فيسبوڪ عالمي اوطاق جي حيثيت رکندڙ لائيبرري

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 نومبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    فيسبوڪ عالمي اوطاق جي حيثيت رکندڙ لائيبرري

    مٺل جسڪاڻي

    انٽرنيٽ تي هونئن ته گهڻو ڪجهه آهي، اصل هڪ وڏو جهان آهي، پر هتي هڪ فيس بوڪ به آهي، جنهن وسيلي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ماڻهو هڪ ٻئي سان رابطي ۾ آهن. ان نسبت سان اهو چوڻ بهتر ٿيندو، ته فيس بوڪ سکيا جو ڪم ڪندڙ هڪ عالمي اوطاق آهي، جنهن مان سکڻ گهرجي، پرائڻ گهرجي، ترقي ڏانهن، سڌاري ۽ واڌاري ڏانهن قدم کڻڻ گهرجي، پر افسوس سان مڃڻو ٿو پوي، ته پاڻ وٽ فيس بوڪ جو ڪو بهتر استعمال نه ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري ڏسڻا وائسڻا به ان مان بيزاري جو اظهار ڪندا رهيا آهن.

    تازو هڪ علم، ادب سان چاهه رکندڙ ۽ فيس بوڪ ذريعي ماڻهن تائين سنڌي ادب جو ڄڻ ته ذريعو بنيل نوجوان ليکڪ محمد سليمان وساڻ سندس ٽائيم لائين تي هيءَ اپ ڊيٽ پوسٽ ڪئي:

    چيائين فيسبوڪ ڇڏي ڏيندس.

    پڇيم ڇو؟

    چيائين صرف مذهبي بحث پيا هلن. مان اهڙي بحث جو حصو ٿيڻ نه ٿو چاهيان.

    چيومانس پوء ان بحث جو حصو نه ٿي ۽ پنهنجو ڪم ڪر.

    چيائين ٽيگ ڪري مجبور ڪيو ٿو وڃي ته جواب ڏيان.

    چيم پوء به در گذر ڪر ….

    چيائين ميسيج ٿا ڪن، ڪال ٿا ڪن …. ته پنهنجو موقف ڏيان.

    چيومانس پوء ڀلي فيسبوڪ ڇڏي ڏي.

    محمد سليمان وساڻ جي ان پوسٽ تي بهتر رايا اچي رهيا آهن. عرفان عالماڻي پنهنجي راءِ ۾ لکيو: ”حقيقت آھي ته هن پبلڪ پليس تي هر انسان تي زوري حاوي ٿا ٿين ـ شاعرن جي شاعري تي ڪمينٽ نه ڪر ته مئسيج، ڪنهن فنڪار جي گاني تي ڪمينٽ نه ڪر ته معيار…….. وري جي مُلن جي بحث جو حصو نه ٿي ته فتوائون جاري ٿا ڪن ـ! وڃجي ته آخر ڪيڏانهن…؟ ڪنهنجي موقف سان ڪو ٻڌل آھي ڇا ؟“
    آدرش ڪليري لکيو: ”اڄ مان پاڻ ان ڳالهه تي سوچيم پئي ته آخر فيسبڪ تان موڪلائيجي دوست هڪ ٻئي سان تمام ڪريل زبان ٿا ڳالهائين افسوس آ“.
    ان ئي پوسٽ تي، مون به پنهنجي راءِ ڏني ته: ”جنهن موضوع ۾ دلچسپي نه هجي، جنهن بحث ۾ شامل نه ٿيڻو هجي، ان کي ڇڏي ڏجي، فيس بوڪ نه ڇڏجي، وڏي ڪم جي سکيا واري جاءِ آهي.“
    معروف ليکڪ عزيز ڪنگراڻي به ڏاڍي ڪم جي ڳالهه لکي: ”چيم فيس بوڪ تي مثبت بحث به ٿيندو آ.. هتي اصلاح به ٿيندو آ.“
    اهو سلسلو اڃا هلي پيو. مون ”فيس بوڪ لائبرري آهي“ جي عنوان سان پنهنجي هڪ الڳ پوسٽ لکي:
    فيس بوڪ کي آئون اهڙي لائبرري سمجهندو آهيان، جنهن ۾ هر موضوع تي مواد سان گڏ ليکڪ پاڻ به موجود هوندا آهن ۽ ڪوشش اها ڪندو آهيان ته آئون صرف پنهنجي مرضي وارو مواد ڏسان، پڙهان ۽ انهن جي پيشڪارن سان رابطو ڪريان، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه دوستن جي اسرار يا ڪڏهن ڪنهن ڪارنر تي گهڻا ماڻهو ڏسي، منهنجو ڌيان اوڏانهن به ڇڪجي ويندو آهي، البت جيئن عام لائبررين ۾ ٿيندو آهي، آئون فيس بوڪ تي به ظابطي ۾ رهندي، پنهنجي ترجيحات کي نظر ۾ رکندو آهيان.
    فيس بوڪ لائبرري آهي، ان مان فيض حاصل ڪندو رهجي. لائبرري اهڙي جاءِ نه آهي، جتي وڃڻ گناهه هجي، ۽ اچ وڃ بند ڪري ڇڏجي. لائبرري ۾ هر عمر، هر جنس، هر مذهب، هر نظرئي، هر شعبي سان تعلق رکندڙ هوندا آهن. فيس بوڪ به ان جو نعم البدل سمجهو، فرق صرف ايترو آهي، ته لائبرري جي انتظاميا چست ۽ فيس بوڪ انتظاميا سست آهي…“
    منهنجي ان پوسٽ تي سيبتي شاعر ساگر سهندڙو رايو ڏنو ته: ”اصل ۾ اسان وچ ۾‌ٿيندڙ بحث، مٿي ماري، هڻ هڻان، جهيڙي، گار گند، تنقيد براء استحصال جو فيس بوڪ سان ڪو به واسطو ناهي، اها اسان جي ننڍي ذهن جي ننڍي سوچ آهي، اها اسان جي محرومي، فرسٽيشن، احساس ڪمتري، گهٽ علمي ۽ جلد بازي آهي جيڪا ان سڄي ماحول کي خراب ڪرڻ سميت ڪجهه حساس ماڻهن جي دل کي به رنجايو وجهي ۽ اهي مجبورن فيس بوڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿيو وڃن، اهو معاملو رڳو اسان وٽ ناهي، ان معاملي ۾ يورپ، امريڪا، چين ۽ انڊيا جهڙا ملڪ اسان کان اڳتي آهن، اتي ته اهڙن بحتن، هڻ هڻان، هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ سبب ڪيتريون ئي خودڪشيون به ٿي چڪيون آهن جن جو ازالو فيس بوڪ انتظاميه کي به ڀرڻو پيو۔۔اوهان جي ڳالهه سچ آهي ته پنهنجي فائدي جي ڳالهه ڪجي۔۔“
    ان کان پوءِ مشهور شاعر سيد خادم صبحان ڏاڏاهي صاحب تمام سٺي راءِ ڏيندي لکيو ته: ”ادافيس بوڪ هڪ بهترين لائبريري يا عالمي اوطاق آهي . جنهن ۾ هر قسم جو ماڻهو ۽مواد ملي ٿو اهو پڙهڻ واري تي ڊپينڊ ٿو ڪري ته هو ڇا ٿو ڪري. جيئين لائبريرين ۾ اوهان جي نظرين ۽ پسند جي خلاف ڪتاب به رکيل هودا آهن پر اوهان تي لازم نه هوندو آه ته اوهان اهي پڙهو ۽ نه ئي اوهان کي ڪو مجبور به ڪندو آهي .۽ اسان وٽ اوطاقن ۾ به مختلف سوچ رکندڙ ماڻهو اچي ويهندا آهن پر هر ماڻهو انهن سان حال نه ونڊيندو آهي اهڙي طرح فيس بوڪ تي به پنهنجي ڪم سان ڪم رکي گهڻو ڪجه پرا.ي سگهجي ٿو . گار گند ڪندڙ اسان جي سماج جا ناسور آهن انهنجي اصلاح ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي انهن کي ميسيج ڪري سندن گندي عمل کان پاسو ڪرڻ جو چئجي ٻيو ڪري به ڇا ٿو سهگجي . بحرحاڪ اسان کي پنهنجي هن اوطاق يا لائبري جو تقدس بحال رکڻو آهي . ۽ سماج لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو آهي . اميد ته اوهان مونسان متفق هوندا (خادم ڏاڏاهي)“
    سيد خادم صبحان ڏاڏاهي سندس اها راءِ، سندس ٽائيم لائين تان الڳ پوسٽ ڪئي ته اتي سندس دوستن پنهنجا رايا لکيا. نوجوان شاعر امير سلطان لکيو ته ”بهرحال اسان کي پنهنجي هن اوطاق يا لائبري جو تقدس بحال رکڻو آهي . ۽ سماج لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو آهي.“ رسول بخش دائودپوٽا لکيو ته ”جي بلڪل ڏاڏاهي صاحب صحيح ٿا چئو اها ئي ڳالهه آهي“. هند جي ليکڪا محترمه اندرا پونا والا به ڏاڏاهي صاحب سان سهمت هجڻ جو اظهار ڪندي لکيو: ”ڀاءَ صحيح ٿا فرمايو“. دوست علي احمداڻي (پنگريو) پڻ سهمت هجڻ جو اظهار ڪيو ته ”مان توھان جي ڳالھ سان سو سيڪڙو سھمت آھيان سچ ٿا چئو ڏاڏاهي صاحب“ ان بعد شوڪت علي ميمڻ به لکيو ته ”اوهان سان سئو سيڪڙو متفق آهيان“ شفيق اوٺو لکيو ته ”بلڪل درست فرمايو سائين“. ان جي برعڪس، عنايت لغاري انگريزي ۾ لکيو، جنهن جو منهنجي خيال ۾ هي مطلب هو ته ”پر سائين اسين ان کي فيس بوڪ ڪري نه هڪ هوٽل سمجهيو آهي، اها به اهڙي جنهن جو تعلق سنڌ جي ٻهراڙيءَ سان هجي“.
    خالد چانديو پنهنجي راءِ ۾ لکيو ”سائين اوهان تمام بهترين ڳالهه ڪئي آهي….بلڪل فيسبوڪ جي اوطاق تي ويهندڙ ذهين انسانن تي اهو فرض آهي ته اهي ان قسم جون ڪوششون وٺندي….. جي ضابطا ۽ قانون جوڙين….خلاف ورزي ڪندڙ جي لاء ڪي سزائون تجويز ٿيڻ گهرجن…ته جيئن هن اوطاق، هن مندر ۽ هن مسجد کي اسان سنڌ جي بهترين اوطاق ۽ قبلو سمجهي سندس هر حڪم تي سر تسليم خم ڪندي ڪا سنڌ جي خدمت ڪري سگهون.“
    نوجوان شاعر فياض حسين جتوئي به راءِ ڏيندي لکيو ”سائين آئون اوهان سان بلڪل متفق آهيان.“
    ان کان پوءِ شبير احمد قريشي پنهنجي تفصيلي راءِ ڏيندي لکيو ”سائين بهترين اوهان سان اتفاق اهي. حضرت علي ڪرم الله وجه جو فرمان آهي ته طنز ۽ ڪج بحٿي سان دوري پيدا ٿئي ٿي.اهڙي جيت جنهن سان بحث ۾ ڪنهن جي دل آزاري ثئي پاسو ڪرڻ گھرجي.ماشاء الله اوهان جا اسان جا آعلي تعليم يافته دوست فيس بوڪ تي ويهن ٿا.ڪنهن لاء ضابطا ۽ قانون فيس بوڪ وارا ڪونه ٺاهيندا اهي مادر پدر آزاد اهن .پر هر هڪ پاڻ تي اخلاقي ضابطو لاڳو ڪري.اسان جو نوجوان نسل ڦ ٻ تي ويهي ٿو سو اسان جي هن روش کي مشعل راه بنائيندو .“
    شايد مٿين پوسٽس ۽ انهن تي آيل راين جي اثر ۾ نوجوان شاعر امير سلطان به هن موضوع جي نسبت سان ساڳئي سلسلي جي نئين پوسٽ لکي ته: ”اسان جا فيس بوڪي اديب ۽ شاعر هڪٻئي جي سامهون هجن ته هڪٻئي کي لٺيون هڻندي دير نه ڪن جيڪو حشر اسان فيس بوڪ جو ڪرڻ وارا آهيون اگر هن ميڊيا جي مالڪ کي خبر هجي ته توبه توبه ڪري فيس بوڪ تان هٿ ئي کڻي وڃي يا گھٽ م گھٽ سنڌ ۾ ان کي بلاڪ ڪري ڇڏي لڳي ٿو اسان وٽ فيس بوڪ به ڌڙا بندي جو شڪار ٿي ويندو…امير“
    بهرحال، منهنجي خيال ۾، فيس بوڪ عالمي اوطاق جي حيثيت رکندڙ اهڙي لائبرري آهي، جنهن مان جيترو به ممڪن ٿي سگهي، پرائڻ گهرجي، سکڻ گهرجي، منفي ۽ مثبت پهلوئن کي سمجهڻ گهرجي.
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. sanaullah solangi

    sanaullah solangi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Los Angeles, California
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    ڪڏھن ڪڏھن فيس بوڪ ڇڏڻ تي دل چوندي آھي، پر ڪجھ سٺن ماڻھن جي ڪري اسان فيس بوڪ ڇڏي نه ٿا سگھون، سائين مٺل سھي ٿو چوي فيس بوڪ جو معاشرو خراب ٿي چُڪو آ۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو