سڀني سنڌ واسين کي سلام عرض آهي۔ گهڻيعرصي کان وٺي هن اڱڻ کي ڏسندا رهيا آهيون دل ته گهڻو ئي ٿي گهريو پر ڪُجھ ڪي بورڊ جي ڪيز جا مسئلا ته ڪُجھ ڪي ٻيون پريشانيون اچي اڄ اوهان جي درگاه تي حاضر ٿيا آهيون اميد ته اسان جي اصلاح جو سلسلو جاري رهندو۔ خدا اسان جي ڌرتي وري اهي ڏينهن آڻي جنهن ڏينهن جو زڪر ڪتابن ۾ ملي ٿو ۔ جاڏي پير تاڏي خير
ادا وعليڪم اسلام ادا اميد ته اوهان خوش هوندا ڀاءُ هن اڱڻ تي اوهان کي اچڻ جون مبارڪون۔ يقينن دوستن هن اڱڻ کي اجارڻ ۾ پنهنجي ڏينهن رات جون ڪوششون ڪيون آهن انهن ڪوششن ۽ ڪاوشن ۾ ايتري ته ڇڪ آهي جو ماڻهون هليو پيو اچي هن ساٿ ۾ اسان اوهان کي ڀيلڪار چؤن پيا۔ جڏهن ته اسان پاڻ به هتي مهمان آهيون مالڪ الائي ڪيڏاهن ٻاهر نڪتل آهن۔ ايندا ته پورو پورو اوهان ڱان تعارف طلب ڪندا يا ڪو جيڪو اوهان کي وٺي آيو آهي اهو تعارف ڪرائيند، تيسيتائين اسان اوهان کي خوش آمديد چؤن پيا۔ وسلام
ادا نادم مسلم ۔اسلام عليڪم۔ اسان اوهان کي دل جي گهرائين سان هن محبتي آڱڻ تي ڀليڪار چئون ٿا۔ هي اسان ۽ اوهان جو گڏيل آڱڻ آهي هن کي سنئورڻ جو ڪم اسان اوهان کي گڏجي ڪرڻو پوندو۔ هن ڪکائون آڱڻ تي اوهان کي محبت جي مالائون سان پروڙيل دوستي وارو ماحول ملندو۔ هت اوهان کي انيڪ قسم جا ليک جيڪي هن آڱڻ جي محنتي ميمبرن معلومات جي سمنڊ م گهرائي ۾ وڃي مڙي اچي رکيا آهن ،انهن کي پڙهڻ جو موقعو ملندو۔ ادا مهرباني ڪري پنهنجو تفصيلي تعارف ڪرائيند۔ تعليم مشغوليت جي باري ۾ آگاهي ڏيندا۔ اسان کي يقين آهي ته اوهان جي ميمبر ٿيڻ سان اسان کي اوهان جي ليکن کي پڙهڻ جو موقعو ملندو۔هميشه خوش رهو۔
ادا وعليڪم السلام ٻهراڙين ۾ جتي ڪچهري ٿيندي آهي اُتي جيڪر ڪو خاص يا نئون ماڻهون ايندو آهي ته سڀ کان پهرين کيس ادب سان خير عافيت معلوم ڪبي آهي۔۔ سو توهان به ٻڌايو ! چاق چڱا ڀلا، جوڙ متارا ٻيو مڙئي خير۔۔۔ ادا توهان هن پياري اڱڻ تي ڀلي ڪري آيا جي ڪري آيا،۔۔۔ هن اڱڻ تي ادبي، اصلاحي، معلوماتي ۽ ٻين مختلف موضوعن تي ڪچهريون، رايا ۽ تبصرا ته ٿيندا رهندا پر پهرين توهان پنهنجو تعارف ڪرائيندا ته ساٿ ۾ شامل سڀني دوستن سميت مونکي به سٺو لڳندو۔۔۔۔ مهرباني