ڪمال اتا تُرڪ-هڪ تاريخ هڪ ڪمال (ورسي جي مُناسبت سان)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏10 نومبر 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڪمال اتا تُرڪ-هڪ تاريخ هڪ ڪمال (ورسي جي مُناسبت سان)
    1881-1938
    [​IMG]
    اڄ کان لڳ ڀڳ اٺ ڏهايون اڳ هِن ڏينهن تي هي دنيا ڇڏي ويندڙ ڪمال اتا تُرڪ ويندي ويندي هِن دنيا جي اهم ترين خطي (يورو ايشيا جي جوڙ) تُرڪي کي جديد رنگ ڏيئي ويو. 1881ع جي شروع جي مهينن (سندس ڄم جي تاريخ ۽ هنڌ مستند ناهي) ۾ هڪ فوجي علي رضا آفندي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هي فوجي جوان نه رڳو هڪ فوجي هو پر هن سياست ۾ به حصو ورتو ۽ جمهوري پيپلز پارٽي سان واڳيل رهيو. هن گرئجوئيشن مڪمل ڪندي ئي پنجين رينڪ تي فوجي عهدو سنڀاليو ۽ لڳاتر ترقي ڪندو اڳتي وڌندو ويو. 1919ع ۾ ترڪي جي قومي آزادي تحريڪ جو روههِ روان بڻجي اُڀريو جڏهن پهرين جنگِ عظيم عروج تي هئي. انهيءَ دؤر ۾ هن با همت فوجي دنيا جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکرايو جڏهن هن جي سرواڻي ۾ ترڪي جي فوج 1920ع ۾ سندس مُلڪ جي سڀني حمله آورن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. هي مسلسل ڪاميابيون حاصل ڪندو رهيو ۽ جيڪي به هن جي مُلڪ کي ميري اک سان ڏسي رهيا هئا تِن خلاف وڙهيو ۽ فتح حاصل ڪيائين. جڏهن عُثمانيه خاندان جوزور ٽٽو، جنهن جي اثر هيٺ هي خطو لڳ ڀڳ ڇهه صديون رهيو، ته هنهن انهيءَ جي خاطمي تي 1923ع ۾ تُرڪي جمهوريه جو بنياد رکيو. هن جنهن گورنمنٽ جو آغاز ڪيو اُها حقيق معنى ۾ عوامي نمائنده گورنمنٽ هئي.
    هن جي انهيءَ ڪارنامي تي کيس ترڪي جي پارليامينٽ پاران 1934ع اتا تُرڪ جو خطاب مليو جنهن جي معنى آهي “قوم جو ابو”. کيس انهي ايوارڊ ڏيڻ سان گڏ اهو به طئي ٿيو ته اهو ايوارڊ ڪڏهن به ڪنهن ٻي کي نه ڏنو ويندو. سندس ڪوششن سان جيڪو جديد ترڪي ٺهيو تنهن وقت سان گڏ وڏي ترقي ڪئي. ۽ لڳ ڀڳ سؤ سيڪڙو مسلمان هوندي به هي مُلڪ سيڪيولر رهيو. هر ڪنهن جي حقن جي ڳالهه نه رڳو ڪئي وئي پر اُنهيءَ تي عمل به ٿيو. توڙي جو مذهبي بنيادن تي هي مُلڪ عوام ۽ حڪومت جي چاهڻ باوجود يورپي يونين جو حصو نه ٿي سگهيو آهي پر هنن علم و عمل سان مُلڪ کي جتي پُهچايو آهي ته ڪنهن به لحاظ کان يورپ کان گهٽ نه ٿو لڳي.

    اڄ جڏهن سندس ورسي جو ڏينهن آهي ته جديد تُرڪي وارا تُرڪ سندس سلامي آهن.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ترڪي جا ڊراما ڏسي حيرت ٿيندي آهي ته ڇا هي اسلامي ملڪ آهي۔۔۔ عثمانيه سلطنت جي عظيم سلطان ”سليمان“ جو ڊرامو هاڻي به مان موڪلن دوران ڊائونلوڊ ڪري ڏسندو آهيان ۔۔۔ جنهن کي ڏسي ترڪي جي عزم ۽ جلال جي تاريخ وائکي ٿي ويندي آهي۔۔۔
    ڪمال اتاترڪ بابت ننڍپڻ کان ئي نصابن ۾ پڙهندا پيا اچون۔۔۔ سندس جيڪا جواني جي تصوير توهان لڳائي آهي ۔۔ سا شايد ڪنهن به لرا (ترڪي ڪرنسي) ۾ ناهي۔۔۔ سندس تصوير ئي سندس ڪامياب انسان هجڻ جو نمونو ڏسي ٿي۔۔۔ سندس ڏينهن تي سٺي ڀيٽا۔۔۔
    اميد ته ترڪيء بابت ننڍا ۽ وڏا دلچسپ واقعا ۽ تصويرون ڏسيندا رهندو ۔۔۔ مهرباني
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ترڪي وڃڻ جو اوهان تي هڪ اثر اهو به ٿيو ته اوهان ترڪي بابت هاڻي کان ئي لکڻ شروع ڪيو۔ ترڪي اڳ به اسلامي دنيا لاء اهم رهيو آهي جو سلطنت عثمانيه ۽ ان لاء ٿيندڙ تحريڪون نصابي ڪتابن ۾ به پڙهندا اچون۔

    ڪمال اتا ترڪ کي جس آهي جو جو هڪ غلام قوم کي ان قابل بڻايائين جو اڄ هو ترقي جي راهه جي بلندين تي آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو