مُجرم چانڊيو ويلِنٽائن ڏهاڙي هن گُل مُون ڏانهن وڌائيندين چيو؛ توکي دِل ڏئي ويٺو هان، تنهنجن ڏکن سُکن جو حصيدار ٿيڻ ٿو چاهيان مون کيس مُرڪي چيو؛ مان اميراڻي گهر مان ناهيان. هُن چيو؛ تنهنجي غريبي جو سڀ کان وڏو حامي هُوندس. چيم؛ الائي ڇو مستقبل ڪنهن ڀوائتي، خواب جيان محسوس ٿئي ٿو چيائين؛ مان تنهنجو حوصلو آهيان، وِک وِک تي توسان گڏ هُوندس! مُون کائنس گُل وٺندي چيُم؛ منهنجو ماضي، ڏاڍو خراب اٿئي.!! چهرو ڦِڪو ٿي ويس نظرُون پوئتي موڙيندي، مٿي تي ڌَڪ هڻي چيائين...!! اڙي يار....! گاڏي ته لاڪ ڪرڻ ئي وسري وئي، اِجهو آيس. ۽ پَڪ هوندي به، مون هُن جو، 2 ڪلاڪ انتظار ڪيو پر هُو نه آيو.....................!!!!!! 3225 اٽيچمينٽ ڏسو
ادا ماڻهون ڏاڍا خراب آهن هاڻي ٻُڌايو ٻه ڪلاڪ اوهان جا خوامخواه خراب ڪري ڇڏيائين ڪُجهه ته خيال ڪرڻ گهرجي ۔ ادا بهترين خيال جاڏي پير تاڏي خير