تاجل بيوس جي ورسي رپورٽ ] سنڌ جي ڀلوڙ ۽ برک شاعر مرحوم ”تاجل بيوس“ جي زندگيءَ جو مختصر خاڪو. نالو :ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــ تاج محمد سمون پيءُ جو نالو: ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــ محمد جعفر(لاڏاڻو 1946ع) ماءُ جو نالو: ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ پناهه خاتون (لاڏاڻو 1990ع) تخلص: ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ ”تاجل بيوس“ انهيءَ نالي سان ڄاتو ۽ سُڃاتوويو. ڄمڻ جو هنڌ: ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ ڳوٺ پير حيات شاهه تعلقو صوبو ديرو ضلعو خيرپورسنڌ. ڄمڻ جي تاريخ: ـــــــــــــــــــــــــــــــــــ 22 سيپٽمبر 1938ع. تعليم:ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ ايم اي اقتصاديات. ٻاهرين دنيا جو سير: ـــــــــــــــــــــ جپان، هانگ ڪانگ، ٿائيلينڊ، آمريڪا، جرمني ۽ ڀارت. وڻندڙ رنگ:ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ مِٽيءَ جو رنگ: جا انيڪ رنگن کي جنم ٿي ڏئي. ڌنڌو:ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ انگريزي ماستر1960ع کان وٺي مختلف نوڪريون. مڃتا:ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ 1. سگا طرفان گولڊ ميڊل 1983ع 2.پاڪستان رائٽرس گلڊ طرفان فرسٽ پرائيز 1983ع 3.نارائڻ شيام ايوارڊ آف گريٽ پوئيٽ 1994ع. 4.ڪينجهر ايوارڊ (1994ع) 5.سلور جوبلي جشن جي موقعي تي سگا طرفان گولڊ ميڊل (1997ع). ڇپيل ڪتاب:ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ 1.انبن جهليو ٻور 2. سرجيندڙ ساڻيهه جا 3. سنڌ مُنهنجي امان 4. جڏهن ڀُونءِ بڻي 5. ڪاڇي مٿان ڪُونج 6.ڪنڌيءَ ڪؤنر تون 7. ڏور به اوڏا سپرين 8. ڪنڌيءَ اڪ ڦُلاريا 9. سرخ گلابون ڪي موسم ۾ سنڌي شاعري جو اردو ترجمو. 10.صحرا ستر جن 11. تُنهنجا نيڻ غزل 12. وڏا وڻ وڻڪار جا. شيخ اياز ۽ تاجل بيوس جو ڪلام. 13. انداز بيان اور(اردوغزلن جو مجموعو) 14.”ڏوريان ڏوريان مَ لهان (9 ڇپايل ڪتابن جو شعري مجموعو. ڇپجندڙ ڪتاب :ــــــــــــــــــــــــــــ 1. آريجن کان اُلهاس نگر (هند ۽ سنڌ جي اديبن جا خط) 2.سونهن نگر جا سرجڻهار (مختلف ڪتابن جا لکيل مهاڳ) 3.چَپَ انجيل جي حاشين جهڙا (هڪ سئو پنجاهه ترائيل) اڻ ڇپيل ڪتاب:ــــــــــــــــــــــــــ 1. شاهه ۽ شاهه جي شاعري جو تاريخي پس منظر(نثر) 2. شاهه جي ٿر جي تاريخ (نثر) 3.چاسر کان چوراسي تائين (انگريزي شاعري جو اڀياس) 4. مائي مُرادان (ڪهاڻيون) 5. مصري ڳڙيون( نثري نظم) 6.ڳاڙهي سج جا عڪس ( ڪالم نويسي) 7. آريجن کان اُلهاس نگر (ڀاڱو ٻيو) تاجل جي ڪتابن جو تعداد: ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ 24 تاجل جي ٻارن جو ڪل تعداد:ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ 12 1. سورٺ 2. سرمد 3. منصور 4 سُهڻي 5. سنڌو 6. ڪنول 7.ذوالفقار (ڊاڪٽرن جي غفلت جي ڪري 14 مهينن جي عمر ۾ فوت تي ويو. 8. بينظير 9. ذوالفقار 10. صنم 11. خوشبو 12. بلاول. وڇوڙي وارو ڏينهن: ــــــــ تاجل بيوس، رضا الاهي سان ڇنڇر 14 ڊسمبر 2008ع تي راهه عدم ڏانهن راهي ٿيو. انا لله وانا اليہ راجعون اها ڏُک واري خبر سنڌي چينل ڪي ٽي اين تان ٻُڌي وئي. سنڌ جي عاشق شاعر تاجل بيوس جي وڇوڙي تي دانشورن جا خيالات ماڻهو جي ڪل حاصلات، ماڻهوءَ جو ماڻهپو هوندو آهي. جنهن جي بنياد تي هو سماج اندر پنهنجي قبوليت ۽ اهميت حاصل ڪري ٿو. انساني سماج کي بهتر انساني قدرن جي منزل تي رسائڻ هر انسان جي فطري ڪوشش هوندي آهي. هر انسان پنهنجي ذات وسيلي سماج جي اڏاوت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. انهن سان لاڳاپيل شخصيتون پنهنجي ڏات وسيلي سماج ۾ نئون روح ڦوڪي، انسانيت کي اعليٰ پنڌ، مان ۽ مرتبي تي پهچائي ٿو.اهڙو ئي انسان سماج لاءِ بهتر ۽ ڪارائتو هوندو آهي جيڪو پنهنجي سموري ڏاهپ سماج جي بهتري لاءِ ڪتب آڻي ٿو. سنڌي ادب ۽ ٻولي جي دنيا ۾ پنهنجا پيرا ڇڏيندڙ شخصيتن ۾ تاجل بيوس جو پڻ شمار ٿئي ٿو. جنهن پنهنجي ادبي ۽ علمي سگهه سان سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي جنهن ڌرتي جي لوڪن جي خوشحالي، سُک ۽ سڪار لاءِ سموري ڄمار جدوجهد ڪئي. تاجل بيوس اسان کان منهن مٽي ڌرتي جي هنج ۾ آرامي ٿيو آهي سندس لاڏاڻي تي تڏي تي آيل اديبن دانشورن ۽ قومي ڪارڪنن تاجل جي وڇوڙي کي محسوس ڪندي لکيوآهي ته: سائين تاجل بيوس سنڌ ادب جو سرموڙ شاعر هو سندس اوچتو وفات سنڌي ادب جي لاءِ وڏو نقصان آهي. سندس شاعري سنڌي ادب ۾ قومي جاڳرتا جي اهم سجاڳي واري شاعري آهي. (عابد مظهر) تاجل جو وڇوڙو سنڌ جي سٻاجهڙي شاعري جي هڪ دؤر جو خاتمو ڪري ويو. سندس وڻندڙ لهجي واري شاعري جو هڪ پنهنجو مزو ۽ چس هو. سندس جدائي منهنجي لاءِ هڪ نه وسرندڙ زخم جيئن چڳندو رهندو. (آڪاش انصاري) تاجل اسان سڀني قومي ڪارڪنن لاءِ اهم شخصيت هئو سندس شاعري اتساهه جو سبب بڻي، آئون جڏهن هن جو ڪلام سنڌ منهنجي امان عابده پروين جي آواز ۾ ٻڌندو آهيان ته اکين مان پاڻي وهي ايندوآهي. تاجل جي لاڏاڻي تي دلي صدمو پهتو آهي. (رياض چانڊيو-مرڪزي سيڪريٽري جنرل جسقم) تاجل بيوس جو لاڏاڻو سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ڪلچرلاءِ وڏو نقصان آهي. تاجل هڪ اعليٰ پائي جو شاعر اديب، بهترين انسان ۽ دلبر دوست هئو.منهنجي ساڻس دوستي اٽڪل ٽيهارو سالن تي مشتمل هئي. سنڌ گذريل اڌ صديءَ دوران جيڪي وڏا قومي شاعر پيدا ڪيا تاجل انهن مان هڪ هئو. هن ۾ هڪ ئي وقت نظم ۽ نثر لکڻ جي زبردست صلاحيت هئي. ورهاڱي سنڌ کي، سنڌي ادب کي ۽ سنڌي ماڻهن کي جيڪي زخم ڏنا، گذريل ڪافي عرصي کان تاجل انهن کي ڀرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف هوندو هئو ڪيترا دفعا هندوستان ويو ۽ هينئر به اوڏانهن وڃڻ جون تياريون ڪري رهيو هئو ته اوچتو ٻئي رستي تي هليو ويو. سندس يادگيريون سندس عزيزن، دوستن ۽ سنڌ جي سڀني ساڃهه وند ماڻهن کي هميشه ياد رهنديون. اتفاق سان هو ڪراچيءَ ۾ رهندي هڪ کان وڌيڪ دفعا منهنجو پاڙيسري به رهيو ان ڪري به مان پنهنجو وڌيڪ نقصان محسوس ڪري رهيو آهيان. (عبدالخالق جوڻيجو) ذاتي ملاقاتن ۾، مون ۽ تاجل نالي مَٽ ڪئي هئي هو مون کي تاجل بيوس ڪري سڏيندو هو ۽ آءٌ کيس شمشيرالحيدري ڪري سڏيندو هوس. هن وقت آءٌ سچ پچ محسوس ڪريان ٿو ته شمشيرالحيدري خود تاجل جي روپ ۾ رحلت ڪري ويو آهي. (شمشيرالحيدري) ماڻهوءَ جي ڪُل حاصلات، ماڻهوءَ جو ماڻهپو آهي، جنهن بنياد تي ماڻهوءَ جي سماج اندر اصلي سڃاڻپ ٿئي ٿي. ادب ۾ تاجل سينئر شاعر، ڀلوڙ ليکڪ رهيو آهي اسان جي ساڻس هٿ ٻڌي هلڻ واري واٽ هئس. (ممتاز عباسي) تاجل بيوس سنڌي ٻولي ۾ ڌرتي جو درد رکندڙ شاعر سنڌي ٻولي جي متحرڪ ٿيل لفظن تي بنهنجي شاعري جي ذريعي نئون جياپو ڏنو تاجل نالو نمائنده شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. شاعر کانسواءِ تاجل هڪ وڏو ماڻهو هو اهڙن ماڻهن جي سنڌ ۾ کوٽ ٿيندي ٿي وڃي. سنڌڙي منهنجي امڙ توسان ناتو شال نڀايان ناتو شال نڀايان الا جهولي چنڊ جهلايان، مون ۾ تون موجود ازل کان بيوس ڪيئن سڏايان. (رزاق سهتو، ڪهاڻيڪار) تاجل بيوس جو وڇوڙو سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت لاءِ وڏو نقصان آهي. تاجل بنيادي طور ڌنار ڪلچر مان اُسريل شاعر هو، جنهن جي ٻوليءَ ۾ عام لوڪن واري مٺاس آهي، جيڪا هر شاعر جي شاعريءَ ۾ نٿي ملي. ڏٺو وڃي ته ماڻهو ڪنهن منصب تي پهچڻ کانپوءِ عام لوڪ کي وساري ويهندا آهن پر هو هڪ پل به عام لوڪ کان پري نه رهيو، جنهن جي سڳنڌ سندس شاعريءَ ۾ پڻ نظر اچي ٿي. سنڌ ۾ شايد ئي اهڙا شاعر هجن جن پنهنجيءَ جو درد سَٺو هجي.سنڌ جو هي اربيلو شاعر يتيميءَ جي ڪربناڪ درد مان به گذريو جنهن کيس زندگيءَ جا ڏک، ڏولاوا سمجهڻ جي سگهه عطا ڪئي، تاجل زندگيءَ جي ڪرب کي گوتم ٻڌ جي لفظن ۾ هيئن به ڏٺو ته ”زندگي ڏک آهي، زندگي ڏک آهي. ته نصيبن سندس جهول ۾ سک به وڌا آهن، شال ڌڻي تعاليٰ پونئيرن کي هي صدمو برداشت ڪرڻ جي سگهه عطا ڪري ۽ کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي. (همسفر گاڏهي، ڊپٽي ايڊيٽر پندرنهوار ”افيئر“ ڪراچي) تاجل سنڌ جو عڪس ۽ آواز هيو. هي بي لوث ۽ باوقار انسان هيو. هن جو لاڏاڻو سنڌي علم ۽ ادب جي هڪ دور جي پڄاڻي آهي. کلندڙ، مسڪرائيندڙ ۽ سڀني جي ڏکن ۽ سورن ۾ ساٿ ڏيندڙ تاجل بيوس جو موت، اسان سڀني کي ڏکيارو ڪري ويو آهي. سچ پچ منهنجو قلم لکڻ وقت منهنجو ساٿ نه ٿو ڏئي ته مان هن کي ڪيئن خراج عقيدت پيش ڪيان؟؟ (ڊاڪٽر ذوالفقار سيال) تاجل جو وڇوڙو نه فقط منهنجو ذاتي نقصان آهي، پر ادب ۾ هو جنهن اسڪول آف ٿاٽ جو پوئلڳ هو، انجو به ڇيهو آهي. (تاج بلوچ) تاجل بيوس سنڌ جي انهن اهم ۽ سگهارن شاعرن مان هو. جن مزاحمتي شاعري به ڪئي ته رومانوي به. هو پنهنجي مزاج ۾ هڪ صوفي صلبيت انسان هو. جنهن ۾ وڏائي نالي ڪابه شئي نه هئي. هٿ جو کليل ۽ سخي طبيعت انسان، سنڌ جي ثقافتي ورثي جو اعليٰ نمونو هو. هن سنڌي ٻوليءَ کي اعليٰ شعر به ڏنو ته بهترين نثر به. سنڌ جي ياد ۾ جڏهن انهن جي محبت ڪندڙن جو ذڪر ايندو ته تاجل بيوس انهن ۾ سرفهرست هوندو. (حميد سبزوئي) اسان تاجل سان گڏ رهيا آهيون، تاجل منهنجو پرائمري کان وٺي مئٽرڪ تائين استاد رهيو آهي. تاجل سان اڄ ڏينهن تائين دوستاڻو ۽ مائٽاڻو رشتو رهيو. تاجل اسان جي گهر جو وڏو ۽ اسان کي سنڀاليندڙ رهيو. تاجل تمام وڏو انسان هئو. هن انسان ذات جي وڏي خدمت ڪئي ۽ هن ڪنهن کي به نه ڏکايو. تاجل جي وڃڻ سان اسان جي زندگي ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي جيڪو صدين تائين نه ڀري سگهبو. تاجل وڏي شاعر هجڻ سان گڏ تمام وڏو انسان دوست هيو. (امان الله پٺاڻ) تاجل بيوس جي ملهايل پهرين ورسي رپورٽ: اصغر باغي سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد طرفان سنڌ جي سرموڙ شاعر تاجل بيوس جي پهرين ورسي ملهائي وئي جنهن ۾ گلشن حديد جي اديبن، شاعرن ليکڪن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ تاجل بيوس جي شخصيت ۽ سندس ادبي کيتر ۾ ڪيل ڪارنامن تي روشني وڌي. هن تقريب جي صدارت غني ڪانڌڙو ڪئي. جڏهن ته ڪارروائي سنگت حديد جي سيڪريٽري اصغر باغي هلائي، جنهن سڀ کان پهرين دعوت خطاب شفقت کوسو کي ڏني جنهن چيو ته تاجل بيوس هڪ باهمت انسان هو. هن جو تعلق خيرپور ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سان هو. تاجل ۾ ڳوٺاڻي سادگي نمايان نظر ايندي هئي هن پنهنجو مقام اهو ڀل عملي زندگي هجي يا ادبي کيتر ۾ پنهنجي حيثيت کي هند ۽ سنڌ ۾ مڃائي اهو ثابت ڪيو ته هو واقعي غير معمولي شخصيت جو ملڪ هو. ان بعد ديدار دانش ڳالهائيندي چيو ته تاجل بيوس هڪ محب وطن ۽ عوامي شاعر هو سنڌ جو ٻچو ٻچو سندس شاعري جو ديوانو آهي. هن شيخ اياز ۽ نياز همايوني جي موجودگي ۾ وڏو نانءُ ڪمايو. ان بعد اردو جي خوبصورت شاعر جبار منظر کي دعوت خطاب ڏنو ويو جنهن چيو ته تاجل بيوس سان منهنجي ملاقات اسلام آباد ۾ ٿي جڏهن سندس ملڻ ويو هئس ته مونکي ڊپ ٿي لڳو ته هو وڏو ماڻهو مونسان ملندو به يا نه پر جڏهن هو مونسان مليو ته يقين ڄاڻو ڄڻ ته مان سندس اڳ جو واقف هجان، سندس اهڙي پنهنجائپ محسوس ڪيم جو مان ان کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهان. ان بعد غوث پيرزادي چيو ته تاجل بيوس سنڌ جي جنهن چيڪي مٽي مان جڙيو هو تنهن مٽي جي خوشبو سندس وجود مان مونکي محسوس ٿيندي هئي، تاجل جي شخصيت غرور ۽ خود نمائي کان هميشه پري رهي تنهنڪري هر ماڻهو سندس جو مداح نظر ايندو هو هو واقعي خوبصورت شاعر هو جنهن پنهنجي مڃتا پڻ ماڻي. ان بعد مفتون ڪورائي کي دعوت ڏنو ويو. جنهن چيو ته تاجل غزل، وائي توڙي بيت جو تمام وڏو ۽ خوبصورت شاعر هو سندس ڪنهن دائري ۾ محدود نٿو ڪري سگهجي. ان بعد فيض جوڻيجي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته تاجل جي شاعري ۾ عوامي انداز هو تنهنڪري سندس شاعري کي مڃتا ملي. هڪ سٺي شاعر ۾ جيڪي فني خوبيون هجڻ گهرجن سي تاجل ۾ موجود هيون. ان بعد شميم سومرو خطاب ڪندي چيو ته اڄ اسان مان ڪو به اهو طئي نٿو ڪري سگهي ته تاجل ڪيڏو وڏو شاعر هو پر تاجل سنڌ لاءِ پنهنجي ڪرادار کي پيش ڪيو. هو ون يونٽ ڀٽي جي قتل ۽ ايم. آر. ڊي جي تحريڪ کان متاثر رهيو تنهنڪري سندس شاعري تي ان جا اثر واضح نظر اچن ٿا. ان بعد مظهر اڄڻ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته شاعر قومن جي ڏکن ڏولاون ۽ تڪليفن تي لکن ٿا. شاعر پنهنجي ذهن کي ولوڙي جيڪا تخليق ٿو ڪري تنهن جي طفيل قومن کي سجاڳي نصيب ٿئي ٿي. هو هڪ ئي وقت ڪيترن ئي محاذن تي وڙهي ٿو. هو پنهنجي ٻولي ۽ تهذيب کي بچائڻ ۾ پڻ ڪردار ادا ڪن ٿا. تاجل جي پڻ سڄي عمر ان راهه ۾ صرف ٿي. ان بعد اياز هڪڙي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته تاجل جيڪا سماج مان پيڙا محسوس ڪئي سا سندس جي شاعري ۾ واضح نظر اچي ٿي. ان بعد ڀٽائي جي پارکو يوسف ڪلوئي چيو ته تاجل سان مان رزاق آباد مشاعري ۾ مليس جنهن پنهنجي محبتن جو ايترو ته سرمايو مونکي ڏنو جو آءُ کيس زندگي ڀر نه وساري سگهندس يوسف ڪلوئي ڀٽائي جا بيت ٻڌائي سڄي محفل کي گرمائي ڇڏيو ان بعد نامياري شاعر اياز جانيءَ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته تاجل بيوس جهڙا انسان صدين بعد جنم وٺندا آهن. اهڙن انسانن پنهنجي قلم ذريعي جيڪا جنگ وڙهي آهي. پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن جو دفاع ڪيو آهي سنڌي قوم اهڙن امر انسانن کي ڪيئن وساري سگهندي.سنگت حديد جي سيڪريٽري اصغر باغي کي جس هجي جنهن پنهنجي عظيم محسن تاجل بيوس لاءِ هي ميڙاڪو ڪري اهو ثابت ڪيو ته تاجل اسان سان ڪڏهن به جدا ٿي نه ٿو سگهي. تاجل پاڻ کي جديد دور جي وڏن شاعرن ڀٽائي، سچل، سامي خليفي نبي بخش، ڪشن چند بيوس کان پوءِ اڀرندڙ شيخ اياز، نياز همايوني ۽ استاد بخاري جي صف ۾ پنهنجو پاڻ کي بيهاري اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته جيڪي شاعر پنهنجي سرزمين سان رشتو جوڙين ٿا سي ئي سماج ۾ جڳهه والاري سگهن ٿا. ان بعد اصغر باغي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته تاجل بيوس جو تعلق هڪ غريب خاندان سان هجڻ باوجود هن پنهنجي محنت، همت ۽ ڏاهپ سان نه صرف اعليٰ عهدن تي رهيو. پر هن ادبي دنيا ۾ هند ۽ سنڌ ۾ پنهنجو وڏو مقام حاصل ڪيو ان اعليٰ منزل تي پهچڻ لاءِ ماڻهو پنهنجيون زندگيون صرف ڪن ٿا پر تاجل اهو مقام ٿوري ئي عرصي ۾ حاصل ڪري ورتو تاجل جي شاعريءَ ۾ حب الوطني ۽ عوامي رنگ هجڻ ڪري هو اياز جي صف ۾ وڃي بيٺو، تاجل بيوس ۾ سڀ گڻ موجود هئا جيڪي هڪ سٺي انسان ۾ هجڻ گهرجن سندس ملنسار طبيعت نئين ماڻهو کي پنهنجو مداح ٺاهي ڇڏيندي هئي. ان بعد صدارتي خطاب ڪندي غني ڪانڌڙي چيو ته تاجل بيوس پنهنجي شاعري ذريعي مقام حاصل ڪيو آهي تنهن کان ڪنهن کي به انڪار ڪونهي. هو هڪ بهترين عوامي شاعر جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي. هن پروگرام ۾ ڊاڪٽر غفور ميمڻ هدايت، لالا اڪرم ۽ جمشيد کوسو کان علاوه وڏي تعداد ۾ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. بشڪريه وڪيپيڊيه، ويچار ڊيسڪ، ۽ عوامي آواز نوٽ: مرحوم تاجل بيوس جي زندگيءَ جي هن مختصر خاڪي جو 99 فيصد احوال سندس جڳ مشهور ڪتاب ” ڏوريان ڏوريان مَ لهان“ جي ٿورن سان ورتو ويو آهي،http://www.youtube.com/watch?v=SbLyQkUAvtU http://www.youtube.com/watch?v=HA1yNHq_HS4&feature=related تاجل بيوس جي هڪ خوبصورت شاعري مهراڻ ٽي وي جي ٿورن سان
جواب: تاجل بيوس جي ورسي رپورٽ مٺڙا دوست، آءُ اوهانجا ٿورا ڪيئن لاهيان؟ اوهانجي هن ونڊ سان ڪجهه اکين ۾ آب آيو، ڪجهه يادون تازيون ٿيون ۽ پنهنجي گهر جا ڀاتي ڏسي سڪائتي سرزمين تي ڇنڪار پڻ ٿيو ۔۔۔ سائين تاجل بيوس جي شخصيت تي ڇا چئجي؟ سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪيئن ڪجي؟ ۔۔۔ انجو ڪجهه اظهار ته اسان جي محترم اديبن ۽ سائين بيوس جي ساٿين ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔ مهرباني دوست