ڊاڪٽر قادر مگسي جو انٽرويو محترم جناب ڊاڪٽر قادر منگسي صاحب 25 ڊسمبر 1962ع ۾ سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽه ۾ جنم ورتو، ڊاڪٽر صاحب لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورومان گريجوئيٽ ڪئي، ڊاڪٽر صاحب شاگردي واري زماني کان ئي سياست ۾ حصو وٺندو پيو اچي، پاڻ محترم جناب سائين جي ايم سيد صاحب جا قريبي ساٿي پڻ رهيا آهن، شروع ۾ گڏيل جيئي سنڌ تحريڪ ۾ رهيا، پر پوء پنهنجي هڪ الڳ پارٽي پڻ ٺاهيائون، جيئي سنڌ ترقي پسند جي نالي سان، جنهن جا پاڻ هيئر چيئرمين آهن، ڊاڪٽر صاحب سياسي سرگرمين جي عيوض ڪيترا ڀيرا جيل پڻ ڪاٽي چڪا آهن،. هت سندس انٽرويو جا ڪجهه وڊيوز پيش ڪجن ٿا. http://www.youtube.com/watch?v=3O9F7n55Lis&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=DMEmScntMI8&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=hI4j1xRiNkk&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=0QBQ4q4HXxY&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=56XrLeUANP4 http://www.youtube.com/watch?v=UewN1VgFXzg&feature=related " http://www.youtube.com/watch?v=PG5y5dMQqZ8&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=l3YHapYbWfc&feature=related
جواب: ڊاڪٽر قادر مگسي جو انٽرويو بهترين ونڊ۔۔۔ =d>=d>=d> ادا ممتاز توهان جي وڏي مهرباني جو توهان سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه جو سنڌ انٽرويو لڳايو ۔۔۔ سندن ڪا تازي تقرير ملي وڃي ته هوند تمام ڀلو ٿئي۔۔۔۔ هڪ ٻيو عرض ته ٿي سگهي ته محترم بشير قريشي بابت پڻ وڊيوز لنڪ نئين موضوع سان موڪليندا۔۔۔۔
جواب: ڊاڪٽر قادر مگسي جو انٽرويو سائين توهان جي مهرباني، جو توهان منهنجي محنت کي پسند ڪيو۔ ڀاء حاضر توهان جي ڪيل فرمائش تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندس۔ انشاءالله۔
جواب: ڊاڪٽر قادر مگسي جو انٽرويو رب العالمين، مگسي صاحب سميت سڀني قومپرست ڌرين کي سڌي واٽ ڏيکاري ۽ کين ايتري همٿ عطا ڪري جو هو سنڌ جي آجپي واري ويڙهه ۾ پاڻ ملهائي سگهن ۔۔۔ آمين باقي پاڻ ته ڏسون ويٺا ته اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽ کائي ۔۔۔
جواب: ڊاڪٽر قادر مگسي جو انٽرويو سنڌ جي آجپي لاءِ جيڪي جدوجهد ڪرڻ جو سوچين ٿا، انهن کان ادب سان هڪ اهو سوال ڪرڻ جي جرئت ڪندس ته ڇا هو اهڙا ڊاڪٽر، سائنسدان، انجنيئر، بزنس مين ۽ استاد تيار ڪري سگهيا آهن جيڪي سنڌ جي آجپي بعد هن کي هلائڻجو حوصلو+طريقو رکندا هجن۔ جيڪي سنڌ جي آجپي جي ڳالهه ڪن ٿا اهي ڀلا ڇو ايتري حد تائين لهي ٿا اچن جو سنڌ جي تعليمي ادارن جي اندر ئي انهن جي ڪامريڊي هلي ٿي؟؟ ڊپارٽمنٽن جا شيشا ڀڃڻ، اتي فائرنگون ڪرڻ، پڙهندڙ شاگردن کي هراسان ڪرڻ ئي ڇا اصلي قومي جدوجهد آهي۔۔؟ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جي تعليمي ادارن کان سواءِ سنڌي اسان کي ڪاٿي به اڪثريت ۾ نه ٿا ملن۔۔ ڄامشورو جو مثال ڏيان جتي صرف يونيورسٽين ۾ سنڌين جو ڌاڪو هلي ٿو باقي ڄامشورو جو انتظام، ڪاروبار، ٽرانسپورٽ ۽ ٻيون شيون ڌارين جي هٿ ۾ اچي چڪيون آهن
جواب: ڊاڪٽر قادر مگسي جو انٽرويو ادا مست صاحب توهان سچ ٿا چئو۔ واقعي اهيا ڳالهه درست آهي۔ جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اوترو گهٽ آهي۔