اي ميل آئي ڊي جا ڪجه حفاظتي ٽپس

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ اظهرالدين بهلڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏12 نومبر 2013۔

  1. اظهرالدين بهلڪاڻي

    اظهرالدين بهلڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2010
    تحريرون:
    142
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    واپڊا ڪالوني گڊو سنڌ
    اسلام عليڪم دوستو
    دوستو ڪافي مهينن کانپوءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي حا ضري جو موقعو مليو آهي
    سو مون سوچيو ته دوستن سان ڪا مفيد ونڊ ڪجي
    ڪجه ڏينهن اڳ مونکي ڪافي ڄاڻ سڃاڻ وارن دوستن هڪ مسئلو ٻڌايو جيڪو
    مسئلو مان سمجهان ٿو ته ڪافي سارن دوستن سان ڪڏهن ڪڏهن پيش ايندو آهي
    آخر اُهو مسئلو ڪهڙو آهي
    ڪافي اسانجا دوست شڪايت ڪندا آهن ته اسانجي اي ميل آئي ڊي جو پاسورڊ ڪنهن هيڪر
    تبديل ڪري ڇڏيو آهي
    ڪي دوست وري چوندا آهن ته فيس بوڪ يا ٽويئٽر اسانجو موجوده پاسورڊ قبول نه پيو ڪري
    الائي ڇو؟
    ڪن دوستن جي فيس بوڪ يا ٽويئٽر آئي ڊي ان سببن کان پوءِ بند ٿي ويندي آهي ۽
    اُهي سمجهندا آهن ته ڪوهيڪر اسانجي آءِ ڊيز کي روزانو بلاڪ يا ڊليٽ پيو ڪري
    ڪي اسانجا دوست وري پراڻيون آئي ڊيز ڊليٽ ڪري نيون آئي ڊيز ٺاهڻ شروع ڪندا
    آهن جنهن ۾ ڪافي ساري محنت سان گڏ وقت به ضايع ٿيندو آهي
    اصل ۾ منهنجي ريسرچنگ مطابق 50 في صد ماڻهن جون ذاتي اي ميل آئي ڊيز ڪمزور
    سيڪورٽي سوال جوابن يا آسان سيڪورٽي سوال جوابن يا آسان پاسورڊز رکڻ، آلٽرنيٽ
    اي ميل جو آسان پاسورڊ رکڻ، آلٽرنيٽ اي ميل جي تصديق نه ڪرائڻ، يا سيڪورٽي
    سوال و جواب سيٽ نه هجڻ، يا وري ڊگهي عرصي کانپوءِ آئي ڊيز کي نه کولڻ جي ڪري
    اهي مسئلا پيش اچن ٿا
    باقي انکان کان وڌيڪ اهو به يقنا چئي سگهجي ٿو ته ڪجهه هيڪرز هيڪنگ
    سافٽويئرز جي زريعي به هيڪنگ ڪن ٿا. جن سافٽويرز ۾ ڪي لاگر اسپائي ويئر جهڙا
    سافٽويئرز سر فهرست آهن
    اي ميل آئي ڊي جا ڪجه حفاظتي ٽپس
    سڀ کان پهريائين جڏهن ڪا به اي ميل آئي ڊي ٺاهجي ته خاص نالي سان يا نمبر پلس
    ڪري ٺاهجي. مثالطور
    هن نمونن جي ڪابه اي ميل آئي ڊي نه ٺاهڻ گهرجي
    ڇا جي ڪري جو هن دنيا ۾ ڪيترائي آفتاب سومرو نالي ماڻهو رهن ٿا متان ڪنهن
    ٻئي شخص ان نالي سان اي ميل آئي ڊي ٺاهي هجي
    اي ميل آئي ڊي ۾ آلٽرنيٽ ميل ۾ به ڪوشش ڪري پهنهجي ذاتي اي ميل ايڊ ڪجي
    ۽ تصديق ڪرائي ڪنهن به دوست جي آلٽرنيٽ اي ميل نه ڏجي ڇا جي ڪري جو
    آلٽرنيٽ اي ميل جو مطللب اهو آهي ته ڪنهن به وقت توهانکي پهنجي آءِ ڊي جو
    پاسورڊ وسري وڃي ته توهان آساني سان ريڪوائري ڪرائي پنهنجي موجوده پاسورڊ کي
    تبديل ڪري سگهو ٿا ڪنهن به دوست جي آلٽرنيٽ اي ميل نه ڏجي ڇا جي ڪري جو
    هو ڪنهن به وقت توهانجي آئي ڊي جو پاسورڊ تبديل ڪري توهان کي پريشان ڪري
    سگهي ٿو ۽ ٿي ٿو ته توهانجي فيس بڪ يا ٽويٽر آئي ڊي به ان اي ميل سان لاڳاپو رکندو
    هجي ۽ اهو دوست توهانجي سوشل آءِ ڊي جو پاسورڊ تبديل ڪري يا وري توهانجي سوشل
    آئي ڊي ۾ ٻي ڪا حرڪت ڪري توهانکي وڌيڪ پريشانن ۾ وجهي ڇڏي
    ڪو به اي ميل يا سوشل ميڊيا ۾ ڪابه آئي ڊي ٺاهجي ته اُن ۾ سيڪورٽي سوال ضرور
    منتخب ڪجي ۽ اهو سيڪورٽي سوال اهڙو هجي جهنجوجواب توهان کان سواءِ توهانجو
    ڪو به مٽ مائٽ نه ڏئي سگهي ۽ اهو سوال هميشه لاءِ توهانکي ياد هجڻ گهرجي ڇو جو
    جيڪڏهن توهانکي ان آءِ ڊيءَ جو پاسورڊ وسري وڃي ته توهان ان سوال جو جواب ڏئي
    پهنجو پاسورڊ تبديل ڪندا آهيو
    اي ميل يا سوشل ميڊيا جي ڪنهن به سائيٽ تي اگر سيڪورٽي سوال کان ٻيو وڌيڪ
    ڪو آپشن موجود هجي جيئن موبائل نمبر ايڊ ڪري پهنجي آءِ ڊي جي سيڪورٽي ۾
    وڌيڪ اضافو ڪجي جڏهن توهان موبائل نمبر ايڊ ڪندا ته توهانجي موبائيل ۾
    توهانکي موبائل نمبر ڪنفرميشن ڪوڊ حاصل ٿيندو. اِهو ڪوڊ اتي داخل ڪندا ته
    پوءِ توهانجي موبائل نمبر جي تصديق ٿي ويندي
    موبائل نمبر جي تصديق ٿي وڃڻ کانپوءِ لاگ آن نوٽيفڪشن يا ون يا ٽو اسٽيپ
    ويريفڪيشن آپشن کي ان ايبل ڪندا ته توهان پنهنجي آءِ ڊي جڏهن به کوليندا
    ته پاسورڊ داخل ڪرڻ کانپوءِ توهانجي موبائل تي سيڪورٽي ڪوڊ اچي ويندو جنهن کي
    داخل ڪري توهان تصديق ڪرائيندا ته پوءِ توهانجي آءِ ڊي اوپن ٿيندي
    اهو فنشن هن وقت ياهو،جي ميل،فيس بوڪ، هاٽ ميل ۽ ٻين ڪيٽرن ئي ويبسائيٽس
    تي ڪم ڪري رهيو آهي
    نوٽ ياد رکندا ته تصديق ٿيل موبائل نمبر پاسورڊ کي تبديل ڪرڻ لاءِ به استعمال ٿيندو
    آهي ان ڪري پنهنجو موبائل نمبرتصديق ڪرائڻ کان پهريان اها ڳالهه ياد رکندا ته اهو
    موبائل نمبر توهانجو ذاتي هجي ايئن نه ٿئي جو اهو موبائل نمبر توهانجي ڪنهن دوست
    يا مٽ مائٽ جو هجي ۽ هو توهانجي آءِ ڊي جو سيڪورٽي اسٽيٽس چيڪ ڪري
    فارگيٽ پاسورڊ زريعي موبائل نمبر آپشن جي چونڊ ڪري با آساني سان توهانجو پاسورڊ
    تبديل ڪري. ۽ بعد ۾ توهان پريشان ٿيوڇو جو اهو طريقو پاس ورڊ کي تبديل ڪرڻ جي
    لاءِ بائي پاس طريقو آهي
    پاسورڊ ياد رکندا ته مظبوط پاسورڊ ستن کان اٺن حرفن تي مشتمل هجڻ گهرجي
    انهن حرفن ۾ ڪيپيٽل الفابِيٽ پلس نمبر پلس ڪاما اسپيسز جو استعمال ڪجي
    ته پاسورڊ بلڪل مظبوط ثابت ٿيندو
    مثالطور
    AFT+space+90,8+doublespace
    سنڌسلامت ساٿ سلامت
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک ٿورا۔۔۔۔

    اوهان سٺيون ڳالهيون شيئر ڪيون، اميد ته اسان سڀ اوهان جي ڏسيل ٽپس کي فالو ڪنداسين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    بهترين ڳالهيون شيئر ڪيون اٿوَ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو