ادا نديم جوڻيجو صاحب اسلام عليڪم۔ ادا جيڪڏهن اوهان گورنمنٽ سروس ۾ ايڊهاڪ تي ملازمت حاصل ڪئي آهي ۽ گورنمنٽ توهان جي نوڪري پڪي نه ٿئي ڪري ته اوهان سنڌ هائي ڪورٽ ۾ پٽيشن [Constitution Petition} داخل ڪندا ته انشالله اوهان جو مسئلو حل ٿئي ويندو۔ ايترا ڪيترائي دوست جيڪي ٽيچنگ لائين ۾ يا سوئي گيس ۾ هئا جس سان اوهان وارو ساڳيو مسئلو هو پر جڏهن انهن ڪورٽن ڏانهن رجوع ڪيو ته رڳو نوڪري پڪي ٿئي ويئن پر انهن کي پويان سڀ بينفٽ به مليا ۔اوهان به اهو ساڳيو فورم استعمال ڪيو انشاالله اوهان جو به مسئلو حل ٿئي ويندو
ڏاهپ ڀريو ڏس ڏيندڙ سائين غلام مصطفي ميمڻ جي ڳالهه تي عمل ڪريو الله بهتر ڪندو۔ سائين غلام مصطفي ميمڻ کي گزارش ٿي ڪجي ته ايتريون دوريون نه ڪن ڇو جو ايتريون دوريون چڱيون نه آهن
محترم نديم جوڻيجو آلسلام عليڪم، ادا ، ميمڻ صاحب جن جي هدايتون تي عمل ڪرڻ سان يقينن توهان جو مسئلو حل ٿئي ويندو۔همٿ ڪريو توهان جي منزل اوهان جي سامهون آهي۔
سائين غلام مصطفي ميمڻ کي گزارش ٿي ڪجي ته ايتريون دوريون نه ڪن ڇو جو ايتريون دوريون چڱيون نه آهن مان پاڻ سائين عرس پريو جي ڳالهه سان سهمت آهيان سائين ڪافــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي دوري اختيار ڪئي آهي بهرحال سنگت لا۽ لاجواب مشورو آهي
ادا ڦلپوٽو فقير اسلام عليڪم۔ ادا سائين ڪجه اهم مصروفيتن جي ڪري هن محبتي اڱڻ تي ڀيرو نه ڀري سگهياسين پر يقين ڪيو ته انهي دوران اسان جي دل ۾ اوهان ۽ هن اڱڻ جي سڀني ڀاتين لاء ساڳئي اتساه هئي جيڪي پکي کي پنهنجي ولر کان ٿوري وقت لاء وڇڙڻ وقت ٿيندي آهي ۽ مڇي کي پاڻي کان ٻاهر پاڻي لاء هوندي آهي۔ انشالله ڪوشش ڪبي ته اڳتي ايتريون دوريون اختيار نه ڪيون وڃن۔