3250 اٽيچمينٽ ڏسو جڏهن علمِ ڪيميا جي تحقيق جي اُڪير کڻي ٻارن ساڻ تُرڪي جي اُترين شهر ترابزون پُهتس ته هتي منهنجي ميزبان منهنجي سُپروائيزر ڊاڪٽر مُنِور سوڪمين هئي۔ جنهن ايئرپورٽ تان کڻي اچي ڪرادينيز ٽيڪينڪل يونيورسٽي جي هڪ گيسٽ هائوس ۾ آڻي ڇڏيو ۽ چيائين ته هتي تون ٻارن سميت هڪ هفتي لاءِ آرام سان رهي سگهين ٿو ۽ تيسين پاڻ گڏجي ڪا سُٺي ڄڳهه هٿ ڪري وٺنداسين جيڪا مُناسب هُجي رهائش ۽ ڪرائي ۾۔ ۽ ٽِن ڏينهن بعد جڏهن جڳهه ڳولي ورتيسون ته جڳهه ۾ رنگ روغن جو ڪم ڪندڙ هڪ اڌڙوٽ عُمر جو گنجڙو سنهو شخص بس هڪ عام ڪم ڪندڙ مزدور لڳو۔ توڙي جو هُن ترڪي ٻولي ۾ ڪافي ڪُجهه چيو پئي منهنجي ميڊم کي ۽ ساڻس گڏ آيل منهنجي مدد لاءِ هڪ شاگرد کي به پر مونکي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ٿو چئي۔ پر جڏهن هِن جڳهه ۾ شفٽ ٿياسين ته خبر پئي هُو هتي پاڙي ۾ ئي رهي ٿو ۽ اسان جي هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ آتو آهي۔ پهرين ته مون هر سنڌي جيان اهو ئي سمجهيو ته هي اُنهن تُرڪن مان آهي جيڪي سندن سلطنت عُثمانيه جي ٽٽڻ وقت سنڌين جي ڪيل مدد (جنهن مان کين فائدو گهٽ پر سنڌين کي مار گهڻي پئي) جو ٿورو لاهڻ وارن مان آهي پر ايئن هُجڻ سان گڏ هِن همراهه جي طبيعت ئي مدد ڪرڻ وارن مان هئي۔ توڙي جو هو انگلش ۽ آئون ترڪش جا ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جهڙا لفظ پيا سمجهون پر پوءِ به هُن سان ڳالهه ٻولهه پئي ٿيندي رهي آهي۔ هِن ڀلي ماڻهو کي اسان جي فليٽ واري اپارٽمينٽ جي مالڪ هن بلڊنگ جي سار سنڀال جي ذميداري ڏني آهي۔ هو کيس پنهنجو رفيق (دوست) چئي ٿو۔ پر يوسف اسان کي جتي گهر جي بنيادي ضرورتن جي شين جو بندوبست ڪري پئي ڏني ساڳي وقت هُن پاران پنهنجائپ جو رويو انهي سڀني شين کان ڪيئي دفعا وڌيڪ هو۔ خاص ڪري جڏهن هتي اچانڪ ٿڌ سان واسطو پوڻ ڪري منهنجي زوجه (تُرڪي ۾ به زال کي زوجه چون) بيمار ٿي پئي ته هِن نه رڳو پنهنجي گهرواري کي منهنجي گهر موڪليو تيماداري لاءِ پر مون کي ٻُڌائي نه سگهڻ جي ڪري ميڊم جي هڪ شاگرد جي معرفت مون تائين ليبارٽري ۾ نياپو موڪليائين ته گهر پُهچ تنهنجي گهرواري بيمار آهي۔ ۽ پوءِ چاڪائي تائين سندس گهروارن اسان جي هر مُمڪن مدد ڪئي ٿي۔ هفتو کن گذريو ته هِن اسان کي ڊنر (سانجهاندي) تي گهُرايو۔ هيستائين ته اسان ڪمين ڪارين ڪُجهه اشارن، ڪُجهه موبائيل تي گوگل ٽرانسليشن ۽ ڪُجهه سمجهه ۾ ايندڙ لفظن تي ڪَم هلايو ٿي پر انهي ڏينهن سندس گهر وڃي دعوت کائڻ جي تڪلف کان وڏو اُلڪوساڻن ڳالهه ٻولهه ڪرڻ هو۔ پر هُنن کي به اهو سڀ سُجهيو پئي سو هُنن اڳواٽ ئي ٻِن ننڍين لغت (ڊڪشنريز) جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو۔ هڪ هئي انگلش ٽو ترڪش جيڪا هنن اسان کي ڏني ۽ ٻي هئي ترڪش ٽو انگلش جيڪا هُنن پاڻ وٽ رکي۔ يوسف بهادر کي چار نياڻين جي اولاد آهي۔ جن مان ٻه وڏيون جاڙيون اٿس ۽ اٺين ڪلاس ۾ پڙهن ٿيون۔ ٻه وري پوءِ دير سان ٿيون اٿس جيڪي ننڍيون آهن۔ شايد هڪ اسڪول وڃي۔ گهرواري گهرداي ڪندڙ عورت (هائوس وائف) آهي۔ اُنهن جاڙين ڇوڪرين جي مدد سان ڳالهه ٻولهه هلي ته خبر پئي هتي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم مُفت آهي باقي خانگي اسڪولن ۾ ٻار پڙهائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي۔ ڇو ته هتي به پاڻ جيان خانگي اسڪول ڪافي مهانگا آهن ۔ ۔ ۔ يوسف بهادر وارا اصل هڪ ڳوٺ جا آهن جيڪو هتان کان ڪو ستر ڪلوميٽر پري آهي۔ هتي کين گهر پنهنجو آهي ۽ هو ڳوٺ به ويندا رهن ٿا۔ اسان جڏهن کين پنهنجي ڳوٺ جا احوال ڏنا ۽ خبرون چارون ٿيون ته چوڻ لڳا سيارو گذري ته هلي اسان جو ڳوٺ به ڏِسو۔ هُنن اسان کي اُن رات جيڪي چانور کارايا سي منهنجي يادگيري ۾ مون پنهنجي مُلڪ ۾ ڪڏهن به نه کاڌا آهن۔ اسان جڏهن سعودي ۾ هئاسين ته گوشت ۾ تيار ٿيل آهي نمڪين چانور (جن کي اسان اڇو پُلاؤ چوندا هئاسين) جام کاڌا هئا۔ خاص ڪري شداد جي وادي ۾ عرب بدوئن جي دعوت ۾ ننڍي هوندي بابا سان گڏ ويندو هئس ته اهي چانور هڪ وڏي (فُل سائيز ڊائننگ ٽئبل سائيز) جي ٿالهه ۾ پيل هوندا هئا ۽ وچ ۾ ننڍي پهرُو جي سڄي ران پيل هوندي هئي۔ چوڦير اٺ ڏهه ڄڻا ويهي انهي ٿالهه کي ٻرو ڏيندا هئا۔ اصل وري وري کائڻ تي دِل پئي چوندي هئي۔ منهنجو ننڍو چاچا حاجي علي بّخش ته ملڪاڻي به ۾ ڪيئي دفعا ڀلا چانور ۽ گوشت رُڳو اهو تجربو ڪندي وڃايا پر اها نمڪيني ۽ اُهو ٽيسٽ نه اچي سگهيو۔ هتي هِن مُلڪ ۾ هڪ دفعو وري ويهه ٻاويهه سالن کان پوءِ اهو ساڳيو سواد سو به مرغي جي گوشت ۾ مليو۔ کائي ته جيڪو مزو آيو سو آيو پر يادون تازه ٿي ويون۔ انهي رات هِنن سان ڪچهري ڪندي خبر پئي ته ترڪي ٻولي جيئن ته آسپاس جي سڀني مُلڪن (جهڙوڪر بلغاريه، يونان، عربستان، ايران) جي ٻولين جي چاشني ۾ جُڙي راس ٿيل آهي سو اسان جا يا وري چئجي ته اردو جا به ڪافي لفظ هنن جي ٻولي سان ملن ٿا يا هڪجهڙائي اٿن۔ جهڙوڪر انار، زوجه، نقطه، دُڪان، سياهه، رفيق، رقيب، ٽماٽو وغيره۔ يوسف بهادر هڪ وچولي طبقي جو ماڻهو آهي۔ ٻارن کي پڙهائڻ جو شوق اٿس۔ پاڻ ريس جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ ڄاڻي۔ فليٽ واري اپارٽمينٽ جي بيسمينٽ ۾ هڪ ڪاٻاڙ خانو اٿس۔ جنهن ۾ دنيا جهان جون ڪم واريون توڙي اجايون شيون پيو اٿس۔ ڪمن ڪارن مان واندڪائي مهل ڪنهن نه ڪنهن خفت ۾ لڳو رهي ٿو۔ کيس واڍڪي ڪم سان شوقيه لڳا آهي۔ ننڍيون پر خوبصورت شيون ٺاهڻ جو شؤق اٿس۔ سندس هٿن ۾ هُنر جي ڪري سندس هٿ ڪڏهن به تنگ نه ٿو رهي۔
ڀلو ڀلو ۔۔۔ اهائي ڳالهه مون اوهان کي وڃڻ وقت عرض رکي هئي ته پنهنجي احوال ته ضرور ڏجو پر ڪنهن ڪالم واري انداز سان۔۔۔ باقي يار ها۔۔۔۔ ٻيلي ترڪي وئي هفتو ڏيڍ ٿيو اٿئي ۔۔۔۔ تنهنڪري صورتخطي جون ايتريون چُڪون ۔۔۔۔ سال کان پوء الائي ڇا ٿيندو ۔۔۔۔ هاهاهاها ۔۔۔ مان گهڻيون درستگيون ڪري ڇڏيون آهن۔
پر منهنجي نظر ۾ ايندي هي ڪالم چڪن کان پاڪ مليو۔۔۔ پڙهندي الائي ڇو الطاف شيخ جي سفرنامن جي ياد اچڻ لڳي۔۔۔ هوئن به حفيظ جي لکڻي هاڻي سفرنامن ۾ تبديل ٿيڻ لڳي آهي۔۔۔ بظاهر معمولي واقعي کي ڪيڏو نه دلچسپ انداز سان لکيو اٿن۔۔۔ سندس ليک ۾ ٻيا کوڙ سارا احساس ته محسوس ٿيا ئي پر هڪ صاف نظر پيو اچي ته سندس ترڪي ياترا اصل يادگار ۽ دلچسپ هوندي۔۔۔ مون کي هڪ ڊپ به آهي ته متان ڪنهن اخبار واري همراه جي هن ڪالم تي نظر پوي ۽ هو حفيظ سان معاهدو ڪري ويهي ته پنهنجا سمورا ڪالم اخبارن کي پهريان موڪل ۽ وري مصروفيت سندس ليک سنڌ سلامت تي آڻڻ نه ڏئي۔۔۔ پر اميد رکجي ٿي ته سنڌ سلامت جي چاهيندڙن کان پنهنجي چاشني وارا لفظ ٻئي کي کسڻ نه ڏيندو۔۔۔
هاهاهاهاها! اخبار وارن جا در ڪڏهن کُليل ته ڪڏهن بند پر هن فورم جو در هڪ دفعو کُليو ته پوءِ مهمان توڙي ميزبان چاهي ته به بند ناهي ٿيڻو۔ تنهنڪري هاڻي اهڙي چُڪ نه ٿيندي۔ يقينن هي هڪ يادگار وقت آهي جيڪو جيترو ٿي سگهيو سؤلي ڀاشا ۾ دلچسپي سان پيش ڪبو۔