ملڪ جي ترقيءَ جي ماڊل ۾ تبديليءَ جي ضرورت!

'مختلف موضوع' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏7 نومبر 2013۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    تحرير: سحر گل
    ملڪ جي ترقيءَ جي ماڊل ۾ تبديليءَ جي ضرورت!
    هي مضمون فزڪس ۽ ماحوليات جي علم جي ماهر ڊاڪٽر عيسى دائود پوٽي جي ملڪ جي ترقيءَ جي ماڊل جي حوالي کان نئين حڪومت کي ترقيءَ بابت ڏنل صلاحُن تي ٻڌل آهي. جيئن ته اهي صلاحون وقتائتيون ۽ اهميت جوڳيون آهن، اسان سڀني کي انهن تي غور ڪري نئين حڪومت تي انهن کي لاڳُو ڪرڻ لاءِ زور ڀرڻ کپي. هر دور ۾ سياسي پارٽيون ترقيءَ جا ماڊل کڻي اينديون آهن، جن تي عمل کڻي ڪيترو به ٿئي اهو هڪ الڳ بحث، پر اهي ترقيءَ جا ماڊل تبديلي آڻڻ جي حوالي کان ڪيترا صحيح ۽ اثرائتا هئا، ۽ انهن نمونن ملڪ جي مادِي ۽ نظرياتي ڍانچي ۾ ڪهڙيون تبديليون آنديون، ان تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڏهه سال ڏيهي ۽ پرڏيهي ترقياتي شعبي سان وابستگي، ۽ هاڻي انهن ادارن جي ترقياتي ڪمن جي ملڪ گير سطح تي بطور هڪ تجزيي نگار (Evaluator) پرک ڪرڻ کان پوءِ مون تي به اها ڳالهه واضح ٿي آهي ته ملڪ جي ۽ ٻاهرين ادارن جي ترقياتي ايجنڊا سان ڪو سنجيده مسئلو آهي، جنهن کي جيڪڏهن وقتائتو نه ڏٺو ويو ته نه رُڳو اربين ڊالر بنا جوڳي استعمال جي ضايع ويندا پر ملڪ جي پسمانده علائقن جي قسمت صدين تائين تبديل نه ٿيندي.
    ڊاڪٽر دائودپوٽي جي ترقياتي خاڪي جو تَتُ اهو آهي ته ترقيءَ جا ٻه ماڊل آهن، جن مان هڪڙو ’مٿان کان هيٺ‘ (Topto bottom)، ۽ ٻيو ’هيٺان کان مٿي‘ (Bottom to top) اقتصادي ڍانچا هجن ٿا. غريب ملڪن ۾ ’مٿان کان هيٺ‘ ڍانچو بُري طريقي سان ناڪام ٿيندو آهي. جٽادار ترقيءَ لاءِ هيٺان کان مٿي ويندڙ نمونو يا ماڊل نسبتن اثرائتو ٿيندو، جنهن تحت ’آخري کي پهرين ترجيح ڏيو‘ وارو اصول وڌيڪ ڪامياب ٿيندو آهي. ڊاڪٽر دائودپوٽي اُن نقطئه نظر سان واڳيل خيالَ ۽ صلاحون چُونڊُن کان پوءِ واري پاڪستان جي صورتحال جي تناظُر ۾ پيش ڪيون آهن. ڊاڪٽر دائود پوٽي جي خيال ۾ ترقياتي شُعبي سان واڳيل ماهرَ ملڪ جي سياستدانن ۽ اقتصادي رٿابنديءَ جي ماهرن کي اهو بنيادي سچ نه سمجهائي سگهيا آهن ته: ”جيڪڏهن اوهين مِٽيالَي رستي تي آهيو ته (پهرين اُن رستي جا) کڏا کُوٻا ڀريو، ۽ اُتي بُلٽ ٽرينون ۽ فلاءِ اوور ٺاهڻ جا خواب نه ڏسو.“ سندس خيال آهي ته، هر اُپاءَ کان اڳ بنيادي حقن جي حوالي کان تُرت اُپاءَ وٺڻ کي اوليت ڏجي. حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن اهو بنيادي نقطو سمجهڻ کان قاصر رهيا، ڇو ته تازي جمهوريت جي بيلٽ باڪس واري مشق ۾ قانون ٽوڙيندڙن جي اڪثريت کي ٻيهر پارليامينٽ ۾ اچڻ جي کُلي ڇُوٽ ملي. انهن هڪ بنيادي نقطو اڻ ڏٺو (نظر انداز) ڪيو، جيڪو هر بورچي ڄاڻي ٿو ته: ”تازي ماني پچائڻ کان اڳ ميرن ٿانوَن کي ڌوئجي.“ پر اسان مان اُهي جيڪي ملڪ، جي حڪومتُن جي طرزِ حڪمرانيءَ ۽ ترقياتي رِٿائُن جي بدترين ناڪامين باوجود به پوئتي هٽڻ وارا نه آهن ۽ پُراُميد به آهن، انهن لاءِ سماج جي گهڻ-رُخي حوالن کان ڊاڪٽر صاحب جون تجويزون هيٺ پيش ڪجن ٿيون:
    (1) پاڪستان جهڙي غريب ۽ پسمانده ملڪ ۾ آباديءَ جي شرح کي هڪ مُنظم خانداني منصوبا بنديءَ ذريعي گهٽائڻ کان سواءِ جٽادار ترقي ممڪن نه آهي. (ڊاڪٽر صاحب جو اهو خيال آهي ته پاڪستان جهڙي ترقيءَ جي حوالي کان بدترين سطح تي پهتل ملڪ لاءِ ’ترقي پذير ملڪ‘ وارو متبادل نرم لفظ نه استعمال ڪرڻ گُهرجي، سندس خيال ۾، ’ترقي پذير ملڪ‘ ته اسين سٺ جي ڏهاڪي ۾ هئاسين، جڏهن اسان آباديءَ تي ضابطي جي هڪ ڪوشش شروع ڪئي هئي)۽ اسين اُن پراڻي واٽَ تي ٻيهر ڪيئن ٿا اچي سگهون؟ عالمي نقطهءِ نظر ان ڏِس ۾ اسان جي مدد ڪري سگهي ٿو.
    (2) ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته، ”لڳ ڀڳ ٽيهه لک ٻار غريب ملڪن ۾ هر سال اهڙين بيمارين وگهي مرن ٿا، جن کي صحت جي بنيادي سهولتُن ۽ ويڪسينيشن سان حل ڪري سگهڻ ممڪن هو. هڪ ٻار لاءِ بنيادي ٽُڪن واري پيڪيج جي قيمت 3000 رپيا آهي، ان قيمت ۾ هڪ وڏي هوٽل ۾ ڀلي ماني کائي سگهجي ٿي. پاڪستان جي آبادي دنيا جي ست ارب آباديءَ جي ٽي سيڪڙو آهي. ان حساب سان، ٿُلهي ليکي 250 ٻار هن ملڪ ۾ به روز مرن ٿا. ان موت کي ٽارڻ جي ڪهڙي قيمت ادا ڪرڻي پوندي؟ فقط هڪ شاندار وليمي جي مانيءَ جي قيمت جيتري! سو جيستائين بنيادي صحت جي سهولت هر ڪنهن کي ڏيڻ جي ڳالهه آهي ته ڳوٺن جي سطح تي پيئڻ جو صاف (فلٽر وارو) پاڻي فراهم ڪرڻ کان ٻي ڪهڙي وڏي ڳالهه هوندي؟ ۽ ان تي ڳرو خرچ به نه آهي“.
    (3) بهتر ۽ روشن خيال تعليم بابت ڊاڪٽر دائودپوٽو لکي ٿو ته، تعليم اُها، جيڪا ٻارن ۽ خاص طور تي نينگرين ۾ تنقيدي شعور پئدا ڪري. ان کان سواءِ هڪ ٻيو اهم مسئلو، جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، سو اهو ته مٿئين درجي جي تعليم کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ۾ اسين هيٺين/بنيادي تعليمي نظام کي ڪمزور رکي ذهين ٻارن جي دماغن کي ناقابلِ تلافي نقصان رسائيندا رهيا آهيون. سموري سڌريل دنيا ۾ بنيادي تعليم کان وٺي اعلى تعليم کي هڪ مڪمل نظام تحت ڏٺو ويندو آهي، تڏهن ئي بنيادي کان وٺي اعلى تعليم تائين هر درجو ٻين درجن سان ربط ۾ هجي ٿو. نه رڳو اهو پر ان ۾ غير تدريسي تعليم به اچي وڃي ٿي، جيڪا بالغ آباديءَ کي گهربل شعوري سطح تي کڻي ايندي آهي ۽ سڄي ڄمار جي سکيا ڏيندي آهي. پر هن ملڪ ۾ اهو جوکو ڪير کڻندو؟
    استادن جي تعليمي سگهه بابت ڊاڪٽر دائودپوٽو صاحب لکي ٿو ته هيٺئين کان مٿئين سطح تائين اُستادن جي پيڊاگاجيءَ (پڙهائڻ جي فن ۽ طريقي) جي ڄاڻ بنهه ڪمزور آهي. ان ڪمزوريءَ کي ملڪ گير سطح تي اُستادن جا تربيتي پروگرام شروع ڪري حل ڪري سگهجي ٿو، خاص طور تي انگريزي رابطي ڪاريءَ جي مهارت. دنيا ۾ اڻ ڪَٿِي وُسعت آهي علم جي خزانن جي هن ٻوليءَ ۾، جيڪا هر ڏينهن وڌندي ٿي رهي. تربيت ڪارن جي کوٽ کي ٻاهرين ملڪن مان ماهر گُهرائي پورو ڪري سگهجي ٿو، ڀارت مان گهرائڻ سان ان جي ايڏي قيمت نه لڳندي. گڏو گڏ جيڪڏهن انٽرنيٽ جي بهتر سهولت به ملڪ گير سطح تي هجي، سائبر ڪيفي کوليا وڃن ته اهي ثقافتي بيٺڪون به ٿينديون ته نيٽ ذريعي علم جي پکيڙ وڌائڻ جا ذريعا به. سندس خيال ۾، ”وڏي سطح تي سستا ملٽي ميڊيا پروجيڪٽر تعليمي ادارن کي ڏنا وڃن ته جيئن شاگرد انٽرنيٽ يا ان کان سواءِ ئي (سِي ڊِي ذريعي) دنيا جي بهترين اُستادن جا پروگرام ۽ ليڪچر لوڪل استادن جي مدد سان ڏسن ۽ منجهائن پِرائين. خود استاد به ٻاهرين پروگرامن مان سکيا ماڻي ان علم جي آڌار تي شاگردن ڏانهن سکيا منتقل ڪري سگهن ٿا. ان کان سواءِ ملڪ گير سطح تي نصاب جي نئين سر تياريءَ جي ضرورت آهي، يا ته ان کي باقاعدي عالمي ۽ قومي علم -ٻنهي جي حوالي کان تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي“.

    (4) ڊاڪٽر دائود پوٽو پاڪستان ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي کي فقط خبرن ۽ دلچسپيءَ جي پروگرامن جو ذريعو سمجهڻ تي چوي ٿو، ته جيڪڏهن انهن کي فقط انهن ٻن ڪمن تائين محدود رکڻ بدران شعور سازي، زندگيءَ بابت اهم سکيائن ۽ روشن خيالي پئدا ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪجي ته تمام گهڻي تبديلي اچي سگهي ٿي. انٽرنيٽ تي بي بي سي ۽ آمريڪي پروگرامن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وارو مثال سهانگو آهي. کڻي ڪٿي گهٽ ۾ گهٽ تعليم جي شرح به آهي، اُتي اهڙيون سهولتون پئدا ڪرڻ ته ڏکيو نه هئڻ گُهرجي؟ نون ميڊيائي ذريعن سان خواندگيءَ جي شرح ۽ تعليمي معيار جي سطح کي تمام تڪڙو وڌائي سگهجي ٿو، جيئن ڪجهه ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن ۾ پائلو فِرائيرَي جي Pedagogy of the oppressed وارن خيالن کي لاڳو ڪرڻ ۾ فقط پنج سال لڳا.
    (5) ڊاڪٽر صاحب جي خيال ۾ ٽن هڪ ئي جهڙن اهم نُقطن تي مختصر نظر وجهڻ جي ضرورت آهي، جن ۾: توانائي، ۽ انساني ۽ ماحولياتي تحفظ اچي وڃن ٿا. ان کان اڳ جو اسين نيوڪليائي ۽ ڪوئلي جهڙين خطرناڪ ٽيڪنالاجين ڏانهن لاڙو ڪريون، بهتر ٿيندو ته اسين سڄَ جي روشنيءَ ۽ هائڊرو پاور (پاڻيءَ مان توانائي پيدا ڪرڻ جي سرشتي) جهڙن قدرتي وسيلن تي ڌيان ڏيون، جيڪي اسان وٽ گهڻائيءَ ۾ آهن، جڏهن ته هوا ذريعي توانائيءَ جي پئدائش (وِنڊ ٽيڪنالاجي) جي حوالي کان کوجنا جي ضرورت آهي، جڏهن ته سڄ جي روشنيءَ مان توانائي حاصل ڪري توانائيءَ جا ٽربائين تيار ڪرڻ وارو نقطو مڙني جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سستو پوندو. ان جو فائدو اهو ٿيندو ته اسان جا انجنيئر پاڻ ئي اهو ڪم ڪري وٺندا. ان کان سواءِ نئين حڪومت اهو به ڪري سگهي ٿي ته گرميءَ جي شدت گهٽائڻ لاءِ موجود مناسب ٽيڪنالاجيءَ مان فائدو وٺي، جهڙوڪر ’سايون ڇِتيُون‘، آئل پينٽنگ يا وڌيڪ بچاءَ وارن ٽائيلن ذريعي گهرن کي ٿڌو رکڻ. ان سان نه رڳو ايئر ڪنڊيشنر جي ضرورت گهٽ پوندي پر ان صنعت جي ڪارڪردگي اڃان بهتر ٿيندي. ڪجهه مسئلن جا حل بنهه سادا آهن، ان جو مثال نيٽ تي هن مضمون ۾ ڏسي سگهجي ٿو. http://tinyurl.com/kg4ows4
    ڊاڪٽر صاحب پنهنجي مضمون ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته جيستائين انساني تحفُظ جي ڳالهه آهي، ته ضرورت آهي ته اسين نه رڳو امن قائم ڪريون پر ڀارت، افغانستان ۽ ايران سان لاڳاپن کي اولين ترجيح ڏئي بهتر ڪجي، ۽ سرحدُن کي ڪامرس جي واهپي لاءِ کولجي. ان حقيقت کي هاڻي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته اهو ناڻو جيڪو ضايع ٿيندڙ فوجي سامان تي استعمال ٿئي ٿو، ان کي انساني ترقيءَ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ترقيءَ جي نموني کي انهن لفظن سان پڄاڻيءَ تي پهچائي ٿو ته انساني تحفظ کي بهترين طريقي سان غريب ۽ پيڙهيل طبقي کي صاف سٿرو ۽ عزت وارو روزگار مهيا ڪرڻ سان وڌائي سگهجي ٿو. انڪم سپورٽ پروگرام جهڙا مهانگا طريقا پاڪستان جهڙي غربت جي ماريل ملڪن ۾ خوشحالي نه آڻي سگهندا ۽ ناڪام ٿيندا. ضروت ان ڳالهه جي آهي ته گهٽ قيمت وارا پراجيڪٽ شروع ڪجن، جيڪي عزت واري روزگار سان انيڪ اڻ پڙهيل، گهٽ پڙهيل ۽ مهارتُن کان وانجهن نوجوانن کي مصروف ڪن، گڏو گڏ سندن لاءِ تعليم ۽ هنر جي تربيت جو به بندوبست ڪن. انهن پراجيڪٽن مان هڪڙو وڻڪاريءَ جو پراجيڪٽ به ٿي سگهي ٿو. ملڪ جي زمين تي وڻڪار 5 سيڪڙي کان به گهٽ آهي، ان کي پنجوڻو ڪري سگهجي ٿو. ان جا ماحولياتي ۽ سماجي فائدا تمام وڏا ٿيندا. مشهوري (پبلِسٽِي) ڏيندڙ وڏا پراجيڪٽ اسان جي اڳواڻن جي ترجيح رهيا آهن. سمجهه ڀرئي اڳواڻ جي سچي مهارت اِها چئبي ته شهرين ۾ خود اعتمادي پئدا ڪن. هيٺان کان مٿي ويندڙ ترقيءَ ذريعي ملڪ کي سگهارو ڪري تبديل ڪرڻ ئي واحد حل آهي. نئين حڪومت کي ان جوکم کي کڻڻ گُهرجي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو