عظيم اڳواڻ جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي سنڌي ۾ ڪيل تقرير

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏10 مارچ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    عظيم اڳواڻ جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي سنڌي ۾ ڪيل تقرير​

    [​IMG]


    جي پنهنجو پنهنجو نور نچائي ويا، ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا،
    سي لُڙڪ مٽيءَ ۾ لـــــوئــــي ويا، پر ڇا ڇا موتي پائي ويا!


    سي وڻ وڻ لوڏي واءُ ٿيا ، سي پَن پَن ۾ پرلاءُ ٿيا،
    جي بَن بَن بِينَ وڄائي ويا ، جي تن من واري ڳائي ويا.


    مون ڌرتي تُنهنجا ڌِڱ ڏٺا ، مون تن جا لويل لڱ ڏٺا،
    جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني ، سي وارا وير وڄائي ويا.


    اڄ ڪو به ڳچيءَ ۾ ڳٽ نه آ ، ڪو مُڙس انهن جو مٽ نه آ،
    جي سارا ڪوٽ اَڏائي ويا ، سي گھوٽ اسان کي گھائي ويا.


    مون اڻ ٿيڻا انسان ڏٺا ، مون سوريءَ تي سو مان ڏٺا،
    اي ڌرتي! ڇا ڇا ڪونڌر ها ، جي پنهنجا ڪنڌ ڪَپائي ويا!


    مون ويندي تن جا پير ڏٺا ، مون ڇا ڇا مُڙس مٿير ڏٺا !
    جي ڪيئي سِج اڀاري ويا ، جي ڪيئي سِج سمائي ويا.


    مون ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏِٺا ، مون ساڻا ساڻا سَنڌَ ڏٺا،
    مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا ، جي لوئيءَ لڄ بچائي ويا!


    سي جيءَ جيارا ماڻهو ها ، سي سڀ کان پيارا ماڻهو ها،
    جن ساهه ڏئي ، ويساهه ڏنو ، جي دل ۾ درد دُکائي ويا.


    هو بادل بادل آيا ها ، جن جَل ٿَل ڀال ڀَلايا ها !
    اي کيت کِڙو ، او شال ٽِڙو ! هُو پنهنجا مينهن وسائي ويا.


    ويا پريت ڏئي هُو پاڻيارا ، اڄ ڪينجھر تن جا ڪاڻيارا،
    ڇا راڱا تن سان رُڃ ڪيا ، جي تنهنجي اڃ اجھائي ويا!


    هُو پيار پتنگا کامي ويا ، ۽ ڪيڏو دُور اڏامي ويا !
    پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾ ، هُو پنهنجي جوت سمائي ويا.


    ڪلهه رات مسافر آيا ها ، جن پنهنجا جيءَ جلايا ها،
    ٿي ڇا ڇا ڄرڪا ڄاڻَ ڪري ، هُو ڪيڏا مَچ مچائي ويا!


    ڇا ڇا نه وسيِهَر ـــــــــــــــ وَنگَ هُيا ! پر نانگا يار نسنگ هُيا،
    ڪي تُنهنجو رُوپ نِکاري ويا ، جي تنهنجي سينڌ سَجائي ويا.


    ڇا نعرا ها ڇا نينهن هُيا ! هئه مڙس هُيا يا شينهن هُيا!
    جي ڏونگر ــ ڏيل ڏڪائي ويا ، گجگوڙ ڪري گرمائي ويا.


    آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا ، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا،
    جي سارو جڳُ جرڪائي ويا ، پر پنهنجو پاڻ ملهائي ويا .


    جِن پاسو ورتو ڪُوڙ ڪنان ، هي مُڙس نه ويندا مُور مَنان،
    جن واڪي واڪي وَس ڪيا ، جي سارو سچ ٻُڌائي ويا.


    اڄ ڇوهَه انهن جا ڇوليءَ ۾ ، اڄ ٻولَ انهن جا ٻوليءَ ۾
    اي ڌرتي! تُنهنجيءَ جھوليءَ ۾ ، جي سُورهيه سِيس ڇُپائي ويا.


    هي چوٽيءَ چوٽيءَ تي مشعل ، هي جھوليءَ جھوليءَ ۾ گُل ڦُل،
    ويا سانول ڇا ڇا سَڳ ڇڏي! ڇا جَندڙيءَ کي جَرڪائي ويا !


    ڇا سمجهي تن کي جيءَ جَڏي ، آ تِن جي ڳاڙهي ڳالهه وڏي،
    ها ڇا ڇا ارڏا ڪَنڌ اَڏي ! جي تو کي مَيندي لائي ويا.


    هي بِرهه به ڪوئي بَڙُ آهي! ڇا جانٺي اُن جي جَڙَ آهي!
    مون اُن ۾ ڪيڏا ڏار ڏٺا ، جي ڇانو ڪري ، مَن ڀائي ويا.


    اي آري! تنهنجي آڍَ هُئي ، پر ڏونگر ڏاڍا ڏاڍ ڪيا!
    هِي تُنهنجا پيارا پيرا ها ، جي پنهنجو پنڌ پُڄائي ويا.



    ڪِئن تو کي ڪاري ٻاٽَ مڃان ، ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃا،
    آ ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم لاٽ اڃا ، جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا .


    هيءَ جان ته اچڻي وڃڻي آ ، پر مرندي مات نه مڃڻي آ،
    مون اهڙا سو ساونت ڏٺا ، جي پنهنجو هَٺ هلائي ويا.


    ڏسُ! باک ڀليري آئي آ ، ڏِسُ! سَنڌُ مٿان سَرهائي آ!
    ڇو تن جي لاءِ ”اياز“ رُنين ، جي مارُو ماڳُ مَٽائي ويا!​




    http://www.youtube.com/watch?v=W4913qMb_g0&feature=related

    http://www.youtube.com/watch?v=Efk8qwEVx4U&feature=related

    http://www.youtube.com/watch?v=Efk8qwEVx4U&feature=related


    ڪي ٽي اين جي ٿورن سان
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: عظيم اڳواڻ جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي سنڌي ۾ ڪيل تقرير

    ادا سائين تمام بهترين شئيرنگ آهي،
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: عظيم اڳواڻ جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي سنڌي ۾ ڪيل تقرير

    بهترين شئيرنگ
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عظيم اڳواڻ جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي سنڌي ۾ ڪيل تقرير

    ڀائڙا ممتاز ۔۔۔ مانواري ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي سنڌيءَ ۾ ڪيل ڳالهه ٻولهه ته پنهنجي جاءِ تي ڪارائتو ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔ اوهان جي مهرباني
    پر هڪ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آهي ته
    محترم ڀٽي صاحب وصيعت ڪندي چيو آهي ته آءُ مري وڃان ته لطيف جي قدمن ۾ دفن ڪيو وڃي ۔۔۔۔ اها وصيعت يا ڪيل ڳالهه جو مقصد ڇا هو؟ مونکي سمجهه ۾ نه آيو ۔۔۔ انڪري ته اها وصيعت صرف سياسي مقصد لئه هئي يا ماڻهن کي جذباتي ڪرڻ لئه يا وري هوائي ڳالهه ۔۔۔؟؟؟ اوهانکي يا ڪنهن دوست کي سمجهه ۾ آيو هجي ته ۔۔۔ ٻڌائجو ۔۔۔ مهرباني
     
  5. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: عظيم اڳواڻ جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي سنڌي ۾ ڪيل تقرير


    ڇا مطلب ؟؟
    اگر ڀٽي صاحب کي آڌيء رات جو شهيد ڪري، فوجي بُوٽن جي پهري ۾ ڳڙهي خدابخش ۾دفن ڪيو ويو ۽ ڪافي ڏينهن تائين پهرو جاري رکيو ويو۔۔ ته ڇا ان ۾ توهان کي ڀٽي صاحب جي نيت تي شڪ ڪرڻ جو بهانو ملي ويو ته لطيف جي قدمن ڇو نه دفن ٿيو؟۔۔

    توهان ڀٽي صاحب جو سوين ڪمزوريون ڳڻايو، مون کي اعتراض ڪونهي پر جتي اعتراض جي گنجائش ئي نه هجي اتي به توهان کي اعتراض آهي ته اها بي واجبي آهي، باقي توهان وڏا آهيو، توهان جي مرضي۔۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عظيم اڳواڻ جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي سنڌي ۾ ڪيل تقرير

    اوهانجي ان جواب سان مونکي به ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔ لفظ واپس ورتاسون ۔۔۔ الائجي ڇو 78 ۽ 79 وارا اهي منظر جڏهن محترم ڀٽي صاحب تي تشدد ڪيو ويو، قيد و بند جو تڪليفون ۽ آخر ۾ ڦاسي ڏني وئي هئي، ميسارجي ويا هئا ... جڏهن ته مون پاڻ ڊگري ڪاليج ۾ وڏو هنگامو کڙو ڪيو هو ... خئير اوهانجي جواب سان اهي سڀ منظر تازا ٿي ويا ۽ ڳالهه سمجهه ۾ آئي ...
    ادا سلطان لڳي ٿو ته هاڻ عمر پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي ... !!!
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: عظيم اڳواڻ جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي سنڌي ۾ ڪيل تقرير

    ته پوء سنڀاريو پاڻ کي نثارصاحب
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: عظيم اڳواڻ جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي سنڌي ۾ ڪيل تقرير

    ادا ڀاء ابڙا صاحب, محترم دوست سلطان صاحب توهان کي بهتر جواب ڏنو آهي۔ مان وڌيڪ ڪهڙو جواب ڏيان، ادا هڪ دفعه منهنجي دادو شهر ۾ دوست محترم جناب علي شير مستوئي صاحب سان سندس ئي اوطاق تي ڪچهري ٿئي رهي هئي ته اسان محترم مستوئي صاحب کان سوال ڪيو ته مستوئي صاحب توهان ڀٽو صاحب لاء ڪهڙا خيال رکو ٿا۔ ( جڏهن ته مستوئي صاحب جيئي سنڌ پارٽي سان واسطو رکندڙ شخص هو ۽ آهي)۔ ان تي مستوئي صاحب هي جواب ڏنو ته ادا هڪ دفعه اسان يونيورسٽي جا ڪجهه دوست سنڌ جي سائين محترم جناب سائين جي ايم سيد صاحب وٽ ويٺا هئاسين ۽ اسان مان سائين کان ڪنهن سوال ڪيو ته سائين توهان هميشه ڀٽو صاحب جي مخالفت ڪندا آهيو ۔ ۽ توهان وٽ سڀ کان وڏي تصوير به ڀٽو صاحب جي لڳل آهي، اهيو ڇو۔ ان تي سائين جواب ڏنو ته پٽ مان ڀٽو صاحب جي مخالفت سياسي اختلافن جي ڪري ڪندو آهيان ۽ شخصي طرح ڀٽوصاحب منهنجي پسند جي شخصيت آهي، جنهن دنيا ۾ اهيو مڃايو آهي ته سنڌي هڪ ذهين قوم آهي، ۽ مون کي ۽ سنڌ کي ان ڳالهه جي ڪري ڀٽو صاحب تي ناز آهي۔ سو ادا ڀٽو صاحب به انسان هو ڪو فرشتو ته نه هو جنهن کان اوڻايون نه ٿين، پر اهيا به حقصقت آهي ته پاڪستان جي مرڪزي سياست ۾ ڀٽي صاحب جو نالو هميشه سونهري اکرن وانگر چمڪندو رهندو ۽ اهيو مان به ته سهڻي سنڌ کي آهي،

    ادا پنهنجو ن ته سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن سان ٻٽيهه دليون آهن۔ پوء اهو سنڌي دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ هجي ڪهڙي به پارٽي سان تعلق رکندو هجي پر بشرط ڪه سنڌ سان سچو هجي. ۔

    ڪانڌُ نه ڪَندِيَسِ ڪو ٻِيو، کَٿيروئِي خُوبُ؛
    ميروئِي محبُوبُ، اَسان مارُو مَنَ ۾​
    . ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو