• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

احمد خان مدهوش جو ڪلام

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
السلام عليڪم
دوستو مونکي احمد خان مدهوش جو ڪلام
در ضبط جا ٽوڙي نڪتا هِن، سُڏڪن کي الائي ڇا ٿيو آ۔۔۔۔
گهرجي ٿو۔۔۔ مون وٽ سڄڻ سنڌي جي آواز ۾ آهي پر لفظ سمجهه ۾ نٿا اچن۔۔۔
ادا محمد سليمان وساڻ توهان وٽ اگر هجي ته موڪليندا ته مهرباني ٿيندي۔۔
 
ڀاء مون وٽ اها شاعري موجود ناهي، باقي جيڪي لفظ سمجهه ۾ نه ٿا اچن ته اهي پڇي وٺو ۔۔۔

اوهان مڪمل شاعري شيئر ڪريو ۽ جيڪي لفظ سمجهه ۾ نه ٿا اچن انهن کي ڳاڙهي رنگ ۾ موڪليو
 
” جان پا کڻي جهاتي هيڪر، تان عڪس لڳن ٿا سڀ وڻجي (بڻڇي) ۔۔ اهو جملو سمجه نه ٿو اچي
هي ڏوهه نه آ آئينن جو ، چهرن کي الائي ڇا ٿيو آ،
در ضبط جا ٽوڙي نڪتا هِن، سُڏڪن کي الائي ڇا ٿيوآ
هڪ ٻئي جي پُٺيان ڊوڪندا ٿا اچن، لُڙڪن کي الائي ڇا ٿيو آ۔۔۔

جي اُڌما کائي اُٿندا هِن، هي ڇاتي ڇلجي پوندي آ،
ڪو چين نه ڪو آرام اٿن، جذبن کي الائي ڇا ٿيوآ،

سڪ قُرب الائي ڪاڏي ويو، هڪ ٻئي سان اوکي ويلي ۾،
هرڪو ٿو وڃي منهن موڙيندو، رشتن کي الائي ڇا ٿيو آ،

ڏند قُلف ڪري چپ بند ڪيم، ڄڻ ٻوڏ اڳيان ڪو بند ٻڌم،
هر رنڊڪ ٽوڙي اُڪري ويا، لفظن کي الائي ڇا ٿيو آ،
 
هي
ڀاء مون وٽ اها شاعري موجود ناهي، باقي جيڪي لفظ سمجهه ۾ نه ٿا اچن ته اهي پڇي وٺو ۔۔۔

اوهان مڪمل شاعري شيئر ڪريو ۽ جيڪي لفظ سمجهه ۾ نه ٿا اچن انهن کي ڳاڙهي رنگ ۾ موڪليو
مڪمل گيت انڊس سائونڊ جي ويب تي موجود آهي ڊائونلوڊ ڪري ٻڌندا ۽ لفظ به اتاريندا
 
هي

مڪمل گيت انڊس سائونڊ جي ويب تي موجود آهي ڊائونلوڊ ڪري ٻڌندا ۽ لفظ به اتاريندا

محترم اي جي صاحب مونکي هِن سٽ جو آخري لفظ سمجهه ۾ نه پيو اچي ته محترم سڄڻ سنڌي ”سڀ وڻڇي ئ سڀ بڻڇي “ ٿو چوي ۔ جان پا کڻي جهاتي هيڪر، تان عڪس لڳن ٿا سڀ وڻجي (بڻڇي) ۔۔
اگر توهان کي صحيح لفظ ايندو هُجي ته ٻڌائيندا ۔
 
Back
Top