽون پڙهيلن کي ڏنيون وينديون.
    6. جيڪي ڪميٽيون ڳوٺن، وارڊن، محلن ۾ سئو سيڪڙو تعيليمي شرح ڪنديون انهن کي روڊ، اسپتالون، بجلي وغيره مهيا ڪري ڏنيون وينديون.
    7. جيڪي ماڻهو تعيلم ۾ اهم رول ادا ڪندا، انهن کي انعام، ايوارڊ ۽ ٽرافيون وغيره ڏنيون وينديون.
    8. سوشل ويلفيئر ادارن کي تعليم لاءِ خاص مالي مدد ڪندي.
    9. ديني مدرسن کي اپيل ڪئي وڃي ٿي ته اهي قرآن شريف سمجھڻ ۽ پڙهڻ جيتري تعليم ڏين.
    10. ريڊيو ۽ ٽي وي تعليمي پروگرام شروع ڪن، جنهن ۾ جنرل تعليم سان گڏ بالغان تعليم بابت به پروگرام هجن.

    اهو ڏهه نقاطي، پروگرام پڻ تضادن ۽ عدم دلچسپيءَ سبب ناڪام ٿي ويو. ان کانپوءِ 90-1986 تائين جو نئون لٽريسي پروگرام ڏنو ويو.
    93-1988 ستون پنج ساله پروگرام ڏنو ويو ۽ 1992ع ۾ قومي تعليمي پاليسي ڏني ويئي.
    98-1993 اٺون پنج ساله پروگرام ڏنو ويو ۽ 2010-1998 تائين جي قومي تعليمي پاليسي ڏني ويئي جيڪا آخري آهي.
    اسين انهن جي ناڪاميءَ جا سبب جاچينداسين ته حڪمران ٽولن جي غير سنجيدگي. هر حڪمران پوئين حڪمران جي پاليسين کي ختم ڪري نئين سر پنهنجون پاليسيون ڏيڻ، ملڪ تي هڪ خاص طبقي جي بالادستي، ننڍين قومن ڏانهن دشمنيءَ وارو رويو، جاگيرداري ۽ قبائلي سماج جو مضبوط هجڻ وغيره اهڙا عنصر آهن جن تعليمي سرشتي کي مضبوط ڪرڻ بجاءِ انکي وڌيڪ کوکلو ۽ ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي.
    تعليمي تباهيءَ جا ڪارڻ ۽ انهن جو حل:
    (1). نصاب:
    انگريزن سؤ سال کان وڌيڪ حڪمراني ڪئي، کين حڪومت ڪرڻ لاءِ ڪلارڪ، سپاهي، پٽيوالا، تپيدار ۽ ننڍا ڪامورا گھربل هئا جنهن ڪري هنن سائنسي، سماجي، زرعي، ٽيڪنيڪل علم بجاءِ مٿين ماڻهن کي پيدا ڪرڻ جھڙو نصاب ترتيب ڏنو. گورن انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ انهن جي جاءِ ڪارن انگريزن ورتي جن ملڪ ۽ قوم سان سچي هئڻ بجاءِ پنهنجي ذات، خاندان ۽ طبقي لاءِ سوچڻ شروع ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ نصاب اهو ساڳيو رکيو ويو. تنهنڪري سڀ کان اول نصاب کي تبديل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، جنهن کي سائنسي، ٽيڪنيڪل، عوام دوست ۽ انسان دوست بنايو وڃي.

    (2). طبقاتي تعليمي رشتو:
    جيئن ته اسانجو علائقو انگريزن جو غلام رهيو، انڪري حاڪمن پنهنجي لاءِ الڳ نظام ۽ تعليمي ادارا رکيا جن ۾ مٿين طبقي کي پڻ شامل ڪيو ويو ۽ هيٺين طبقي لاءِ الڳ نظام ۽ تعليمي ادارا قائم ڪيا ويا، جيڪو سسٽم اڄ ڏينهن تائين قائم آهي جنهن کي تبديل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

    (3). تعليم کي صنعت بنائڻ:
    سڀ کان اول سرڪاري تعليمي نظام کي هٿ وٺي شعوري طور تي برباد ڪيو ويو جنهن کان پوءِ مٿين طبقي جي ماڻهن خانگي تعليمي ادارا قائم ڪرڻ شروع ڪيا، جن جي سرڪاري ليول تي همت افزائي ۽ پٺ ڀرائي ڪئي ويئي. جنهن جي نتيجي ۾ ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن تائين خانگي ادارن جو ڄار وڇايو ويو. هن وقت مڊل ڪلاس ۽ لوئر مڊل ڪلاس جا ماڻهون به خانگي ادارن ۾ ٻارن کي پڙهائڻ تي مجبور آهن. هن وقت هيٺين طبقي کانسواءِ ڪو به سرڪاري ادارن ۾ داخلا ٻارن کي وٺي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. تنهنڪري سرڪاري ادارن کي مؤثر بنايو وڃي ۽ خانگي ادارن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.

    (4). مادري زبان کي بنياد بنايو وڃي:
    سمورن سرڪاري خواه خانگي ادارن ۾ پرائمري ليول تي انگريزي ۽ مادري زبان ۾ تعليم لازمي قرار ڏني وڃي.

    (5). تعليم کي غير پيداواري سمجھڻ:
    تعليم انسان جي ٽين اک سمجھي ويندي آهي. تعليم سان قومن جو مستقبل روشن ٿيندو آهي. تعليم شاگردن رستي اهڙي پيداوار ڏئي ٿي جيڪا سماجي، معاشي، معاشرتي ۽ انتظامي ترقيءَ ۾ اهم رول ادا ڪري ٿي تنهنڪري تعليم کي پيداواري عمل جو حصو سمجھي نان ڊوولپمينٽ جي زمري مان خارج ڪري ڊوولپمينٽ ۾ شامل ڪيو وڃي.

    (6). تعليم سڀني لاءِ:
    اسان وٽ ڇوڪرن جي تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي ٿو ۽ ڇوڪرين جي تعليم تي گھٽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو. اهو عمل والدين کان وٺي سرڪاري ليول تائين ڪيو وڃي ٿو. تنهنڪري ان لاءِ خاص پلاننگ ڪري ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ هڪ جيترا موقعا ۽ سهوليتون فراهم ڪيون وڃن.
    (7). ٽيڪنيڪل ايڊيوڪيشن کي اهميت ڏيئي هاءِ اسڪول ليول کان يونيورسٽيءَ تائين الڳ ادارا قائم ڪيا وڃن.

    (8). تعليم لاءِ بجيٽ:-
    فوج سرحدن جي حفاظت ڪري ٿي پر تعليم نظرين جي حفاظت ڪري ٿي، جنهن سان ملڪي وقار بلند ٿئي ٿو. ملڪي ترقي لازم بنجي وڃي ٿي. ملڪ ۽ قوم لاءِ معمار استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ انتظامي ماهر پيدا ٿين ٿا پر جڏهن بجيٽ تي نظر وجهون ٿا ته تمام گھڻو ڏک ۽ افسوس ٿئي ٿو. 66 سالن دوران 1.5% کان 3% تي به تعيليمي بجيٽ نه پهتي آهي. هن وقت هنگامي بنيادن تي گھٽ ۾ گھٽ 10% تعليمي بجيٽ رکي وڃي.

    (9). استادن جي ڀرتي:
    جيڪڏهن استاد نااهل هوندو ته ڪيتري به پلاننگ ڪبي اها ڪامياب ٿي نه سگهندي انڪري استادن جي ڀرتيءَ کي شفاف ۽ مؤثر بنائڻ لاءِ شفاف ادارن کان چونڊ ڪرائي وڃي. ڀرتيءَ ۾ سياسي مداخلت ۽ ڪرپشن کي ختم ڪيو وڃي. پرائمري استادن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. پرائمري استاد لاءِ گھٽ ۾ گھٽ سائنس گريجوئيٽ هجڻ لازمي قرار ڏنو وڃي ۽ ان جي پگهار هڪ تولي سون جي برابر ڪئي وڃي.

    (10). استادن جي ٽريننگ پرائمريءَ کان يونيورسٽي ليول تائين لازمي قرار ڏني وڃي ۽ وقت بوقت ريفريشر ڪورس ڪرايا وڃن.

    (11). پرائمريءَ کان ڪاليج ليول تائين هر سال مستقل بنيادن تي پروموشن ڪيا وڃن.

    (12). اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شاگرد تنظيمن تي پابندي لڳائي وڃي ۽ شاگرد يونينن کي فوراً بحال ڪيو وڃي.

    (13). پرائمريءَ کان يونيورسٽي ليول تائين جيڪو استاد ڪلاس نه وٺي ان کي معطل ڪيو وڃي.

    (14). پ . ٽ . ا، گسٽا ۽ سپلا جي ليڊرشپ مان جيڪو استاد ليڊري يا اڳواڻيءَ جو بهانو بڻائي ڪلاس نه وٺي ان تي ايڪشن کنيو وڃي ۽ تنظيمون اهڙن استادن کي اليڪشن ۾ بيهڻ جو حق کسي وٺن يا سندن ميمبرشپ ختم ڪئي وڃي.

    (15). استادن جي کوٽ:-
    اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ٻهراڙين جي اسڪولن ۾ استادن جي ڀرتي ٿئي ٿي پوءِ اهي سفارش يا پئسي جي زور تي شهرن ۾ بدلي ڪرائي اچن ٿا ۽ اهي ٻهراڙيءَ جا اسڪول خالي پيا آهن. ننڍن شهرن جي ڪاليجن خاص ڪري گرلس ڪاليجن ۾ تمام وڏي کوٽ آهي. انهن ننڍن شهرن جي ڪاليجن ۾ سائنس جي استادن جو وڏو بحران آهي. انڪري ان طرف توجھ ڏيئي استادن جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي.

    (16). استادن ۽ ادارن جي سربراهن جي حفاظت ۽ بچاءَ لاءِ خاص اپاءَ ورتا وڃن.

    (17). انتظامي ادارن جا سربراه:-
    اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جيڪي استاد پڙهائڻ ۾ دلچسپي نه وٺندا آهن ۽ ڪرپشن ۾ ملوث هوندا آهن اهي ئي سپروائيز، هيڊ ماستر، پرنسپال، سب ڊويزنل، ڊسٽرڪٽ، ڊويزنل ۽ ريجنل آفيسر ٿين ٿا جيڪي ادارن هلائڻ بجاءِ چيڪن ۾ نظر رکيون ويٺا آهن ۽ غلط رستي تي هلي ادارن جي تباهيءَ جو ڪارڻ بنجن ٿا ۽ تعليم جي ٻيڙي ٻوڙيندا رهن ٿا. انڪري شفاف چونڊ رستي ايماندار ۽ تعليم دوست آفيسر مقرر ڪيا وڃن.

    استاد (18). پرائمري ليول تي هڪ استاد وارا اسڪول انجي جاءِ تي سينٽرل قائم اسڪول ڪيا وڃن، ڀر وارن ڳوٺن مان شاگردن ۽ استادن کي ان اسڪول ۾ پهچائڻ ۽ واپس ڪرڻ لاءِ سرڪاري مفت ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪيو وڃي.

    (19). ٻهراڙيءَ ۾ مڊل، هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڻ مفت ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي وڃي.

    (20). بظاهر مئٽرڪ تائين تعليم مفت ڪئي ويئي اهي پر سرٽيفڪيٽ، ٽيوشن في ۽ ٻين مَدن ۾ شاگردن کان رقم اوڳاڙي وڃي ٿي، جنهن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ پرائمري کان يونيورسٽيءَ تائين تعليم مفت ڪئي وڃي.

    آخر ۾ اوهان سمورن ٻڌندڙن جو ٿورائتو آهيان ۽ خاص طور احسانمند آهيان سپلا جو، جنهن اوهان اڳيان مونکي پنهنجي خيالن جي اظهار جو موقعو فراهم ڪيو.
    واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
    )سپلا پاران تعليم تي ڪرايل سيمينار ۾ پڙهيل مقالو(
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تعليم ئي انقلاب آهي۔۔۔۔

    تمام سهڻو مقالو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو