• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا اوهان هن جوڳيءَ کي سڃاڻو؟

عباس ڪوريجو

سينيئر رڪن
ڇا اوهان هن جوڳيءَ کي سڃاڻو؟

/////////////////////////////////////////
هي هن ڀلاريءَ ڀونءِ جو اهو فنڪار آهي، جيڪو پنهنجي فن جي ڪري ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مڃتا ماڻي چڪو آهي، ڄام شوري ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن ۽ عام ماڻهن کي 100 روپين ۾ اسڪيچ ٺاهي ڏيڻ جي آڇ ڪندڙ هن مصور گهراڻي جي فرد جو مذاق اڏائيندڙ ماڻهن کي اها خبر ئي ناهي ته فن جڏهن ردي پنن جيان وڪامندو آهي ته فنڪار ائين دربدري جو شڪار ٿي جوڳين جيان رلندا آهن. پنهنجي پٽ سوڀاري جي شهادت جو ذڪر ڪندي لڙڪ لاڙيندڙ هن آرٽسٽ جي اندر جا اڌما چانهه جو ڪٽُ پياريندڙ مسخري باز ماڻهو ڇا ڄاڻن.
هي آهي.... ساقي عالم ابڙو
سنڌ جي ناليواري آرٽسٽ گهراڻي محمد عالم ابڙي جو اولاد. طارق عالم ابڙي جو ڀاءُ.
خدارا....! ڪجهه قدر ڪريو پنهنجي املهه هيرن جو، هي عالمي شخصيت بڻجڻ جهڙا ڪردار اسان وٽ فقيرن جهڙي زندگي پيا بسر ڪن، ڇا اها انتها ناهي اسان جي ناقدري جي؟؟؟



379665_739391919408376_1282283860_n.jpg
 
اسان جي اجتماعي حالت ڏسندي آئون اوهان کي پڪ ٿو ڏيان ته هن فنڪار جي مرڻ جو اسان کي افسوس ٿيندو ۽ سندس فن جي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو۔۔ باقي جيئري آسرو نه ڪجو
 
Back
Top